نذير عباسي، سنڌي قوم جو دلير اڳواڻ

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ نثارابڙو طرفان آندل موضوعَ ‏8 آگسٽ 2009۔

  1. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    [​IMG]
    نذير عباسي
    سنڌي قوم جو هڪ دلير اڳواڻ[/center]

    نذير عباسي، هڪ بهادر ۽ همٿ وارو سنڌي نوجوان، جنهن پنهنجي قائدانه صلاحتين سان سنڌي نوجوانن جي قيادت ڪئي ۽ وقت جي ظالم حڪمرانن آڏو ڪڏهن ڪنڌ نه جهڪائڻ واري روش اختيار ڪندي پنهنجي جان جو نذرانو ڏنو... سنڌ جي سياسي تاريخ کيس سونن لفظن ۾ ياد ڪندي رهندي ...

    ضياء الحق جي ظالمانه دور حڪومت ۾ هن نوجوان کي گرفتار ڪري ماريو ويو هو ... سندس موت تي محترمه بينظير واعدو ڪيو هو ته هوءَ نذير عباسي جي قاتلن کي سزا ڏيندي پر افسوس جو اهو واعدو واعدو ئي رهجي ويو ۽ اڄ تائين سندس قاتلن کي ڪا به سزا نه ملي آهي، جڏهن قاتل به موجود آهن ته پي پي پي جي حڪومت به !!!

    جيتوڻيڪ. ٻين سنڌي شاگردن سميت نذير عباسي کي ذوالفقار ڀٽو جي دور حڪومت ۾ سخت مشڪلاتن سان منهن ڏيڻو پيو هو، ڀٽي صاحب جي دور ۾ سندس پوري خاندان (پيءَ ، ماءُ، ڀينر ۽ ڀائرن) کي گرفتار ڪري ٽنڊي الهيار جيل ۾ رکيو ويو هو ...

    نذير عباسي، غريب عوام جي ڀلائيءَ لئه انقلابي نظريي ۾ ايمان رکندو هو ... سندس انقلاب ۾ ايمان ايترو پختو هو جو ان وقت جي سياسي قائدن جو چوڻ هو ته ”نذير ”انقلاب“ سان شادي ڪري ڇڏي آهي“ ...

    نذير عباسي انقلابي گيت تمام سهڻي آواز ۾ ڳائيندو هو ... کيس انقلاب جا گيت ڳائڻ کان نه جيل روڪي سگهيو نه وقت جا حڪمران ... جڏهن ڀٽي صاحب جي دور ۾ گرفتار ٿيو ته هو سنڌ نيشنل اسٽوڊنٽ فيڊريشن جو صدر هو، بعد ۾ پاڪستان فيڊرل يونين آف اسٽوڊنٽس، ٺاهي جدوجهد ڪندو رهيو، سندس انهن انقلابي ڪمن سبب وقت جا حڪمران هميشه خائف رهيا ... ضياء الحق سندس گرفتاريءَ جا حڪم جاري ڪيا انوقت سندس زال محترمه حميده گهانگهرو اڳواٽ ئي قيد وبند جو مصيبتون برداشت ڪري رهي هئي ...

    پاڪستان جي فوجي اداري آءِ ايس آءِ جي سربراه امتياز سنڌي شاگردن لئه موت جهڙا ظلم شروع ڪيا، نذير عباسي پڻ پنهنجن دوستن سهيل سانگي، بدر ابڙو ۽ ڪمال وارثيءَ سميت گرفتار ٿيو ... تمام گهڻي ظلم ۽ تشدد کانپوءِ نذير عباسي 9 آگسٽ 1989ع ۾ شهيد ٿي ويو ... نذير عباسي جو جسم مرڻ وقت ايئن هو ڄڻ ته ڪنهن سندس سنڌ سنڌ ڀڳل شيشي سان وڍيو هجي ...

    سنڌ جي بهادر نوجوان ۽ انقلابي اڳواڻ کي حيدرآباد جي سخي حسن قبرستان ۾ دفنايو ويو ...

    ماڻهـون سڀ نه سهڻا، پکـي سڀ نه هنـج،
    ڪنهن ماڻهونءَ منجه، اچي بوءِ بهار جي.
    ”شاه“

    ڌڻي سڳورو نذير عباسيءَ کي جنت الفردوس ۾ جڳهه عطا فرمائي ۽ سنڌ جي نوجوانن کي اهڙي سگهه عطا ڪري جو هو ظلم جي خلاف نذير عباسيءَ جهڙي ڪردار مثل وڙهي سرها ٿي سگهن ... آمين
     
  2. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    سائين تمام بهترين شيئرنگ آهي
    توهان جي اهڙي شيئرنگ جو انتظار رهندوsindhsalamatsaathsal
     
  3. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: نذير عباسي، سنڌي قوم جو دلير اڳواڻ

    سائين تمام بهترين ڪوشش...
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو