ڦڏين تصويرن کي سڌو ڪريو

'فوٽو شاپ' فورم ۾ ابو واصف طرفان آندل موضوعَ ‏7 اپريل 2011۔

  1. ابو واصف

    ابو واصف
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جولائي 2009
    تحريرون:
    266
    ورتل پسنديدگيون:
    386
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    ڌنڌو:
    سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ ۾ ڪمپيوٽر آپريٽر
    ماڳ:
    لطيف آباد نمبر4، حيدرآباد
    دوستؤ! جڏهن اسان انٽرنيٽ تان تصويرون ڊائون لوڊ ڪندا آهيون، يا اسڪينر جي ذريعي اسڪين ڪندا آهيون ته اسڪين ڪرڻ دوران ڪجهه تصويرون ڦڏيون ٿي پونديون آهن. جن کي اسين هونئن ته Rotate ذريعي سڌو ڪندا آهيون، جنهن ۾ شايد اسان کي ڪجهه وڌيڪ محنت ڪرڻي پوندي آهي. اڄ آئون اوهان کي هڪ اهڙو ٽوٽڪو ٻُڌايان ٿو، جنهن ذريعي ڪمپيوٽر اوها جي ڦڏين تصويرن کي آٽو روٽيٽ ڪندو. اوهان ڪو اهڙو اميج اوپن ڪريو، جيڪو ڦڏو هجي، پوءِ ٽول بار ۾ اچي Eyedropper ٽول جي ڊائون ايرو کي ٿوري دير پريس ڪري بيهندا ته اوهان کي ان جا ’سب ٽول‘ نظر ايندا. جنهن مان اوهان Ruler Tool کي سليڪٽ ڪندا. اسڪرين شاٽ ڏسو:

    [​IMG][/CENTER][/IMG]

    هاڻي جنهن اينگل تي اوهان جي تصوير ڦڏي آهي، ان طريقي سان Ruler Tool سان مائوز کي ڊريگ ڪريو. وضاحت لاءِ هي اسڪرين شاٽ ڏسو:

    [​IMG][/CENTER][/IMG]

    ان کان پوءِ اوهان Image جي مينيو ۾ اچي Image Rotation ۾ اچي Arbitrary کي سليڪٽ ڪندا. (اسڪرين شاٽ ڏسندا)

    [​IMG][/CENTER][/IMG]

    اوهان ڏسندا ته اوهان جي تصوير جيتريقدر ڦڏي آهي، اوتري قدر اوهان جي تصوير جي وضاحت اوهان جي سامهون ايندي. هاڻي اوهان OK کي دٻايو ته اوهان جي تصوير جي رزلٽ ڪجهه هن طرح وڃي بيهندي:

    [​IMG][/CENTER][/IMG]
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عبدالڪريم چانڊيو

    عبدالڪريم چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 فيبروري 2011
    تحريرون:
    482
    ورتل پسنديدگيون:
    848
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    وڪالت
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: ڦڏين تصويرن کي سڌو ڪريو

    معلومات ته مفيد آهي پر ايتري محنت اسان کان ٿي سگهندي؟ آخر آءُ به ته سنڌي آهيان نه ۔
     
  3. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: ڦڏين تصويرن کي سڌو ڪريو

    ادا ابو واصف فوٽو شاپ فيلڊ دوستن لاءِ ڪار آمد ٽوٽڪو آهي.
    ٿورا.
     
  4. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: ڦڏين تصويرن کي سڌو ڪريو

    تمام ڀلي نموني سمجهائي رهيا آهيو۔۔۔
    بس ان ڪم کي جاري رکندا ۔۔۔ يقينن فوٽوشاپ جا ڪيترائي مون جهڙا سيکڙاهٽ توهان جي هنن ٽوٽڪن مان فائدو حاصل ڪندا ۔۔۔
     
  5. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: ڦڏين تصويرن کي سڌو ڪريو

    ادا تمام زبردست ونڊ آهي .
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو