السلام عيلڪم دوستو کپي کپي ۽ کپي پر نه پاڪستان کپي نه ڪو سرڪاري عهدو کپي اوهان ان کپي واري لفظ کان واقف هوندا جنکپي کپي چئي ڪري پاڪستان کي ئي کپائي ڇڏيو پر مان اهڙو نه آهيان مان کي رڳو هڪڙو ننڌرو سافٽ ويئر کپي اميد ته ابو زين کان وٺي ٻيا دوست اهڙي سافٽ ويئرن جو علم ضرور رکندا هوندا خاص ڪري فقير ۽ مست ۔۔ دوستو مهنجو ڪم اهو آهي ته مخلتف ماڻهن جو هر مهيني جو حساب رکڻ چاهيان ٿو ۽ جڏنهن مان چاهيان چيڪ ڪري سگهان ته ان کان ڪيترا ورتا ۽ ڪيترا ان ڏي بقايا آهين ۔ ڪيتري ماڻهن جي ان ويزا مون کا ورتي ۽ ڪهڙي ڊيٽ ۾ ۔ سو يار ڪو جي جهوني جي مدد ڪري ته اصل قرب ٿي پوندا ان جا ۔۔۔ مهرباني اوهان جي
جواب: ڪاونٽنگ سافٽ ويئر کپي ادا وڏا ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ جيستائين ڪو ٻيو سافٽويئر جاچجي توهان فلحال هن لنڪ کي ڏسي وٺو متان توهان جو مسئلو حل ٿئي وڃي هت ڪلڪ ڪريو مهرباني سدائين گڏ
جواب: ڪاونٽنگ سافٽ ويئر کپي هن وقت مڊل ايسٽ ۽ پاڪستان هندستان ۾ اڪائونٽنگ لاءِ ٻه سافٽويئر تمام گهڻو استعمال ٿي رهيا آهن. جن مان هڪڙو پيچ ٽري PeechTree ۽ ٻيو ڪوئيڪ بڪس (Quick Books) آهي. تقريبا هر ٻين ٽين ڪمپنيءَ ۾ اهي سافٽويئر استعمال ڪيا ويندا آهن. جن ذريعي ڊيبٽ ڪريڊٽ رپورٽ، پرافٽ اينڊ لوس رپورٽ، سيلز ٽيڪس، انڪم ٽيڪس، ليجر آف پارٽي، اڪائونٽنگ، آڊٽ رپورٽ، وائوچر، ڪيش بڪ وغيره وغيره تي ڪم ڪيو ويندو آهي. جهوني لاءِ صلاح آهي ته ٻنهي مان ڪوبه هڪڙو سافٽويئر استعمال ڪري. نيٽ تان ويڊيو ٽريننگ ڊائونلوڊ ڪري، پريڪٽس ڪري وٺي. يا وري پگهار تي ڪو اهڙو ماڻهو رکيو وڃي، جيڪو ٻنهي مان ڪو هڪ سافٽويئر ڄاڻي ٿو.
جواب: ڪاونٽنگ سافٽ ويئر کپي مهرباني اوهان جي فقير سائين مان چيڪ ڪيان ٿو پر اوهان وارو سافٽ ويئر اهڙي سايٽ تي اپلوڊ ٿيل آهي جو طدا پيو ڪري طير شن نه ان ساِت تان ڪو سافٽ ويئر ڊاننلوڊ ڪرڻو پوي ۔۔۔۔۔ بحرحال مهرباني اوهان جي
جواب: ڪاونٽنگ سافٽ ويئر کپي ادا ابو زين مهرباني اوهان جي ۽ لک ٿورا ادا PeechTree سافٽ ويئر فري ۾ موجود نه آهي ان جو ٽرايل ڏين پيا مان ان کي چيڪ ڪريان ٿو مهرباني اوهان جي ۽ لک ٿورا ادا پر جي اوهان کي ڪو ڪريڪ هٿ اچي وڃي ته ميسيج ڪرڻ ن وسارجو جاني هڪ دفعو ٻيهر اوهان جا قرب ۽ ٿورا
جواب: ڪاونٽنگ سافٽ ويئر کپي پيچ ٽري 2009 جو هن ٽورينٽ تان آئي ايس او ڊائونلوڊ ڪريو. ڊائونلوڊ ٿيڻ کان پو ڪنهن به آئي ايس او ريڊر سافٽويئر جي ذريعي رن ڪرايو. سيريل موجود آهي.
جواب: ڪاونٽنگ سافٽ ويئر کپي مهرباني ادا اوهان جي ۽ لک ٿورا مان چيڪ ڪريان ٿو پر يار آئي ايس او ريڊر جو به لنڪ ڏيو ها ته مهرباني ٿي ها اوهان جي
جواب: ڪاونٽنگ سافٽ ويئر کپي هي حاضر آهي. هر آپريٽنگ سسٽم لاءِ الڳ الڳ لنڪ موجود آهن. http://www.magiciso.com/tutorials/miso-magicdisc-history.htm
جواب: ڪاونٽنگ سافٽ ويئر کپي ليڪن سائين هي ته ڊائون لوڊ ٿئي پيو باقي اڳتي ڪم ڪيئن ڪندو اهو توهان پاڻ استعمال ڪري ڏسو۔