پياري دوست عمران عابد جي ياد ۾

ڏاڏل شينو

سينيئر رڪن
هي اسانجو پيرو دوست عمران عابد جيڪو اسان جي محفل جو مور ليکيو ويندو هو اهو اچانڪ رات جو دل جو دورو پوڻ ڪري 0707207 ۾ 32 سالن جي عمر ۾ اسان کان وڇڙي ويو اڄ جڏهن ڊائري کوليم ته ان وقت لکيل سندس ياد ۾ ڪجھاشعار سامهون اچي ويا جيڪي هن فورم تي ونڊيان ٿو ۽ ان زريعي سندس روح لاءِ ايثالِ ثواب لاءِ صوره فاتحه جي پڻ اپيل ڪريان ٿو​


ڪهڙا ڪهڙا نه ساٿي وڇڙي وڃن ٿا
ڄڻ ڪي باغ سرءُ ۾ اجڙي وڃن ٿا

مسڪرائيندا چهرا اڄ بي رونڪ آهن
هٿ هٿن ۾ ها هي جي نکڙي وڃن ٿا

ڏس عمران عابد ڪيئن هليو ويو
ڄڻ مسافر رستي ۾ راھ مڙي وڃن ٿا

اکيون ڏسن ٿيون دل کي يقين ڪونهي
ٿيا گم ائين ڄڻ سمنڊ ۾ پن لُڙهي وڃن ٿا

سمهندي به تن جي ساروني آهي ساھ کي
سوچيندي ئي ڏاڏل لڙڪ لڙي پون ٿا​
 
جواب: پياري دوست عمران عابد جي ياد ۾

الله تعالي مرحوم کي جنت الفرودس ۾ جڳهه ڏيندو

آمين


سدائين گڏ
 
جواب: پياري دوست عمران عابد جي ياد ۾

انا لله وانا عليه راجعون

رب العالمين مرحوم دوست جي مغفرت فرمائي جنت الفردوس ۾ جڳهه عطا فرمائي ۔۔۔ آمين
 
جواب: پياري دوست عمران عابد جي ياد ۾

انا للھ و انا اليه راجعون۔ الله تعالي مرحوم کي جنت الفرودس ۾ جڳهه ڏيندو۔

آمين
 
Back
Top