عبدالقيوم سڪندري
سينيئر رڪن
خليفي نبي بخش لغاري جي شاعري
سر ڪيڏارو
فصل پهريون
شجاع ! نيڪ صلاح ، وٺ ته ويري نه پسين
ڄاڻـــــــــــــي هيڪ الله ، قلم جنهن جي هٿ ۾
شجاع! سنڌ مَ ويــــــــــــــــــهه ، اوڏا اڏي نجهرا
هي تني جو ڏيهه ، حامي حيــــــــــــــــــدر جن جو
شجاع! ويــــــــــهه مَ سنڌ ، اوڏا اڏي نجهرا
هتي راوت رانـــــــــــــد ، وتن قلعي ڪوڏيا.
اچي اڄ امــــير ، کرڙيءَ خيما کوڙيا
ڀيـــچي ڀيڙا نه ٿيا ، مهند نه آيا مــــير
ڏنو سر ســـــــــڌيرَ، مرتضى ميدان ۾ .
کرڙي کائي رت، ڀــت نه وجهي وات ۾
پڙ ۾ پهلوانن جي ، ويٺي پرکي پـــــت
جني نيڻ نست، نينهن نه لائي تن سين.
کرڙي کائي ماه، پيئي رت پيــــــــــــاليون
ويٺي سڏي شاه، جو ڏيندو سر ڏياچ جان
کرڙي کپن پير ، ته مون وڏو وس ڪئو
ڪوڙين ڀڳا ڪيترا، ٻڌي دنـــــــــگ دلـير
وڏو سڄي ويــــــر، ڪنهن پــــــــــر ڪاٽيان
ڪونڌ قلعي جا ڪوڏيا، نونڌ نچندا پس
ڇڏي تن ترس، پلٽـــــــيو شاه پٺــــــــاڻ تي
ڪونڌ قلعي جا ڪوڏيا، ڪانئين مور نه ڪن
ايندي لاٿو آســــــــــرو ، توڙئون مٿان تـــــــــــــن
جوڳ مچائي جــــــن، پوک پچندي تـــــــن جي .
پره جهلندا پس ، علم _ طـــوق امــــــير جا
تـــــڙ ترتيين گـــــڏيا، لــــــوٿون لڇــــــــن لس
حورون پائي هس، اچي ويٺيون اوڏڙيون.
ڪري پوه پٺاڻ ، اچي پئو اوچتو
دَؤڙيا لک درياه ڏي ، تارو رکي تاڻ
جنهن مرتضى سين ماڻ ، سو راه ڀريندو رڪ جي.
مٿي آرڻ اڄ ، ڪونڌ ڪڏي آئيا
پڙ ۾ پهلوانن کي ، لڏڻ ڏي نه لڄ
ڀيٽو وڃن ڀڄ ، سائو ٿين سامهان.
پڙ ۾ پوڙيءَ رنگ، مانجهين رتا مولهيا
تريا رٿ ترنگ ، رڻ ۾ راماڻا ڪري.
ڪٽاري ۽ ڪات ، من مرادون پنيون
رت ڀريائون وات، مانجهين هڏ مڇائيا.
هلو هلو مانجهيا! ويريين وٺون وير
جيئڻ ٿورا ڏينهڙا ، پوءِ ڳڻبا پير
ٿيندو سڏ سوير ، صبح شهيدن کي.
سڃاتائون سڏ ، جيءُ جيءُ ڪري اٿيا
غازي ٿيندا گڏ ، امل علي شاه سين
حافظ عبدالقيوم مهر