نذير عباسي سنڌي قوم جو هڪ دلير اڳواڻ[/center] نذير عباسي، هڪ بهادر ۽ همٿ وارو سنڌي نوجوان، جنهن پنهنجي قائدانه صلاحتين سان سنڌي نوجوانن جي قيادت ڪئي ۽ وقت جي ظالم حڪمرانن آڏو ڪڏهن ڪنڌ نه جهڪائڻ واري روش اختيار ڪندي پنهنجي جان جو نذرانو ڏنو... سنڌ جي سياسي تاريخ کيس سونن لفظن ۾ ياد ڪندي رهندي ... ضياء الحق جي ظالمانه دور حڪومت ۾ هن نوجوان کي گرفتار ڪري ماريو ويو هو ... سندس موت تي محترمه بينظير واعدو ڪيو هو ته هوءَ نذير عباسي جي قاتلن کي سزا ڏيندي پر افسوس جو اهو واعدو واعدو ئي رهجي ويو ۽ اڄ تائين سندس قاتلن کي ڪا به سزا نه ملي آهي، جڏهن قاتل به موجود آهن ته پي پي پي جي حڪومت به !!! جيتوڻيڪ. ٻين سنڌي شاگردن سميت نذير عباسي کي ذوالفقار ڀٽو جي دور حڪومت ۾ سخت مشڪلاتن سان منهن ڏيڻو پيو هو، ڀٽي صاحب جي دور ۾ سندس پوري خاندان (پيءَ ، ماءُ، ڀينر ۽ ڀائرن) کي گرفتار ڪري ٽنڊي الهيار جيل ۾ رکيو ويو هو ... نذير عباسي، غريب عوام جي ڀلائيءَ لئه انقلابي نظريي ۾ ايمان رکندو هو ... سندس انقلاب ۾ ايمان ايترو پختو هو جو ان وقت جي سياسي قائدن جو چوڻ هو ته ”نذير ”انقلاب“ سان شادي ڪري ڇڏي آهي“ ... نذير عباسي انقلابي گيت تمام سهڻي آواز ۾ ڳائيندو هو ... کيس انقلاب جا گيت ڳائڻ کان نه جيل روڪي سگهيو نه وقت جا حڪمران ... جڏهن ڀٽي صاحب جي دور ۾ گرفتار ٿيو ته هو سنڌ نيشنل اسٽوڊنٽ فيڊريشن جو صدر هو، بعد ۾ پاڪستان فيڊرل يونين آف اسٽوڊنٽس، ٺاهي جدوجهد ڪندو رهيو، سندس انهن انقلابي ڪمن سبب وقت جا حڪمران هميشه خائف رهيا ... ضياء الحق سندس گرفتاريءَ جا حڪم جاري ڪيا انوقت سندس زال محترمه حميده گهانگهرو اڳواٽ ئي قيد وبند جو مصيبتون برداشت ڪري رهي هئي ... پاڪستان جي فوجي اداري آءِ ايس آءِ جي سربراه امتياز سنڌي شاگردن لئه موت جهڙا ظلم شروع ڪيا، نذير عباسي پڻ پنهنجن دوستن سهيل سانگي، بدر ابڙو ۽ ڪمال وارثيءَ سميت گرفتار ٿيو ... تمام گهڻي ظلم ۽ تشدد کانپوءِ نذير عباسي 9 آگسٽ 1989ع ۾ شهيد ٿي ويو ... نذير عباسي جو جسم مرڻ وقت ايئن هو ڄڻ ته ڪنهن سندس سنڌ سنڌ ڀڳل شيشي سان وڍيو هجي ... سنڌ جي بهادر نوجوان ۽ انقلابي اڳواڻ کي حيدرآباد جي سخي حسن قبرستان ۾ دفنايو ويو ... ماڻهـون سڀ نه سهڻا، پکـي سڀ نه هنـج، ڪنهن ماڻهونءَ منجه، اچي بوءِ بهار جي. ”شاه“ ڌڻي سڳورو نذير عباسيءَ کي جنت الفردوس ۾ جڳهه عطا فرمائي ۽ سنڌ جي نوجوانن کي اهڙي سگهه عطا ڪري جو هو ظلم جي خلاف نذير عباسيءَ جهڙي ڪردار مثل وڙهي سرها ٿي سگهن ... آمين