ويسٽ انڊيز جي دوري لاءِ قومي ڪرڪيٽ ٽيم جو اعلان، آفريدي ڪپتان برقرار، ڪامران اڪمل، يو

'سنڌ سلامت سپورٽس' فورم ۾ پسر شهيد طرفان آندل موضوعَ ‏8 اپريل 2011۔

  1. پسر شهيد

    پسر شهيد
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏11 مارچ 2011
    تحريرون:
    84
    ورتل پسنديدگيون:
    5
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    student
    ماڳ:
    ايران " قم
    لاهور (اسپورٽس ڊيسڪ) ويسٽ انڊيز دوري لاءِ قومي ڪرڪيٽ ٽيم جو اعلان ڪيو ويو آهي، ورلڊڪپ اسڪواڊ جي سينيئر رانديگرن کي آرام ڏنو ويو آهي، ويسٽ انڊيز جي دوري ۾ ون ڊي ۽ ٽوئنٽي-20 ميچن لاءِ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جو اعلان ڪيو ويو، آل رائونڊر عبدالرزاق، وڪيٽ ڪيپر ڪامران اڪمل ۽ يونس خان کي ڊراپ ڪيو ويو آهي، جڏهن ته فاسٽ بالر عمر گل ذاتي سببن جي ڪري دوري تي وڃڻ کان معذرت ڪئي آهي، ڪپتان شاهد آفريدي جي قيادت ۾ 16 رڪني اسڪواڊ ۾ 3 رانديگر بيٽسمين عثمان صلاح الدين، فاسٽ بالر اعزاز چيما ۽ وڪيٽ ڪيپر محمد سلمان پهريون ڀيرو قومي ٽيم ۾ شامل ڪيا ويا آهن، ان سان گڏوگڏ ورلڊڪپ لاءِ قومي اسڪواڊ ۾ شامل جنيد خان ۽ آل رائونڊر حماد اعظم به خوشقسمت رانديگرن ۾ شامل ٿيا آهن، اسڪواڊ ۾ اڪمل برادرز مان صرف عمر اڪمل ئي برقرار رهي سگهيو آهي، وڪيٽ ڪيپر ڪامران اڪمل جي ذميواري فيصل آباد جي محمد سلمان کي ڏني وئي آهي، پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم ويسٽ انڊيز دوري ۾ 5 ون ڊي، 2 ٽيسٽ ۽ هڪ ٽوئنٽي-20 ميچ کيڏندي، ٽيم هنن رانديگرن تي مشتمل هوندي، شاهد آفريدي (ڪپتان)، محمد حفيظ، احمد شهزاد، توفيق عمر، عثمان صلاح الدين، مصباح الحق، اسد شفيق، عمر اڪمل، عبدالرحمان، سعيد اجمل، وهاب رياض، تنوير احمد، جنيد خان، حماد اعظم، اعزاز چيما ۽ محمد سلمان تي مشتمل آهي، ٽيسٽ ميچن لاءِ قومي ڪرڪيٽ ٽيم جو اعلان بعد ۾ ڪيو ويندو


    ڪاوش
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو