انسٽال ٿيل سافٽويئرس کي پاسورڊ لڳايو۔۔۔

'سافٽويئر' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏10 اپريل 2011۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    اڪثر ڪنهن آفيس يا ڪنهن دڪان يا وري گهر ۾ ماڻهون مختلف قسم جا سافٽويئر انسٽال ڪري رکندو آهي ته جيئن ضرورت جي حساب سان انهن کي استعمال ڪجي۔۔۔ پر ڪنهن وقت اهڙي صورتحال به بڻجي ويندي آهي جو توهان چاهيندا هجو ته اهي سافٽويئر توهان جي غير موجودگي ۾ ڪو ٻيو استعمال نه ڪري سگهي۔۔۔
    ان جي لاءِ سڀ کان بهتر ته اهو آهي ته توهان هڪ وڌيڪ يوزر اڪائونٽ بڻايو جنهن کي محدود اختارات ڏيو ۔۔۔ ۽ پنهنجي کاتي کي پاسورڊ لڳايو۔۔۔ ظاهر آهي ته توهان جي غير موجودگي ۾ ايندڙ ٻيو يوزر جڏهن مختلف کاتي تان لاگ ان ٿيندو ته ان وٽ گهٽ اختيار هوندا۔۔۔
    پر ان سان هڪ پريشاني ٿي سگهي ٿي ته آفيس توهان جو باس يا دڪان تي ۽ گهر ۾ توهان جو وڏو ڀاء ويهن ۽ اهي توهان جي اهڙي عمل تي تنقيد ڪن ته توهان ٻين کي پاسورڊ نه ٿا ڏيو ۽ ٻئي کاتي تان ونڊوز ۾ داخل ٿيڻ وقت اختيار گهٽ ٿا ملن۔۔۔
    اهڙي صورتحال کان بچڻ لاءِ مان توهان لاءِ کڻي آيو آهيان اهڙو سافٽوييئر جنهن جي ذريعي توهان پنهنجي ڪمپيوٽر ۾ انسٽال ٿيل مختلف سافٽويئرس کي پاسورڊ لڳائي اهڙي طرح محفوظ بڻائي سگهو ٿا جو ڪو ٻيو کولي نه سگهي۔۔۔ ۽ وري جي اهڙو سافٽويئر هجي به مفت جو ته پوءِ ادا ڦلپوٽو فقير واه واه ڪيئن نه ڪري۔۔۔
    ته پوءِ حاضر آهي DiscoLock 1.0.0 سافٽويئر جنهن جو انٽر فيس ڪجهه هن طرح آهي۔۔۔

    [​IMG]

    هن جي ذريعي توهان فائرفاڪس، گوگل ڪروم، انٽرنيٽ ايڪسپلورر، اسڪائپ، انٽرنيٽ ڊائونلوڊ مينيجر ۽ ايسيتائين جو ونڊوز ميڊيا پليئر ۽ ياهو ميسينجر تائين کي پڻ ٻين کي استعمال کان لاڪ ڪري سگهو ٿا۔۔۔ مطلب ته لڳ ڀڳ هر اها ايپليڪيشن جيڪا توهان جي ڪمپيوٽر ۾ انسٽال ٿيل هجي کي محفوظ طريقي سان لاڪ ڪري سگهو ٿا۔۔

    [​IMG]

    پوءِ آهي نه دوستن اڳيان قابليت ظاهر ڪرڻ واري ڳالهه بس سافٽويئر لاڪ ڪيو کين چيلينج ڪيو ته هو هلائي ڏيکارين۔۔۔\:D/

    ته پوءِ دير ڇاجي هن صرف 58۔1 ميگابائيٽ جي مفت واري سافٽويئر کي هتي ڪلڪ ڪري ڊائونلوڊ ڪري وٺو۔۔
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: انسٽال ٿيل سافٽويئرس کي پاسورڊ لڳايو۔۔۔

    سائين رشيد مهرباني

    بس واھ واھ ئي ڪري سگهون ٿا۔ اوهان جي لاجواب شيئرنگ آهي۔ سچ پڇو ته مونکي به هن سافٽويئر جي گهڻي گهرج هئي۔ اوهان ڪم صفا آسان ڪري ڇڏيو آهي۔
     
  3. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: انسٽال ٿيل سافٽويئرس کي پاسورڊ لڳايو۔۔۔

    تمام بهترين ۽ حقيقت ۾‌ ته ڪم وارو سافٽ ويئر آهي

    ٻيو ته وري سافٽ ويئر به مفت وارو آهي

    بهترين ڪوشش آهي

    جاري رکجو

    سدائين گڏ
     
  4. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: انسٽال ٿيل سافٽويئرس کي پاسورڊ لڳايو۔۔۔

    مطلب ته 007 جا ڪم جاري آهن۔
    بهترين ونڊ لاءِ ٿورا۔
     
  5. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: انسٽال ٿيل سافٽويئرس کي پاسورڊ لڳايو۔۔۔

    پر الاجي ڇو ان ڏينهن مونکان اوهان جي ونڊ فيس بوڪ ڊيسڪ ٽاپ وارو سافٽ ڊائونلوڊ نه ٿي سگهيو شايد لنڪ صحيح نه هو، ان جو ڊائريڪٽ ڊائونلوڊ جو ڪو لنڪ ڏيندا ته اوهان جي مهرباني ٿيندي۔
     
  6. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: انسٽال ٿيل سافٽويئرس کي پاسورڊ لڳايو۔۔۔

    سائين تنقيد کان پوءِ به نه ٿو بچي سگهجي ڇو ته جڏهن وڏو ڀاءُ يا باس ايپليڪيشن کولڻ چاهيندو ۽ پاسورڊ گهريو ويندو ته اوهان يا پاسورڊ ڏيندا يا ايپليڪيشن پاڻ کولي ڏيندا۔
    مطلب اوهان جي هن سافٽ جو هڪ فائدو اهو ٿي سگهي ٿو ته دوست وغيره کي چيلييج ڪرڻ جيئن اوهان مٿي ذڪر ڪيو آهي، ٻيو ته هي سافٽ ڪجهه مخصوص سافٽ ئي پاسورڊ جي لسٽ ۾ آڻي ٿو مطلب اوهان جي مرضي جي سافٽ کي پاسورڊ نه لڳندو بلڪ اڳ ۾ ئي ان ۾ جيڪي لسٽ ايڊ ٿيل آهي صرف ان تي لاڪ لڳي سگهي ٿو۔
    خلاصو هي ته هي سافٽ صرف فن ڀوڳ آهي باقي آءُ سمجهان ٿو ڪنهن ڪم جو نه آهي۔
    ٿي سگهي ٿو ڪنهن کي فائدو ڏي۔
     
  7. ابوعميرمفتي ضميراحمدبلوچ

    ابوعميرمفتي ضميراحمدبلوچ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏16 آگسٽ 2012
    تحريرون:
    10
    ورتل پسنديدگيون:
    7
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    السلام عليڪم ادا بهترين شيئر آهي. جزاڪم الله
     
  8. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    يار اوهانجي مهرباني جو اهڙيون قيمتي شيون موڪليندا رهو ٿا جزاڪ الله
     
  9. عبدالرحيم

    عبدالرحيم
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏27 نومبر 2009
    تحريرون:
    630
    ورتل پسنديدگيون:
    581
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Computer Officer
    ماڳ:
    ميرپورخاص، سنڌ
    ادا ذيشان تمام بهترين ونڊ آهي۔
    ان سافٽويئر جي مدد سان اسين پنهنجي ڪمپيوٽر کي وڌيڪ محفوظ رکي سگهون ٿا۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو