• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

پياري دوست طاهر سنڌيء کي 5000 تحريرون ۽ 700 موضوع مڪمل ڪرڻ تي واڌايون

جواب: پياري دوست طاهر سنڌيء کي 5000 تحريرون ۽ 700 موضوع مڪمل ڪرڻ تي واڌايون


ماشاءالله 5000 هزار تحريرون ۽ 700 مضمون اهي به هڪ ئي وقت! سائين محترم اوهان واقعي مبارڪ باد جا مستحق آهيو ، يقينن اوهان جي هن فورم ۾ تمام بهترين ڪم ڪيل آهي جنهن جي موٽ دوستن جي تحريرن مان واضح اچي ٿي پئي .

هن نفسانفسي دور ۾ هر ڪو ڪنهن خاص سمت ڏانهن پنهنجو سمت متعين ڪري زندگي پيو گهاري ڪي خاص طبيعتون آهن جيڪي فرد جي اندر هر سمت ۽ سوچ تي هلڻ جي راھ جو تعين ڪنديون آهن ۽ يقينن اهڙا ماڻهو هر ميدان جا شينهن ثابت ٿين ٿا جنهن کي انگريزي ۾ ( آل راونڊر ) کڻي چئي سگهجي ٿو . اسان جو دوست طاهر سنڌي جي طبيعت ۽ فڪر ،سوچ ، جستجو مطلب ته اهو اچي ثابت ڪن ٿيون ته اها خوبيون هن جي اندر آهن.اسان جي دعا آهي ته سائين جن جون محنتون ، ڪوششون ، تگ و دو ۾ ڪاميابي نصيب ٿئي ، سائين جن سدائين خوشيون ورهايندو رهي ۽ پاڻ به شل سدائين خوش رهن .


ادا طاهر آئون دير سان اوهان مخاطب ٿيو آهيان هن لاءِ معذرت ، مان ڪجه ڏينهن ادي عبدالرشيد جي شهر معنى
پنهنجي اباڻي ڳوٺ سيتا روڊ ويل هئس ۽ هتي ڪافي مصروف پڻ هئس جنهن لاءِ ڪجه ڏينهن سنڌ سلامت کان پري هئس ، اميد آهي ته منهنجي مجبوري سمجهي ويا هوندا .


ٿورا نه ٿورا مون تي ماروئڙن جا .

ادا افتخار ايڏي تعريف نه ڪر جو تعريف صرف ڌڻي تعالي کي جڳائي، آءُ ته هڪ ادني رڪن جي حيثيت سان هن اڱڻ ۽ اوهان سنڌين جي خدمت ڪندو رهندس ان شاءَ الله۔
لک لائق۔۔۔
 
جواب: پياري دوست طاهر سنڌيء کي 5000 تحريرون ۽ 700 موضوع مڪمل ڪرڻ تي واڌايون

ڪڏهن شاگرد ته ڪڏهن استاد، ڪڏهن دوست ته ڪڏهن مهربان ادا طاهر جي سنڌ سلامت لاءِ جستجو انتهائي شاندار آهي۔۔۔ پنهنجي لکڻين سان فورم کي رونق بخشين ئي ٿا پر هر ان سرگرمي تي جيڪا سنڌ سلامت طرفان پيش ٿئي اڳتي وڌي سڀ کان پهريون نالو درج ڪرائين ٿا۔۔۔
کوڙ دفعي جڏهن حوصلا پست ٿين ته پنهنجي لکڻين، پيغامن ۽ ڪالز جي ذريعي همت وڌائين ٿا۔۔۔ سچ به اهڙن سٻاجهڙن ماڻهن تي مون سميت سنڌ سلامت کي فخر آهي ته اهي اسان جا همسفر آهن۔۔۔

منهنجا ادا سچ ته اهو آهي ته آءُ پاڻ کي اوهان جو دوست سمجهان ٿو، ۽ مونکي ان دوستي تي فخر ۽ ناز آهي۔
هن اڱڻ تي منهنجي جيتري به ايڪٽويٽي آهي ان کي آءُ پنهنجي ديني ملي ۽ قومي فرض سمجهندو آهيان۔
لک لائق اوهان منهنجي حوصله افزائي ڪئي۔
 
جواب: پياري دوست طاهر سنڌيء کي 5000 تحريرون ۽ 700 موضوع مڪمل ڪرڻ تي واڌايون

سڀني دوستن ته جيڪو چيو خوب چيو ۽ محترم دوست طاهر جي لاءِ جيترو به لکجي گهٽ آهي، يارن جو يار، جاکوڙي ۽ حساس دل جو مالڪ آهي ۔۔۔ اهڙا ماڻهون سون ۾ تورڻ جهڙا هوندا آهن ۔۔۔

آءُ کيس 6000 تحريرن ۽ 800 مضمونن جي مبارڪ ٿو ڏيان ۔۔۔ دوست چوندا ته نثار چريو ٿيون آهين ڇا، ليک ته اڃان 5000 ٿيا آهن ۽ مضمون 700 ته مان اهو چوندس ته نه جيڪا رفتار آهي همراهه جي ته اصل ٻن ٽن ڏينهن ۾ اهي مبارڪون به ڏيڻو ئي آهن سو اڳي ئي ڏئي ڇڏجن ۔۔۔

اڳي آءُ ننڍڙي لاءِ جڏهن بس ۾ سفر ڪندي لاڙڪاڻي کان سيوهڻ جي لڪيءَ وارن جبلن جي گرم چشمن تي وهنجڻ ويندو هيس ته ميل جا پٿر شوق سان ڏسندو هيس ۽ ميل ڳڻيندو هيس، پر بس جي رفتار سبب ميل ايندو هو ۽ اک ڇنڀ ۾ گذري ويندو هو ۔۔۔ ادي طاهر جي لکڻين جو انگ به روڊ تي لڳل ميل پٿر جيئان ائين گذري ٿو وڃي جو خبر ئي نٿي پوي ۔۔۔

سنڌ سلامت جي سڄڻ دوست کي سنڌ سلامت جي دوستن سان دوستين وڌائڻ تي واڌايون، سنڌ سلامت تي جهجهي تعداد ۾ لکڻين تي واڌايون ۽ سنڌيت لاءِ سندس اندر ۾ اٿيل طوفان جون مبارڪون ۔۔۔

دعا آهي ته سنڌ سلامت کي ۽ سنڌي قوم کي طاهر جهڙا جاکوڙي مڙس ملندا رهن ۔۔۔ آمين

منهنجا ادا سچ ته اهو آهي ته آءُ پاڻ کي اوهان جو دوست سمجهان ٿو، ۽ مونکي ان دوستي تي فخر ۽ ناز آهي۔
هن اڱڻ تي منهنجي جيتري به ايڪٽويٽي آهي ان کي آءُ پنهنجي ديني ملي ۽ قومي فرض سمجهندو آهيان۔
لک لائق اوهان منهنجي حوصله افزائي ڪئي۔
 
Back
Top