سائين قبلا بحث ته ڪافي هلن پيا ۽ پيا هلندا ته هيئن ڪجي هونئن ڪجي پر ڪجي ... هجي ... سان ڪجهه وجود ۾ ڪونه ايندو ادا قاضي صاحب ڪجهه اڳ ۾ لکيو هو ته عملي قدم کڻڻو پوندو سو جيڪڏهن ڪنهن با شعور ماڻهو کي شعور سان گڏ طاقت به آهي ته اهو بهترين آفيسر مقرر ڪري جيڪي استادن کان ڪم وٺي ڏيکارين اسان جي ضلعي ۾ فقط هڪ آفيسر آيو هو ته سڄي ضلعي جا استاد سڌا ٿي ويا هئا هر ڪنهن کي اها ڳالهه هئي ته ادا ڊي اي او صاحب نه اچي وڃي مورڳو نوڪري نه وڃائي. هر ڪو ٽائيم ٿي پيو اچي هر ڪو پنهنجو ڪم ۾ پيش پيش پيو نظر اچي ... خدا جي خوف کان نه ان صاحب جي خوف کان..... اهوئي طريقو آهي سڌاري جو .... ڪاش ڪو اهڙو سنڌين جو سڄڻ اچي باقي صلاحون اسانجون ڪهڙو آفيسر پڙهندو سو يڪدم فوري عمل ٿيندو نيٽ کان وڌيڪ ته اخبارن ۾ آرٽيڪل اچن ٿا پر فقط ليکڪ جي قابليت تائين محدود ته يار فلاڻو ڏاڍو سٺو ليڪک آهي انجو ڪو نتيجو نڪتو آهي ته دوست ٻڌائين ته سائين فلاڻي آرٽيڪل سان هي سڌارو آيو آهي ڪنهن اسڪول جي خلاف ڪو نمائندو لکندو ته با اثر ڌريون ان کي وري لکڻ جي جرات نه ڪرڻ ڏيندا۔ وڌيڪ اوهان وڏا آهيو ڪو سهڻو مشورو ڏيو ۔ من ڪا ڀلائي ٿئي ۔ اسان وٽ سنڌي نه پر ٻي قوم جي ٻارن جي به اها حالت آهي سڄو سال ٻار اسڪول نه ٿو اچي پر امتحان ڏينهن مائٽ ان کي وٺي اچن ٿا ته هن کي امتحان ۾ وهاريو ڪالهه هڪ ڇوڪرو آيو استاد چيو ته سائين هن جو ته امتحان واري لسٽ ۾ نالو ئي ڪونهي ڇوڪري موبائيل ڪن تي رکي هيڊماسٽر کي الائي ڪنهن جو آواز ٻڌرايو هيڊ صاحب استاد کي چيو بابا هن کي ويهار لسٽ ٻي ٺاهي وٺنداسين۔