TAHIR SINDHI
سينيئر رڪن
اسانجي سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي ته ”ست ڪوئا کائي ٻلي هلي حج تي“ ... سو ادا سائين ڪجه ماڻهون اهڙا به هوندا آهن جي برايون ڪري ... پنهنجي من کي مطمئن ڪرڻ لئه يا سماج کي ڏيکارڻ خاطر ڪجه چڱايون به ڪندا آهن ... اهو هڪ نفسياتي مسئلو آهي ...
حيرت ٿيندي آهي جو جڏهن سماجي برائين مان ڪمائيندڙ ماڻهن کان سوال ڪبو ته ... ڪهڙا حال آهن ته جواب ملندو ... الله جا شڪر ۽ جي سوال ڪبو ته ڌنڌو ڌاڙي ڪيئن پيو هلي ته به چوندا الله جو فضل آهي ... پر اهو وساري ويهندا آهن ته برائيءَ مان چڱائي ناهي ٿيندي ... ۽ برائيءَ جي ڪمن سان رحمان جو نه پر شيطان جو واسطو هوندو آهي ...
سهڻي لطيف جو هڪ بيت ياد اچي ٿو جو ان باري ۾ اسانجي رهنمائي ڪري ٿو ...
چـــڱا ڪــــن چڱايون، مــــدايون مــــدن، جو وڙ جڙي جن سين، سو وڙ سيئي ڪن.