هن کي ته جنت ۾ هجڻ گهرجي ها؟ ملتان (بي بي سي) ديري غازي خان ۾ سخي سرور درٻار تي آپگهاتي حملي جي ناڪام ڪوشش ڪندڙ 15 ورهين جي عمر عرف فدائي جاچ دوران ٻڌايوآهي ته آپگهاتي بمبار بڻائڻ واري امير هن کي ٻڌايو هو ته ”درٻار تي ويندڙ آمريڪين کان به وڏا ڪافر آهن“ هن جو والد ڪراچي ۾ فيڪٽري ۾ ڪم ڪندو هو ۽ اتي ئي بم ڌماڪي ۾ مارجي ويو هو. هو افغان سرحد طورخم جو رهواسي آهي ۽ ڏکڻ وزيرستان جي مرڪزي شهر وانا ۾ نور پبلڪ اسڪول ۾ ڏهين پڙهندو هو. اتان ئي طالبان مون سان ملاقات ڪئي ۽ مرڪز وٺي ويا ۽ فدائي نالو رکيو. اسپتال ۾ ڊاڪٽرن کائنس پڇيو ته تو ايڏي تڪليف ڇو کنئي، هڪ ٻانهن ڪٽجي وئي اٿئي، جسم سڄو زخمي آهي.تنهن تي هن جواب ڏنو ته اها سموري تڪليف هن جنت ۾ وڃڻ لاءِ کنئي آهي. هن کي ان حالت ۾ به ڪو خوف نه هيو. ڊاڪٽرن موجب هوش ۾ اچڻ کان پوءِ هن چيو ته هن کي ته جنت ۾ هجڻ گهرجي ها. هو هت ڇو آهي. ديري غازي خان جي آر پي او احمد مبارڪ ميڊيا کي ٻڌايو ته عمر ٻڌايو آهي ته آپگهاتي حملن جي سکيا لاءِ طورخم ۾ 5 ٽريننگ ڪئمپون قائم آهن. جيئرو هجڻ تي طالبان ماري وجهندا.
جواب: هن کي ته جنت ۾ هجڻ گهرجي ها؟ ٻلي ست ڪوئا کائي حج تي هلي سو اتي به اهڙي سوچ جا مالڪ آهين جيڪي ناحق خون ڪري جنت ۾ وڃڻ چاهين ٿا مسلمان جي اهڙي عقل کي شابس آهي
سچ پڇو ته اهو سڀ ٿي رهيو آهي ۽ مونکي يقين ڪونه ٿو اچي. هن خبر جا وڌيڪ تفصيل پڙهڻ لاء بي بي سي جي هن لنڪ تي ڪلڪ ڪيو.
جواب: اسپتال ۾ ڪيئن؟ مان ته جنت ۾ وڃڻ وارو هيس ادا عسڪري صاحب ونڊ جي مهرباني، وڌيڪ سائين وسان صاحب جي جن ثبوت طور لنڪ به ڏني، الله سائين اسان کي اهڙن لٽيرن کان پناه ۾ رکي۔
جواب: اسپتال ۾ ڪيئن؟ مان ته جنت ۾ وڃڻ وارو هيس الله اهڙن ماڻهن کي سمجهه ڏئي باقي آهي وڏي ڳالهه جيڪي ماڻهو ڌماڪا ڪن ٿا انهن جي ذهن کي اهڙي ته برين واش ڪيو ويو آهي جو الله پناه ڏي سدائين گڏ