ڏاڏل شينو
سينيئر رڪن
وَڃِين ڇو وَڻِڪارِ؟ هتِ نه ڳولئِين هوتَ کي؛
وَڃِين ڇو وَڻِڪارِ؟ هتِ نه ڳولئِين هوتَ کي؛
لِڪو ڪِينَ لَطِيفُ چئي، ٻاروچو ٻِئي پار؛
ٿِيءُ سَتِي، ٻَڌُ سَندِرو، پِرتِ پُنهونءَ سين پارِ؛
نانئَي نيڻَ نِهارِ، تو ۾ ديرو دوستَ جو.
لِڪو ڪِينَ لَطِيفُ چئي، ٻاروچو ٻِئي پار؛
ٿِيءُ سَتِي، ٻَڌُ سَندِرو، پِرتِ پُنهونءَ سين پارِ؛
نانئَي نيڻَ نِهارِ، تو ۾ ديرو دوستَ جو.
سُر سسئي آبري داستان ٽيون بيت نمبر 7
هن حقيقت کان ڪو انڪار ڪونهي ته عاشقن و سالڪن هميشه ان ملڪ جو احوال سُرن يا اشارن و ڪنارن ۾ ڪيو آهي جيڪو ملڪ يا جا حقيقت عام ماڻهون ناهي ڏٺو. مثال جي ڪنهن دُدُر جو وڻ ناهي ڏٺو ته ٻئي کي ڪيئن سمجهائي ته دُدُرجو وڻ ڪيئن ٿيندو آهي پوءِ ان لاءِ سمجهائڻ ۾ تشبيهات جو سهارو وٺڻو پوندو. ائين شاھ صاحب جا حقيقت عام فهم ناهي تنهن کي سمجهائڻ لاءِ ڪنهن وقت مارئي ته ڪنهن وقت سسئي ته ڪنهن وقت سهڻي ميهار ته ڪنهن وقت ڪيڏارو ته ڪنهن وقت ڪهڙي ته ڪنهن وقت ڪهڙي سُر ۾ رهي ڳالھ ڪئي آهي .
مٿين مذڪوره شعر جي اڳيان ۽ پٺيان وارن اشعارن ۾ جي اوهان غور ڪندو ته هي اشعار ونحن اقرب........... يعني الله انسان کي ان جي ساھ جي رڳ کان به ويجهڙو آهي جي تشريح ٿا لڳن.
جيئن ان کان پهريان واري شعر ۾ شاھ صاحب ٿو فرمائي
جو تو ڏور ئي ڏور، سو سدا آهي ساڻ ....... يعني جنهن کي تون ڏور ئي ڏور ٿي سمجهين اهو توسان گڏ ئي آهي بس تون پاڻ ۾ جهاتي پائي ته ڏس هن جو تو ۾ تڪيو يعني ديرو آهي . ان شعر کان پوءِ شاھ صاحب سسئي کي صلاح ٿو ڏئي ته
وَڃِين ڇو وَڻِڪارِ؟ هتِ نه ڳولئِين هوتَ کي؛
تون ٻئي پاسي ڇو ٿي وڃين يا ٻين لفظن ۾ شاھ صاحب فرمائين ٿا ته تون ٻئي پاسي ڇو ٿو وڃين الله ته تو اندر ئي آهي لِڪو ڪِينَ لَطِيفُ چئي، ٻاروچو ٻِئي پار؛
ٻين ۾ نه ڳول هو ڪنهن ٻئي پاسي ڪونهي
ٿِيءُ سَتِي، ٻَڌُ سَندِرو، پِرتِ پُنهونءَ سين پارِ؛
هاڻي شاھ صاحب ٻڌائي ٿو ته هو توسان ملندو ڪيئن ، مون پهرين شعر جي تشريح ۾ اها ڳالھ چئي هئي ته شاھ صاحب جي مسلي جي نشاندهي ڪئي آهي ته انجو حل به ٻڌايو آهي . شاح صاحب چوي ٿو ته هن جي ملڻ جو طريقو هي آهي ته ستي معنيٰ پاڪ ٿي اٿي پئو ونهون جو پريت نباھ
نانئَي نيڻَ نِهارِ، تو ۾ ديرو دوستَ جو.
بس تون پاڻ ۾ جهاتي پاءِ ته تنهنجي اندر دوست جو آستانو آهي ان کان پوءِ هي شعر آهي شاح صاحب جو
هَل هنئين سين هوت ڏي، پيرين ڪر مَ پنڌ
رائي پُڇ مَ رُند ، رڙه روحاني سسئي
يعني شاھ صاحب ٻڌائي ٿو ته جي تو کي اوڏانهن سفر ڪرڻو آهي ته اهو روحاني سفر آهي ۽ وري روحاني سرفر لاءِ وڌيڪ انهي سُر ۾ چيو آهي اهو پڻ غور طلب آهي.
( هڪ ڳالھ ياد رهي ته مذڪر ۽ مونث جو سيغو جاٿي به استعمال ڪيو آهي ته ان ۾ هڪ خاص قسم جو مقصد آهي بحرحال ان ڳالھ کي طلب بنان آشڪار ڪرڻ اسان جي وس ۾ ناهي ته عاشقن مذڪر ۽ مونث جو سيغو ڇو استعمال ڪيو آهي بس ان جي مثال ايتري ڏئي سگهجي ٿي ته بعيتِ رضوان ۾ جيسيتائين مونکي ياد ٿو پوي جي سيغا استعمال ٿيل آهن اهي سيغا مونث جا آهن )
ته هي به هڪ عليحده راز آهي . شاھ صاحب جن فرمايو آهي ته تون هيڏي هوڏي ڇو ٿي ڀڄين ، واجهائين ، ڏسين يا ڳولين ٿي ،اتي لفظ ٿي آهي ٿو ناهي۔
هاڻي جي هن پوري داستان تي نگاھ وجهجي ته هن ۾ پهريان شاھ صاحب سسئي کي ڏوراپو ڏنو آهي پنهون کي ڇڏيئي پوءِ ٿي جبل ۾ پئي ڳولين ، هاڻي رستا ٿي ويٺي پُڇين جي پنهنون نه مليئي ته سڄي ڄمار ڏکن ۾ گذرندئي ، وري شاھ صاحب ان داستان جي ٽين شعر ۾ ٿو چوي اتي ڪوهيارو ڪونهي جتي تو ڀانيو آهي ، ڇو ٿي پهاڙ ڏي پنڌ ڪرين تنهنجو وجود ئي وڻڪار آهي ڌارين کي ڌار ڪري پرين جو سماء پنهنجي اندر کان پُڇ. يعني تنهنجي اندر جا غير الله جي حُب آهي ان کي ڌار ڪر .
ڌرتي تي ٽن شين جي محبت انسان کي ظالم ۽ جاهل بڻائي رکيو آهي ۽ اهي ٽي شيون آهين سالڪن جي نگاھ ۾ زر، زمين ۽ زن هي ٽئي شيون محبوب سان ملاقات ۾ ديوار بڻيل آهن انهن ٽنهي شين کي طلاق ڏي ته ڏس ٻاروچو تو اندر آهي .انهن ٽنهي شين جي محبت انسان جي دل تي قبضو ڄمائي رکيو آهي هر وقت ان جي تات رهي ٿي جو دوست دل ترسيل آهي اسان ان کان ڪڏهن حال احوال ئي ناهن ورتا۔
هاڻي هن شعرجي تشريح کي هن حديث تي بند ڪجي ٿو ته جنهن پنهنجي نفس کي سڃاتو تنهن پنهنجي رب کي سڃاتو . شاھ صاحب جي هن شعر جو هي هڪڙو رُخ آهي جيڪو اسان کي سالڪن جي صحبت مان ائين سمجھ ۾ آيو آهي باقي ٻيا به هزارين رُخ ٿي سگهن ٿا ڇو جو سالڪن جي هڪ ڪلام جا ڪئي مطالب هوندا آهن اسان کي جازت .
وسلام