محمدجوادعسڪري
سينيئر رڪن
هن کي ته جنت ۾ هجڻ گهرجي ها؟
ملتان (بي بي سي) ديري غازي خان ۾ سخي سرور درٻار تي آپگهاتي حملي جي ناڪام ڪوشش ڪندڙ 15 ورهين جي عمر عرف فدائي جاچ دوران ٻڌايوآهي ته آپگهاتي بمبار بڻائڻ واري امير هن کي ٻڌايو هو ته ”درٻار تي ويندڙ آمريڪين کان به وڏا ڪافر آهن“ هن جو والد ڪراچي ۾ فيڪٽري ۾ ڪم ڪندو هو ۽ اتي ئي بم ڌماڪي ۾ مارجي ويو هو. هو افغان سرحد طورخم جو رهواسي آهي ۽ ڏکڻ وزيرستان جي مرڪزي شهر وانا ۾ نور پبلڪ اسڪول ۾ ڏهين پڙهندو هو. اتان ئي طالبان مون سان ملاقات ڪئي ۽ مرڪز وٺي ويا ۽ فدائي نالو رکيو. اسپتال ۾ ڊاڪٽرن کائنس پڇيو ته تو ايڏي تڪليف ڇو کنئي، هڪ ٻانهن ڪٽجي وئي اٿئي، جسم سڄو زخمي آهي.تنهن تي هن جواب ڏنو ته اها سموري تڪليف هن جنت ۾ وڃڻ لاءِ کنئي آهي. هن کي ان حالت ۾ به ڪو خوف نه هيو. ڊاڪٽرن موجب هوش ۾ اچڻ کان پوءِ هن چيو ته هن کي ته جنت ۾ هجڻ گهرجي ها. هو هت ڇو آهي. ديري غازي خان جي آر پي او احمد مبارڪ ميڊيا کي ٻڌايو ته عمر ٻڌايو آهي ته آپگهاتي حملن جي سکيا لاءِ طورخم ۾ 5 ٽريننگ ڪئمپون قائم آهن. جيئرو هجڻ تي طالبان ماري وجهندا.