منهنجو ڏک

[b][/b]
هو ٽهڪ ڏيئي ٿو محفل ۾
مان رت روئان ڏک ۾ پيو ڏران
هو آسائش ۾ عيش ڪري
مان ڏٻرا ڏوٿي ڏيه ڏسان
هو وسڪين واندو وات نه آ
ما ٿر بر جا پيو ٿاڪ ڏسان
هو ڏاڍ ڏمر سان ڏهڪائي
مان هيڻو ٻيڻو ٻاڪاريان
هي بزدل بي ارڪانو آ
مان خصلت خوب سڌار چوان
هن وٽ ڪيئي ويس وڳا
هت مارو منهنجا ليڙون لٽا
هو سنڌ سڄي ٿو ڀيل ڪري
۽ مارو ماري کيل ڪري
جو مارو منهنجا ماريندو
۽ کيت اسانجا کاريندو
سو دشمن منهنجي ديس سندو
تنهن لئ ڦاهي يار ڦندو
ڦٽڪار ۾ ويندو ٿي هو فنا
ڇو سانگي منهنجا اڃ به سڃا۔۔۔۔۔۔۔
 
جواب: منهنجو ڏک

هو ٽهڪ ڏيئي ٿو محفل ۾
مان رت روئان ڏک ۾ پيو ڏران

سائين دائود پوٽه صاحب مهرباني

اوهان جي بهترين شاعري ، اوهان جا احساس سنڌ سان ٿيل ظلم جو داستان آهن جيڪي اوهان لفظن جي روپ ۾ اسان سان ونڊ ڪيا آهن۔
 
جواب: منهنجو ڏک

ادا آهي ته لاجواب پر هي ڊزائين ٿيل شاعري جو شعبو آهي۔
 
Back
Top