اڪثر ڪنهن آفيس يا ڪنهن دڪان يا وري گهر ۾ ماڻهون مختلف قسم جا سافٽويئر انسٽال ڪري رکندو آهي ته جيئن ضرورت جي حساب سان انهن کي استعمال ڪجي۔۔۔ پر ڪنهن وقت اهڙي صورتحال به بڻجي ويندي آهي جو توهان چاهيندا هجو ته اهي سافٽويئر توهان جي غير موجودگي ۾ ڪو ٻيو استعمال نه ڪري سگهي۔۔۔
ان جي لاءِ سڀ کان بهتر ته اهو آهي ته توهان هڪ وڌيڪ يوزر اڪائونٽ بڻايو جنهن کي محدود اختارات ڏيو ۔۔۔ ۽ پنهنجي کاتي کي پاسورڊ لڳايو۔۔۔ ظاهر آهي ته توهان جي غير موجودگي ۾ ايندڙ ٻيو يوزر جڏهن مختلف کاتي تان لاگ ان ٿيندو ته ان وٽ گهٽ اختيار هوندا۔۔۔
پر ان سان هڪ پريشاني ٿي سگهي ٿي ته آفيس توهان جو باس يا دڪان تي ۽ گهر ۾ توهان جو وڏو ڀاء ويهن ۽ اهي توهان جي اهڙي عمل تي تنقيد ڪن ته توهان ٻين کي پاسورڊ نه ٿا ڏيو ۽ ٻئي کاتي تان ونڊوز ۾ داخل ٿيڻ وقت اختيار گهٽ ٿا ملن۔۔۔
اهڙي صورتحال کان بچڻ لاءِ مان توهان لاءِ کڻي آيو آهيان اهڙو سافٽوييئر جنهن جي ذريعي توهان پنهنجي ڪمپيوٽر ۾ انسٽال ٿيل مختلف سافٽويئرس کي پاسورڊ لڳائي اهڙي طرح محفوظ بڻائي سگهو ٿا جو ڪو ٻيو کولي نه سگهي۔۔۔ ۽ وري جي اهڙو سافٽويئر هجي به مفت جو ته پوءِ ادا ڦلپوٽو فقير واه واه ڪيئن نه ڪري۔۔۔
ته پوءِ حاضر آهي DiscoLock 1.0.0 سافٽويئر جنهن جو انٽر فيس ڪجهه هن طرح آهي۔۔۔
هن جي ذريعي توهان فائرفاڪس، گوگل ڪروم، انٽرنيٽ ايڪسپلورر، اسڪائپ، انٽرنيٽ ڊائونلوڊ مينيجر ۽ ايسيتائين جو ونڊوز ميڊيا پليئر ۽ ياهو ميسينجر تائين کي پڻ ٻين کي استعمال کان لاڪ ڪري سگهو ٿا۔۔۔ مطلب ته لڳ ڀڳ هر اها ايپليڪيشن جيڪا توهان جي ڪمپيوٽر ۾ انسٽال ٿيل هجي کي محفوظ طريقي سان لاڪ ڪري سگهو ٿا۔۔
پوءِ آهي نه دوستن اڳيان قابليت ظاهر ڪرڻ واري ڳالهه بس سافٽويئر لاڪ ڪيو کين چيلينج ڪيو ته هو هلائي ڏيکارين۔۔۔\/
ته پوءِ دير ڇاجي هن صرف 58۔1 ميگابائيٽ جي مفت واري سافٽويئر کي هتي ڪلڪ ڪري ڊائونلوڊ ڪري وٺو۔۔