TAHIR SINDHI
سينيئر رڪن
يونان جو عظيم ۽ نوجوان بادشاهه، دنيا جي گهڻي ڀاڱي تي فتح حاصل ڪندڙ جنهنکي اسين سڪندر اعظم جي نالي سان سڃاڻيندا آهيون، اڄ کان لڳ ڀڳ اڍائي هزار سال اڳ جي هن اڳواڻ کي ڪي تاريخدان عظيم ۽ انصاف پسند حڪمران چوندا آهن تي ڪي وري کيس دنيا جو وڏي ۾ وڏو ڌاڙيل به چوندا آهن ... سندس لشڪر جنهن پاسي به منهن ڪندو هو ته کين فتح نصيب ٿيندي هئي، پر جڏهن هماليا جي ٽڪر تان سنڌو درياهه جو ڪپر وٺي هيٺ لٿو ته سندس مقابلو ٿيو هند سنڌ جي راجا پورس سان، جنهن ۾ کيس تمام گهڻو نقصان ٿيو، سندس ڪيترائي ساٿي جنرل مري ويا ۽ هو پاڻ به زخمي ٿيو، جنهنکانپوءِ سندس لشڪر فيصلو ڪيو ته هاڻ کين واپس گهرن ڏانهن ورڻ گهرجي ...
گهر ڏانهن واپس ورڻ دوران سڪندر اعظم زخمن سبب سخت مرض ۾ مبتلا ٿي ويو ۽ ڪيترائي مهينا کٽ تي پيو رهيو، جڏهن سندس حياتيءَ جا ڏينهن ختم ٿيڻ تي آيا ۽ موت نظر اچڻ لڳو ته کيس احساس ٿيو ته، شاندار لشڪر، مال ملڪيت، ۽ تيز ڌار تلوارون ڪنهن ڪم جون ناهن ۽ کيس موت کان بچائي نٿيون سگهن...
سڪندر پنهنجن سپهه سالارن کي گهرايو ۽ چيائين؛ ” آءُ ستت ئي هن دنيا مان لاڏاڻو ڪرڻ وارو آهيان، پر منهنجون ٽي خواهشون آهن، سي پوريون ڪيون وڃن“ سندس سپهه سالارن اکين مان ڳوڙها وهائيندي پنهنجي عظيم اڳواڻ جي خواهشن جي پورائي ڪرڻ جو وچن ڪيو.
سڪندر چيو ته منهنجي پهرين خواهش آهي ته؛ ” منهنجا حڪيم ۽ طبيب منهنجو ڪفن/ لاش کي ڪنڌو ڏئي هلندا ... ٻي خواهش ته جڏهن منهنجو لاش قبرستان ڏانهن کنيو وڃي ته، رستي جي پاسن تي جيڪي مون قيمتي هيرا جواهر، سون ۽ چاندي، قيمتي پٿر ۽ ٻيو مال دولت ڪٺي ڪيو آهي سو سڀ نمائش لئه رکيو وڃي ... منهنجي ٽين ۽ آخري خواهش ته منهنجا ٻئي هٿ ڪفن کان ٻاهر ظاهر رکيا وڃن“
ان محفل ۾ جيڪي ماڻهون پنهنجي عظيم اڳواڻ جون آخري خواهشون ٻڌڻ لئه ڪٺي ٿيا هئا سي انهن حيران ڪندڙ خواهشن تي حيرت ۾ پئجي ويا، پر ڪنهن به سوال ڪرڻ جي همٿ نه ڪئي، پر سڪندر جي هڪ ويجهي دوست ۽ سپهه سالار جهڪي سندس هٿ تي چمي ڏيندي سندس دل جي پاسي کان پنهنجو سر رکندي چيو، ته اي اسانجا مالڪ، اي اسانجا بادشاهه، اسين اوهانجون سڀ خواهشون پوريون ڪنداسون پر اهو ته ٻڌايو ته اهي عجيب خواهشون اوهان ڪهڙي سبب ڪيون آهن؟
سڪندر وڏو ساه کڻندي جواب ڏنو؛” مان چاهيانٿو ته دنيا وارا منهنجي ان عمل مان ٽي سبق حاصل ڪن جيڪي مون پڻ هاڻ سمجهيا آهن ... آءُ چاهيانٿو ته منهنجا حڪيم منهنجو لاش کڻي هلن ته جيئن ماڻهن کي خبر پوي ته موت برحق آهي ۽ ڪو به حڪيم يا طبيب ايترو طاقتور يا عقل ڪل ناهي جوڪنهن به ساهواري کي موت کان بچائي سگهي انڪري ماڻهون پنهنجي حياتيءَ جو قدر ڪن.
ٻي منهنجي خواهش آهي ته سون، چاندي ۽ هيرا جواهر رستي تي نمائش ڪئي وڃي ته جيئن ماڻهن کي خبر پوي ته پوري عمر ڪٺي ڪيل مال مان ڪا هڪ ذري جي شئي ڪم نه ايندي آهي، جڏهن موت ايندو آهي ته سڀ هت ئي رهجي ويندو آهي، انڪري مال ڪٺي ڪرڻ جي لالچ ۾ گذاريل زندگي فضول آهي ۽ ضايع ڪئي وئي آهي.
ٽين منهنجي خواهش آهي ته منهنجا هٿ منهنجي ڪفن کان ٻاهر رکيا وڃن ته جيئن ماڻهن کي خبر پوي ته آءُ هن دنيا ۾ آيو به هٿين خالي هيس ۽ هاڻ هن دنيا مان وڃان به هٿين خالي ٿو.
۽ مرڻ وقت سڪندر اعظم جا آخري لفظ هئا ته ” منهنجي جسم کي پورجو، منهنجي قبر مٿان مقبرو نه ٺاهجو ۽ منهنجا هٿ ڪفن کان ٻاهر رکجو ته جيئن دنيا کي خبر پوي ته جنهن شخص دنيا فتح ڪئي مرڻ کانپوءِ انجا هٿ خالي هئا
مفتي عبد الرحيم
ڪنڌڪوٽ