وَڃِين ڇو وَڻِڪارِ؟ هتِ نه ڳولئِين هوتَ کي جي تشريح

'ڀيڄ ڀٽائي گهوٽ' فورم ۾ ڏاڏل شينو طرفان آندل موضوعَ ‏9 اپريل 2011۔

  1. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    [justify]
     وَڃِين ڇو وَڻِڪارِ؟ هتِ نه ڳولئِين هوتَ کي؛​


    وَڃِين ڇو وَڻِڪارِ؟ هتِ نه ڳولئِين هوتَ کي؛
    لِڪو ڪِينَ لَطِيفُ چئي، ٻاروچو ٻِئي پار؛
    ٿِيءُ سَتِي، ٻَڌُ سَندِرو، پِرتِ پُنهونءَ سين پارِ؛
    نانئَي نيڻَ نِهارِ، تو ۾ ديرو دوستَ جو.​


    سُر سسئي آبري داستان ٽيون بيت نمبر 7

    هن حقيقت کان ڪو انڪار ڪونهي ته عاشقن و سالڪن هميشه ان ملڪ جو احوال سُرن يا اشارن و ڪنارن ۾ ڪيو آهي جيڪو ملڪ يا جا حقيقت عام ماڻهون ناهي ڏٺو. مثال جي ڪنهن دُدُر جو وڻ ناهي ڏٺو ته ٻئي کي ڪيئن سمجهائي ته دُدُرجو وڻ ڪيئن ٿيندو آهي پوءِ ان لاءِ سمجهائڻ ۾ تشبيهات جو سهارو وٺڻو پوندو. ائين شاھ صاحب جا حقيقت عام فهم ناهي تنهن کي سمجهائڻ لاءِ ڪنهن وقت مارئي ته ڪنهن وقت سسئي ته ڪنهن وقت سهڻي ميهار ته ڪنهن وقت ڪيڏارو ته ڪنهن وقت ڪهڙي ته ڪنهن وقت ڪهڙي سُر ۾ رهي ڳالھ ڪئي آهي .
    مٿين مذڪوره شعر جي اڳيان ۽ پٺيان وارن اشعارن ۾ جي اوهان غور ڪندو ته هي اشعار ونحن اقرب........... يعني الله انسان کي ان جي ساھ جي رڳ کان به ويجهڙو آهي جي تشريح ٿا لڳن.
    جيئن ان کان پهريان واري شعر ۾ شاھ صاحب ٿو فرمائي
    جو تو ڏور ئي ڏور، سو سدا آهي ساڻ ....... يعني جنهن کي تون ڏور ئي ڏور ٿي سمجهين اهو توسان گڏ ئي آهي بس تون پاڻ ۾ جهاتي پائي ته ڏس هن جو تو ۾ تڪيو يعني ديرو آهي . ان شعر کان پوءِ شاھ صاحب سسئي کي صلاح ٿو ڏئي ته

    وَڃِين ڇو وَڻِڪارِ؟ هتِ نه ڳولئِين هوتَ کي؛


    تون ٻئي پاسي ڇو ٿي وڃين يا ٻين لفظن ۾ شاھ صاحب فرمائين ٿا ته تون ٻئي پاسي ڇو ٿو وڃين الله ته تو اندر ئي آهي لِڪو ڪِينَ لَطِيفُ چئي، ٻاروچو ٻِئي پار؛
    ٻين ۾ نه ڳول هو ڪنهن ٻئي پاسي ڪونهي
    ٿِيءُ سَتِي، ٻَڌُ سَندِرو، پِرتِ پُنهونءَ سين پارِ؛
    هاڻي شاھ صاحب ٻڌائي ٿو ته هو توسان ملندو ڪيئن ، مون پهرين شعر جي تشريح ۾ اها ڳالھ چئي هئي ته شاھ صاحب جي مسلي جي نشاندهي ڪئي آهي ته انجو حل به ٻڌايو آهي . شاح صاحب چوي ٿو ته هن جي ملڻ جو طريقو هي آهي ته ستي معنيٰ پاڪ ٿي اٿي پئو ونهون جو پريت نباھ
    نانئَي نيڻَ نِهارِ، تو ۾ ديرو دوستَ جو.
    بس تون پاڻ ۾ جهاتي پاءِ ته تنهنجي اندر دوست جو آستانو آهي ان کان پوءِ هي شعر آهي شاح صاحب جو
    هَل هنئين سين هوت ڏي، پيرين ڪر مَ پنڌ
    رائي پُڇ مَ رُند ، رڙه روحاني سسئي

    يعني شاھ صاحب ٻڌائي ٿو ته جي تو کي اوڏانهن سفر ڪرڻو آهي ته اهو روحاني سفر آهي ۽ وري روحاني سرفر لاءِ وڌيڪ انهي سُر ۾ چيو آهي اهو پڻ غور طلب آهي.
    ( هڪ ڳالھ ياد رهي ته مذڪر ۽ مونث جو سيغو جاٿي به استعمال ڪيو آهي ته ان ۾ هڪ خاص قسم جو مقصد آهي بحرحال ان ڳالھ کي طلب بنان آشڪار ڪرڻ اسان جي وس ۾ ناهي ته عاشقن مذڪر ۽ مونث جو سيغو ڇو استعمال ڪيو آهي بس ان جي مثال ايتري ڏئي سگهجي ٿي ته بعيتِ رضوان ۾ جيسيتائين مونکي ياد ٿو پوي جي سيغا استعمال ٿيل آهن اهي سيغا مونث جا آهن )
    ته هي به هڪ عليحده راز آهي . شاھ صاحب جن فرمايو آهي ته تون هيڏي هوڏي ڇو ٿي ڀڄين ، واجهائين ، ڏسين يا ڳولين ٿي ،اتي لفظ ٿي آهي ٿو ناهي۔

    هاڻي جي هن پوري داستان تي نگاھ وجهجي ته هن ۾ پهريان شاھ صاحب سسئي کي ڏوراپو ڏنو آهي پنهون کي ڇڏيئي پوءِ ٿي جبل ۾ پئي ڳولين ، هاڻي رستا ٿي ويٺي پُڇين جي پنهنون نه مليئي ته سڄي ڄمار ڏکن ۾ گذرندئي ، وري شاھ صاحب ان داستان جي ٽين شعر ۾ ٿو چوي اتي ڪوهيارو ڪونهي جتي تو ڀانيو آهي ، ڇو ٿي پهاڙ ڏي پنڌ ڪرين تنهنجو وجود ئي وڻڪار آهي ڌارين کي ڌار ڪري پرين جو سماء پنهنجي اندر کان پُڇ. يعني تنهنجي اندر جا غير الله جي حُب آهي ان کي ڌار ڪر .
    ڌرتي تي ٽن شين جي محبت انسان کي ظالم ۽ جاهل بڻائي رکيو آهي ۽ اهي ٽي شيون آهين سالڪن جي نگاھ ۾ زر، زمين ۽ زن هي ٽئي شيون محبوب سان ملاقات ۾ ديوار بڻيل آهن انهن ٽنهي شين کي طلاق ڏي ته ڏس ٻاروچو تو اندر آهي .انهن ٽنهي شين جي محبت انسان جي دل تي قبضو ڄمائي رکيو آهي هر وقت ان جي تات رهي ٿي جو دوست دل ترسيل آهي اسان ان کان ڪڏهن حال احوال ئي ناهن ورتا۔
    هاڻي هن شعرجي تشريح کي هن حديث تي بند ڪجي ٿو ته جنهن پنهنجي نفس کي سڃاتو تنهن پنهنجي رب کي سڃاتو . شاھ صاحب جي هن شعر جو هي هڪڙو رُخ آهي جيڪو اسان کي سالڪن جي صحبت مان ائين سمجھ ۾ آيو آهي باقي ٻيا به هزارين رُخ ٿي سگهن ٿا ڇو جو سالڪن جي هڪ ڪلام جا ڪئي مطالب هوندا آهن اسان کي جازت .
    وسلام
    [/justify]
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: وَڃِين ڇو وَڻِڪارِ؟ هتِ نه ڳولئِين هوتَ کي جي تشريح

    مهرباني ڏاڏل جي

    اوهان لطيف سرڪار جي بيتن کي اسان جهڙن اڻ واقفن سان تشريح سان گڏ ونڊ ڪري تمام ڀلو ڪم ڪري رهيا آهيو جنهن لاء اوهان کي جس هجي ۽ واڌايون هجن۔
     
  3. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: وَڃِين ڇو وَڻِڪارِ؟ هتِ نه ڳولئِين هوتَ کي جي تشريح

    [justify]
    سائين اوهان جي مهرباني جو اوهان اسان جي ٽٽل الفاظن کي پسند ڪيو مهرباني سائين
    وسلام[/justify]
     
  4. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    جواب: وَڃِين ڇو وَڻِڪارِ؟ هتِ نه ڳولئِين هوتَ کي جي تشريح

    ادا شاهه سائين جي لفظن جي تمام سٺي نموني وضاحت ڪئي اٿو۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ اهڙي نموني جي سمجهاڻي اسان جهڙن لاء ڪارئتي آهي ان ڪري من لطيف سرڪار جا ڪجهه شعر سمجهي وٺون


    سائين مهرباني
     
  5. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: وَڃِين ڇو وَڻِڪارِ؟ هتِ نه ڳولئِين هوتَ کي جي تشريح

    سائين پسد ڪرڻ جي مهرباني پريا صاحب اهو ته اوهان تي ئي منحصر آهي
     
  6. غلام شبير ڪيريو

    غلام شبير ڪيريو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏24 مارچ 2011
    تحريرون:
    180
    ورتل پسنديدگيون:
    50
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    ڳوٺ محمد حسن ڪيريو نزد هالانوان
    جواب: وَڃِين ڇو وَڻِڪارِ؟ هتِ نه ڳولئِين هوتَ کي جي تشريح

    تمام سهڻي نموني سان سمجهائيو اَٿوَ سائين ڏاڏل
     
  7. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: وَڃِين ڇو وَڻِڪارِ؟ هتِ نه ڳولئِين هوتَ کي جي تشريح

    سائين اوهان ايترو پراڻو موضوع پڙهي ان کي پسند ڪيو اوهان جي مهرباني ۔
    وسلام
     
  8. غلام شبير ڪيريو

    غلام شبير ڪيريو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏24 مارچ 2011
    تحريرون:
    180
    ورتل پسنديدگيون:
    50
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    ڳوٺ محمد حسن ڪيريو نزد هالانوان
    جواب: وَڃِين ڇو وَڻِڪارِ؟ هتِ نه ڳولئِين هوتَ کي جي تشريح

    سائين هن موضوع کي پراڻو ڪيئن ٿو چئي سگهجي شاه سائين جي شاعري هر دور جي ماڻهو لا سبق آموز آهي ۽ توهان به شاه سائين جي بيت جي تشريح ڪئي آهي
     
  9. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: وَڃِين ڇو وَڻِڪارِ؟ هتِ نه ڳولئِين هوتَ کي جي تشريح

    ڏاڏل به سهي ته ڪيريو صاحب به، پر اصل ڳالهه آهي بيت ۽ انجي تشريح ۔۔۔

    جڏهن به لطيف کي پڙهجي ٿو ته نئون راز نڪري نروار ٿئي ٿو ۔۔۔

    مٿي ڏنل بيت به سهڻو ته لطيف سرڪار جي سسئي لاءِ ڪيل رهبري پڻ اسان سڀني لاءِ ڪارائتي آهي ۔۔۔۔

    رب جي جاءِ انسان جي دل آهي ۔۔۔ انڪري جيڪڏهن رب محبوب آهي ته اهو اسانجي ئي دل ۾ آهي ۔۔۔۔ انسان پئدائشي ته ڪورو ڪاغذ هجي ٿو پر جڏهن هن ڪائنات ۾ اک کولي اڳتي وڌي ٿو ته موجود رحماني ۽ شيطاني سگهون ان تي اثر انداز ٿين ٿيون ۔۔۔ پوءِ جيڪڏهن انجي اندر ۾ شيطان هليو وڃي ۽ انجو گهر سندس دل ۾ پئدا ٿي پوي ته ان انسان جو هر عمل شيطاني ٿي وڃي ٿو پر جيڪڏهن انجي دل ۾ سگهه گهر ڪري وڃي ته پوءِ شيطان ڀڄي وڃي ٿو ۽ رحمان دل ۾ اچي گهر ڪري ٿو ۔۔۔

    سهڻي لطيف انسان کي صلاح ڏني آهي ته هو پنهنجي اندر ۾ جهاتي پائي ته کيس محبوب نظر اچي ويندو، پر شرط اهو آهي ته انسان پنهنجو اندر صاف ڪري ان لائق ڪري ۔۔۔

    اندر ۾ ڪارو ڪانءُ هوندو ته شيطان ۽ جي اندر جي ڪوٺي صاف ۽ سچي هوندي ته رحمان ۔۔۔ اسانکي هي جو سماج ۾ ڪي انسان قاتل، چور، ڦورو ۽ مختلف براين ۾ نظر اچنٿا انهن جي اندر جي ڪوٺي گند ڪچري سان ڀريل آهي ۽ جيڪي سهڻا انسان جيڪي سماج ۾ هر طرح جون ڀلايون ڪندي نظر اچن ٿا انهن جي اندر جي ڪوٺي صاف آهي جنهنڪري هنن جا عمل رحماني ٿين ٿا ۔۔۔

    جر ڪجر جن اکين ۾ سي ڪيئن پرين پسن ۔۔۔

    ادي ڏاڏل جي چونڊ به سهڻي ته سمجهاڻي به اسان لاءِ رهنمائي ڪندڙ آهي ۔۔۔

    لک ٿورا
     
  10. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: وَڃِين ڇو وَڻِڪارِ؟ هتِ نه ڳولئِين هوتَ کي جي تشريح

    سائين معزرت سان مون ان معنى ۾ نه چيو هو منهنجو مطلب هو ته هي پوسٽ گهڻو عرصو پهريان هن فورم تي هنئي هئي پراڻو جو مطلب اهو هو لطيف جي لطافت جي پراڻي ٿيڻ جي ڳالھ نه هئي سائين بحرحال شيد آءُ صحيح سمجهائي نه سگهيس ان لاءِ معافي جو طلبگار آهيان
    وسلام

     
  11. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: وَڃِين ڇو وَڻِڪارِ؟ هتِ نه ڳولئِين هوتَ کي جي تشريح

    سائين ابڙا صاحب اوهان جي لک لائق الله اوهان جي ڇانَوَ اسان جي مٿان هميشه قائم و دائم رکي۔
    وسلام

     
  12. غلام شبير ڪيريو

    غلام شبير ڪيريو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏24 مارچ 2011
    تحريرون:
    180
    ورتل پسنديدگيون:
    50
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    ڳوٺ محمد حسن ڪيريو نزد هالانوان
    جواب: وَڃِين ڇو وَڻِڪارِ؟ هتِ نه ڳولئِين هوتَ کي جي تشريح

    سائين ڏاڏل توهان جي ڳالهه بلڪل سهي آهي توهان جي ڳالهه آئون نه سمجهي سگهيس انڪري معافي به مونکي وٺڻ گهرجي
     
  13. غلام شبير ڪيريو

    غلام شبير ڪيريو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏24 مارچ 2011
    تحريرون:
    180
    ورتل پسنديدگيون:
    50
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    ڳوٺ محمد حسن ڪيريو نزد هالانوان
    جواب: وَڃِين ڇو وَڻِڪارِ؟ هتِ نه ڳولئِين هوتَ کي جي تشريح

    سائين توهان بلڪل سهي آهيو آئون توهان جي ڳالهه سمجهي نه سگهيس ان ڪري معافي به مونکي وٺڻ گهرجي
    نه ڪي توهان کي
     
  14. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: وَڃِين ڇو وَڻِڪارِ؟ هتِ نه ڳولئِين هوتَ کي جي تشريح

    سائين مهرباني ۔وسلام
     
  15. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: وَڃِين ڇو وَڻِڪارِ؟ هتِ نه ڳولئِين هوتَ کي جي تشريح

    ادا سائين شاهه سائين جي لفظن جي تمام خوبصورت نموني سان تحريح ڪئي اٿو
    جيڪا اسان جهڙن جي لاء ڪافي ڪارآمد آهي
    ونڊڻ جي مهرباني ۔
     
  16. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: وَڃِين ڇو وَڻِڪارِ؟ هتِ نه ڳولئِين هوتَ کي جي تشريح

    ادا گلال صاحب تفصيلي همت افزائي ڪرڻ جي مهرباني ۔
    وسلام
     
  17. عبدالمنان صديقي

    عبدالمنان صديقي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 نومبر 2010
    تحريرون:
    5
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    351
    جواب: وَڃِين ڇو وَڻِڪارِ؟ هتِ نه ڳولئِين هوتَ کي جي تشريح

    سائين۔ شاھ سائين جي لفظن جي تمام بھترين نموني وضاحت ڪري ، مون نا سمجھ کي به سٺي سمجھاڻي ڏئي ڇڏي اٿوَ، ماشاء الله سٺا ذھين آھيو۔
     
  18. Abdul Wahid Soomro

    Abdul Wahid Soomro
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2010
    تحريرون:
    1,057
    ورتل پسنديدگيون:
    353
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    government job
    ماڳ:
    Bhitshah
    جواب: وَڃِين ڇو وَڻِڪارِ؟ هتِ نه ڳولئِين هوتَ کي جي تشريح

    ادا شاهه سائين جي لفظن جي تمام سھڻي نموني وضاحت ڪئي اٿو۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو