• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

پياري دوست طاهر سنڌيء کي 5000 تحريرون ۽ 700 موضوع مڪمل ڪرڻ تي واڌايون

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
2hf2786.jpg


سنڌ سلامت جي مانواري ميمبر ۽ پياري دوست طاهر سنڌيء کي سموري سنڌ سلامت ساٿ پاران 5000 تحريرن ۽ 700 موضوعن جي مڪمل ٿيڻ تي دلي واڌايون ڏيون ٿا ۽ سندن حوصلي ۽ همت تي کين داد ڏيون ٿا. 5000 تحريرون ۽ 700 موضوع هڪ ڏينهن تي مڪمل ڪرڻ ۽ وري سنڌ سلامت جي سالگرھ به هجي ته اهو هڪ منفرد ڪم آهي ان لاء به ادا طاهر کيرون لهڻيون.

طاهر جا روپ به اڻ ڳڻيا ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ڪڏهن صحافي ته ڪڏهن انٽرويوئر، ڪڏهن مولوي ته ڪڏهن فقير ، ڪڏهن سيلاني ته ڪڏهن گوشه نشيني ، ڪڏهن شاعر ته ڪڏهن صاحب ڪتاب، ڪڏهن سنجيده ته ڪڏهن مزاحيه۔۔۔۔۔ ڇا لکي ڇا لکون سندس خوبيون ته اڻ ڳڻيون آهن ۔ ڪڏهن ڪڏهن وري فورم تان مهينو کن گم هوندو ۽ لڀندو ئي ڪونه ته ڪڏهن وري فورم تي نظر وجهبي ته طاهر ئي طاهر هوندو۔ دوستن سان ملڻ ۽ ڪچهريون ڪرڻ به ڪو هن کان سکي شايد سنڌ سلامت جي ميمبرن سان ملاقات ۾ سڀني کان اڳڀرو هوندو ۽ گهڻن ئي دوستن سان ملاقاتون ڪيون هوندائين.

سنڌ سلامت کي سينگارڻ ۾ طاهر جو ڪردار بي مثال رهيو آهي۔ کيس سنڌ سلامت جي سهڻي فورم کي ٻين دوستن تائين پهچائڻ تي ۽ سنڌ سلامت جي سالگره تي کيس سلام ۽ واڌايون۔ دعا آهي ته پاڻ هميشه خوش رهي ، سنڌ جي خدمت ڪندو رهي ۽ دوستن سان نڀائيندو رهي۔
 
جواب: پياري دوست طاهر سنڌيء کي 5000 تحريرون ۽ 700 موضوع مڪمل ڪرڻ تي واڌايون

لک لائق پيارا دوست سليمان وساڻ صاحب جو اوهان هن عاجز کي ايترن سهڻن لفظن سان ياد ڪيو۔
 
جواب: پياري دوست طاهر سنڌيء کي 5000 تحريرون ۽ 700 موضوع مڪمل ڪرڻ تي واڌايون

ادا طاهر سنڌي اوهان کي فقير پاران به دل جي گهرائين سان مبارڪ باد پيش ڪجي ٿئي

وري هڪ دفعو ٻيهر 5000 تحريرون ۽ 700 ٿريڊ مڪمل ڪرڻ تي دل جي گهرائين سان مبارڪ باد پيش ڪجي ٿئي

سدائين گڏ
 
جواب: پياري دوست طاهر سنڌيء کي 5000 تحريرون ۽ 700 موضوع مڪمل ڪرڻ تي واڌايون

ڪڏهن شاگرد ته ڪڏهن استاد، ڪڏهن دوست ته ڪڏهن مهربان ادا طاهر جي سنڌ سلامت لاءِ جستجو انتهائي شاندار آهي۔۔۔ پنهنجي لکڻين سان فورم کي رونق بخشين ئي ٿا پر هر ان سرگرمي تي جيڪا سنڌ سلامت طرفان پيش ٿئي اڳتي وڌي سڀ کان پهريون نالو درج ڪرائين ٿا۔۔۔
کوڙ دفعي جڏهن حوصلا پست ٿين ته پنهنجي لکڻين، پيغامن ۽ ڪالز جي ذريعي همت وڌائين ٿا۔۔۔ سچ به اهڙن سٻاجهڙن ماڻهن تي مون سميت سنڌ سلامت کي فخر آهي ته اهي اسان جا همسفر آهن۔۔۔
 
جواب: پياري دوست طاهر سنڌيء کي 5000 تحريرون ۽ 700 موضوع مڪمل ڪرڻ تي واڌايون

سڀني دوستن ته جيڪو چيو خوب چيو ۽ محترم دوست طاهر جي لاءِ جيترو به لکجي گهٽ آهي، يارن جو يار، جاکوڙي ۽ حساس دل جو مالڪ آهي ۔۔۔ اهڙا ماڻهون سون ۾ تورڻ جهڙا هوندا آهن ۔۔۔

آءُ کيس 6000 تحريرن ۽ 800 مضمونن جي مبارڪ ٿو ڏيان ۔۔۔ دوست چوندا ته نثار چريو ٿيون آهين ڇا، ليک ته اڃان 5000 ٿيا آهن ۽ مضمون 700 ته مان اهو چوندس ته نه جيڪا رفتار آهي همراهه جي ته اصل ٻن ٽن ڏينهن ۾ اهي مبارڪون به ڏيڻو ئي آهن سو اڳي ئي ڏئي ڇڏجن ۔۔۔

اڳي آءُ ننڍڙي لاءِ جڏهن بس ۾ سفر ڪندي لاڙڪاڻي کان سيوهڻ جي لڪيءَ وارن جبلن جي گرم چشمن تي وهنجڻ ويندو هيس ته ميل جا پٿر شوق سان ڏسندو هيس ۽ ميل ڳڻيندو هيس، پر بس جي رفتار سبب ميل ايندو هو ۽ اک ڇنڀ ۾ گذري ويندو هو ۔۔۔ ادي طاهر جي لکڻين جو انگ به روڊ تي لڳل ميل پٿر جيئان ائين گذري ٿو وڃي جو خبر ئي نٿي پوي ۔۔۔

سنڌ سلامت جي سڄڻ دوست کي سنڌ سلامت جي دوستن سان دوستين وڌائڻ تي واڌايون، سنڌ سلامت تي جهجهي تعداد ۾ لکڻين تي واڌايون ۽ سنڌيت لاءِ سندس اندر ۾ اٿيل طوفان جون مبارڪون ۔۔۔

دعا آهي ته سنڌ سلامت کي ۽ سنڌي قوم کي طاهر جهڙا جاکوڙي مڙس ملندا رهن ۔۔۔ آمين
 
جواب: پياري دوست طاهر سنڌيء کي 5000 تحريرون ۽ 700 موضوع مڪمل ڪرڻ تي واڌايون

واهه سائين واهه تمام بهترين ادا
ادا اسان جي طرفان به اوهان کي لک لک مبارڪون .
 
جواب: پياري دوست طاهر سنڌيء کي 5000 تحريرون ۽ 700 موضوع مڪمل ڪرڻ تي واڌايون

واقعي طاهر ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ڪڏهن صحافي ته ڪڏهن انٽرويوئر، ڪڏهن مولوي ته ڪڏهن فقير ، ڪڏهن سيلاني ته ڪڏهن گوشه نشيني ، ڪڏهن شاعر ته ڪڏهن صاحب ڪتاب، ڪڏهن سنجيده ته ڪڏهن مزاحيه۔۔۔۔۔

اها حقيقت آهي هن جا ڪافي روپ آهن ، پر هر وروپ ۾ پنهنجو مٽ پاڻ آهي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

هڪ سچو، همدرد، هڏڏوکي ء مهربان دوست آهي دعا آهي سنڌ سلامت کي ۽ سنڌي قوم کي طاهر جهڙا جاکوڙي دوست ملندا رهندا ۔۔۔۔۔۔۔۔۔
منهنجي طرفان به دل جي گهرائين سان کيس مبارڪ باد پيش ڪجي ٿئي
 
جواب: پياري دوست طاهر سنڌيء کي 5000 تحريرون ۽ 700 موضوع مڪمل ڪرڻ تي واڌايون

سائين جن کي لک مبارڪون
جيڪي اسان جي لا قيمتي وقت جي قرباني ڏيندا پيا اچن۔۔۔
لک مهربانيون لک قرب۔۔۔۔
 
جواب: پياري دوست طاهر سنڌيء کي 5000 تحريرون ۽ 700 موضوع مڪمل ڪرڻ تي واڌايون

ادا طاهر سنڌي اوهان کي فقير پاران به دل جي گهرائين سان مبارڪ باد پيش ڪجي ٿئي

وري هڪ دفعو ٻيهر 5000 تحريرون ۽ 700 ٿريڊ مڪمل ڪرڻ تي دل جي گهرائين سان مبارڪ باد پيش ڪجي ٿئي

سدائين گڏ

ادا ڦلپوٽا فقير صاحب اوهان جي وڏي مهرباني جو اوهان مون کي مبارڪ باد ڏني ۽ هنن ننڍڙين خوشين ۾ مونکي ياد ڪيو۔
مولا اوهان کي آباد رکي۔​
 
جواب: پياري دوست طاهر سنڌيء کي 5000 تحريرون ۽ 700 موضوع مڪمل ڪرڻ تي واڌايون

ادا طاهر سنڌي کي دل جي گهرائين سان مبارڪ هجي۔۔۔
 
جواب: پياري دوست طاهر سنڌيء کي 5000 تحريرون ۽ 700 موضوع مڪمل ڪرڻ تي واڌايون

ادا طاهر سنڌي واقعي مبارڪ جي لائق آهين کوڙ ساريون مبارڪون سائين
 
جواب: پياري دوست طاهر سنڌيء کي 5000 تحريرون ۽ 700 موضوع مڪمل ڪرڻ تي واڌايون

ادا سائين هڪ انسان جيڪو ايڏو گهڻي روپ ۾ سمائجي۽ ان ڪردار جي حوالي سان ليک لکندو هجي ته ان جي تعريف ڇو نه ڪجي ۔ادا طاهر تواهان جي جن وصفن جي باري ۾ ٻين مانوارن ميمبرن ساره ڪئي آهي ۔اسان انهن سان سو فيصد متفق آهيون۔توهان جهڙن ماڻهن لاء ڪو سنگ ميل لکڻن جو پار ڪرڻ ڪو وڏو ڪم نه آهي۔پر توهان جا جيڪي ليک آهن۔اُهئي ڏاڍا معنئتا آهن۔۽ هن محبت ڀريئي آڳڻ جي سونهن آهن۔الله پاڪ شل توهانجي قلم ۾ وڌيڪ طاقت پيدا ڪري۔آمين۔
 
جواب: پياري دوست طاهر سنڌيء کي 5000 تحريرون ۽ 700 موضوع مڪمل ڪرڻ تي واڌايون

ادا طاهر سنڌي کي دل جي گهرائين سان مبارڪ هجي۔۔۔

ادا اسد آءُ اوهان جو شڪر گذار آهيان جو اوهان منهنجي حوصله افزائي ڪئي۔
اوهان جي مهرباني۔
 
جواب: پياري دوست طاهر سنڌيء کي 5000 تحريرون ۽ 700 موضوع مڪمل ڪرڻ تي واڌايون

واقعي طاهر ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ڪڏهن صحافي ته ڪڏهن انٽرويوئر، ڪڏهن مولوي ته ڪڏهن فقير ، ڪڏهن سيلاني ته ڪڏهن گوشه نشيني ، ڪڏهن شاعر ته ڪڏهن صاحب ڪتاب، ڪڏهن سنجيده ته ڪڏهن مزاحيه۔۔۔۔۔

اها حقيقت آهي هن جا ڪافي روپ آهن ، پر هر وروپ ۾ پنهنجو مٽ پاڻ آهي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

هڪ سچو، همدرد، هڏڏوکي ء مهربان دوست آهي دعا آهي سنڌ سلامت کي ۽ سنڌي قوم کي طاهر جهڙا جاکوڙي دوست ملندا رهندا ۔۔۔۔۔۔۔۔۔
منهنجي طرفان به دل جي گهرائين سان کيس مبارڪ باد پيش ڪجي ٿئي

ادا عرس اها اوهان جهڙن دوستن جي محبت آهي، نه ته مون ته ڪو خاص ڪارنامو سر انجام ناهي ڏنو۔
لک لائق حوصلي افزائي ڪرڻ لاءِ۔
 
جواب: پياري دوست طاهر سنڌيء کي 5000 تحريرون ۽ 700 موضوع مڪمل ڪرڻ تي واڌايون

سائين جن کي لک مبارڪون
جيڪي اسان جي لا قيمتي وقت جي قرباني ڏيندا پيا اچن۔۔۔
لک مهربانيون لک قرب۔۔۔۔

مهرباني پيارا دوست شڪيل حوصله افزائي ڪرڻ لئه۔
بس ادا اهو وقت ئي ته آهي جنهن جو اسان وٽ قدر ناهي۔
 
جواب: پياري دوست طاهر سنڌيء کي 5000 تحريرون ۽ 700 موضوع مڪمل ڪرڻ تي واڌايون

ادا سائين هڪ انسان جيڪو ايڏو گهڻي روپ ۾ سمائجي۽ ان ڪردار جي حوالي سان ليک لکندو هجي ته ان جي تعريف ڇو نه ڪجي ۔ادا طاهر تواهان جي جن وصفن جي باري ۾ ٻين مانوارن ميمبرن ساره ڪئي آهي ۔اسان انهن سان سو فيصد متفق آهيون۔توهان جهڙن ماڻهن لاء ڪو سنگ ميل لکڻن جو پار ڪرڻ ڪو وڏو ڪم نه آهي۔پر توهان جا جيڪي ليک آهن۔اُهئي ڏاڍا معنئتا آهن۔۽ هن محبت ڀريئي آڳڻ جي سونهن آهن۔الله پاڪ شل توهانجي قلم ۾ وڌيڪ طاقت پيدا ڪري۔آمين۔

ادا ميمڻ صاحب ڪهڙا روپ ۽ ڪهڙا ڪردار؟
آءُ هڪ فقير ماڻهو آهيان، حيدري آهيان، حيدرين جي غلامن جو به غلام آهيان، تعريف صرف هڪ ذات رب ذوالجلال جي آهي، اوهان منهنجن لکڻين کي ساراهيو، منهنجي حوصله افزائي ڪئي، اوهان جا ٿورا مون مسڪين تي، ڌڻي اوهان کي پنهنجي حفظ وامان ۾ رکي، اسان کي صحيح علم دين کي سمجهڻ جي سگهه ڏئي ۽ ان تي عمل ڪرڻ جي توفيق ڏئي۔
لک لائق۔۔۔۔​
 
جواب: پياري دوست طاهر سنڌيء کي 5000 تحريرون ۽ 700 موضوع مڪمل ڪرڻ تي واڌايون

2hf2786.jpg


سنڌ سلامت جي مانواري ميمبر ۽ پياري دوست طاهر سنڌيء کي سموري سنڌ سلامت ساٿ پاران 5000 تحريرن ۽ 700 موضوعن جي مڪمل ٿيڻ تي دلي واڌايون ڏيون ٿا ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔



ماشاءالله 5000 هزار تحريرون ۽ 700 مضمون اهي به هڪ ئي وقت! سائين محترم اوهان واقعي مبارڪ باد جا مستحق آهيو ، يقينن اوهان جي هن فورم ۾ تمام بهترين ڪم ڪيل آهي جنهن جي موٽ دوستن جي تحريرن مان واضح اچي ٿي پئي .

هن نفسانفسي دور ۾ هر ڪو ڪنهن خاص سمت ڏانهن پنهنجو سمت متعين ڪري زندگي پيو گهاري ڪي خاص طبيعتون آهن جيڪي فرد جي اندر هر سمت ۽ سوچ تي هلڻ جي راھ جو تعين ڪنديون آهن ۽ يقينن اهڙا ماڻهو هر ميدان جا شينهن ثابت ٿين ٿا جنهن کي انگريزي ۾ ( آل راونڊر ) کڻي چئي سگهجي ٿو . اسان جو دوست طاهر سنڌي جي طبيعت ۽ فڪر ،سوچ ، جستجو مطلب ته اهو اچي ثابت ڪن ٿيون ته اها خوبيون هن جي اندر آهن.اسان جي دعا آهي ته سائين جن جون محنتون ، ڪوششون ، تگ و دو ۾ ڪاميابي نصيب ٿئي ، سائين جن سدائين خوشيون ورهايندو رهي ۽ پاڻ به شل سدائين خوش رهن .


ادا طاهر آئون دير سان اوهان مخاطب ٿيو آهيان هن لاءِ معذرت ، مان ڪجه ڏينهن ادي عبدالرشيد جي شهر معنى
پنهنجي اباڻي ڳوٺ سيتا روڊ ويل هئس ۽ هتي ڪافي مصروف پڻ هئس جنهن لاءِ ڪجه ڏينهن سنڌ سلامت کان پري هئس ، اميد آهي ته منهنجي مجبوري سمجهي ويا هوندا .


ٿورا نه ٿورا مون تي ماروئڙن جا .
 
جواب: پياري دوست طاهر سنڌيء کي 5000 تحريرون ۽ 700 موضوع مڪمل ڪرڻ تي واڌايون

ادا طاهر سنڌي کي دل جي گهرائين سان مبارڪ​
 
Back
Top