سنڌ جي اسڪولن جو معيار ڏسو ...

'اکر پڙهه الف جو' فورم ۾ نثارابڙو طرفان آندل موضوعَ ‏9 آگسٽ 2009۔

  1. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    سنڌ جي اسڪولن جو معيار ڏسو ...
    هونءَ ته سنڌ جا سڀ ادارا تباهيءَ جي ڪناري تي آهن پر سنڌ جي حڪومتي اسڪولن ۾ پڙهائيءَ جو معيار ته انتهائي ڪريل آهي ۽ جا قوم تعليم جي اهڙي معيار تي هوندي ته ترقي ڇا خاڪ ٿيندي!!!
    ... هي ڏسو ...

    http://www.youtube.com/watch?v=jOImnAOkjWs
     
  2. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    السلام عليڪم سائين
    ڪجهه حقيقتن جي خبر هئي پر اڃا وڌيڪ ويڊيو ڏسي ڪري اکيون کلي ويون ته ڪرمنل جو سامان به سرڪاري اسڪولن ۾ پيل آهي .
    وڏي افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته پاڪستان ۾ تعليم جو معيار شايد سڌري باقي ڳالهه آهي .......................


    sindhsalamatsaathsal
     
  3. ابن قابل قاضي

    ابن قابل قاضي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏27 فيبروري 2010
    تحريرون:
    52
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: سنڌ جي اسڪولن جو معيار ڏسو ...

    محترم
    ڦلپوٽـ فقير صاحب ۽ نثار ابڙو صاحب

    ادا توهان اهي وڊيو ڪنهن کي ٿا ڏيکاريو، انهن کي جن کي اکيون ئي ڪونهن،
    منهنجا سائين سونهاري سنڌ جي اندر سرڪاري اسڪولن جو تعداد 49211 آهي ، ممڪن آهي تـ نالي ماتر فرق هجي بـ کڻي.جڏهن تـ سنڌ جي آدمشماري 4 ڪروڙ آهي 1108 يونين ڪائونسلون ،121 تعلقـ ، 23 ضلع ، پاڪستان جي ڪل آبادي جو 23.28 سيڪڙو سنڌ ۾ رهي ٿو،

    سنڌ جي پرائمري اسڪولن ۾ فقط 51سيڪڙو ٻار داخل آهن جن مان هر سال 33 سيڪڙو ٻار پرائمري تعليم اڌ ۾ ڇڏي وڃن ٿا.
    سنڌ جي ٻهراڙين ۾ڪل 44 سيڪڙو ٻار پرائمري اسڪرلن ۾ داخل آهن ۽ فقط 35 سيڪڙو ڇوڪريون اسڪولن ۾ داخل آهن.
    جستائين خواندگي جو تعلق آهي تـ اهو بـ ٻڌي ڇڏڻ گهرجي تـ _ ڏهن سالن کان وڏي عمر جي پڙهيلن جو سيڪڙو اٿئي 56، شهرن ۾ 73سيڪڙو، ٻهراڙيءِ ۾ 40 سيڪڙو،جڏهن تـ ٻهراڙيءِ ۾ فقط20 سيڪڙو عورتون پڙهيل آهن.

    جيڪڏهن سنڌ جا سرندي وارا 49211 صاحب ايمان ۽ خدا ترس انسان جن کي الله رب العزت معاشري ۾ عزت بخشي آهي تعليم جي ميدان ۾ سندرو ٻڌي لهي پون تـ سائين تعليم ۾ خاطر خواه سڌارو آئي سگهجي ٿو.

    هڪ ٽرڪ جي پويان لکيل هو ، ” هارن مت بجائين اُستاد سو رها هي “sindhsalamatsaathsal
     
  4. ٻروچ

    ٻروچ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏2 جون 2009
    تحريرون:
    289
    ورتل پسنديدگيون:
    330
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: سنڌ جي اسڪولن جو معيار ڏسو ...

    هن موضوع تي مون اڳ ۾ به ڪنهن ٻئي ٿريڊ ۾ پنهنجي راءِ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي
    http://sindhsalamat.com/showthread.php?t=3406

    اسان پنهنجو پاڻ سان سچا ڪو نه آهيون، ٻين تي الزام لڳائڻ دنيا جو سولي ۾ سولو ڪم آهي پر پنهنجي غلطي کي تسليم ڪري، ان غلطي جي ازالي لاء عملي قدم ڪرڻ تمام گهڻو ڏکيو آهي، جيڪو ڪم اسان ساده دل ماڻهن کان پڄي ئي ڪو نه۔۔
    سنڌ جي شهرن توڙي ٻهراڙي جي سڀني اسڪولن ۾ پڙهائيندڙ استاد سنڌي آهي، ليڪن توهان ايمانداري سان ٻڌايو ته گهڻا استاد پنهنجي پيشي سان سچا آهن۔۔ ڇا اها سنڌي جي غفلت آهي يا ڌارين جو ظلم؟ ڇا اهو اسان جو فرض ڪونهي ته استادن جي اندر سجاڳي جي تحريڪ هلائجي۔۔؟ ڪنهن هڪ قوم پرست جو نالو ٻڌايو، جنهن استادن جي تنظيم سان ملي انهن کي ڪا منٿ ڪئي هجي ته تعليم جي معيار تي توجهه ڏجي؟ يا وري ڪو ٻيو عملي قدم کنيو هجي؟

    سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ "سنڌ" جي نالي تي سياست ڪندڙ سنڌي نوجوان ئي ته آهن، جيڪي پنهنجن ئي درسگاهن ۾ گوليون هلائن ٿا۔۔ روز روز جون هڙتالون، دهشت ۽ غنڊه گردي جي ڪري سنڌي ادارا به بدنام ٿا ڪن ۽ ان سان قوم جي جيڪا خدمت ٿئي پئي، اها سڀني کي خبر آهي۔۔

    پنهنجو پاڻ سان سچو ٿيڻ جي ضرورت آهي۔۔ غلط کي غلط مڃڻ ۽ چوڻ جو حوصلو پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي، روئڻ ته آسان آهي، ٻار پيدا ٿيڻ شرط روئندو آهي۔۔ ڌارين جي ظلم جو انڪار ڪونهي، پر پنهنجي عملن تي به ضرور نظر رکجي۔۔ ڪٿي نه ڪٿي اسان پنهنجو انفرادي ڪردار به ڪو نه پيا نڀايون۔۔ قومي ڪردار جي ڳالهه ڪرڻ پري جي ڳالهه آهي۔۔
     
  5. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: سنڌ جي اسڪولن جو معيار ڏسو ...

    جنهن ملڪ ۾ درسگاهون زبون حال ٿي وڃن ته اتي ملڪ جو ڍانچو به زبون ٿي پوي ٿو۔۔۔
     
  6. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: سنڌ جي اسڪولن جو معيار ڏسو ...

    سنڌ جي تعليمي معيار جي جيڪا حالت آهي، ان حالت تي جيتوڻيڪ ادي ڦلپوٽي فقير، ابن قاضي، دوست ٻروچ سٺو ڳالهايو آهي ۽ هڪ ئي جملي ۾محترم دوست مست وڏو مفهوم بيان ڪيو آهي ۔۔۔

    پر حالتون ڪيتريون بحث لائق آهن، ان تي سوچجي ۽ ڳالهائجي ته هوند ڪيترا ڪتاب لکجن ته به ڳالهه کٽندي ڪون ۔۔۔ پنهنجن جي ڪمزورين تي لکجي يا حڪومتي ڏوهن تي لکجي، طالبعلمن جي نالائقيءَ تي لکجي يا معلمن جي اهليت تي لکجي ۔۔۔ ادارن تي لکجي يا قوم جي سوچ تي لکجي ۔۔۔ ؟؟؟؟

    دوستن کي عرض آهي ته هو ان طرف ۔۔۔ يعني سنڌ جي تعليمي معيار تي هن فورم ۽ هر فورم تي پنهنجي لب ڪشائي ڪن ته ممڪن ڪي ڳالهيون سمجهه ۾ اچن يا وري ڪنهن رستي جو ڪو ڏس پتو ملي پوي ۔۔۔ يا وري اسانجي قوم جي ڪنهن هڪ فرد کي به ڪنهن طرف هلي منزل ماڻڻ جو مطلب ملي وڃي ۔۔۔ ممڪن ڪو پوڄارو پر ٿي وڃي ۔۔۔

    sindhsalamatsaathsal
     
  7. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: سنڌ جي اسڪولن جو معيار ڏسو ...

    سائين قبلا بحث ته ڪافي هلن پيا ۽ پيا هلندا ته هيئن ڪجي هونئن ڪجي پر ڪجي ... هجي ... سان ڪجهه وجود ۾ ڪونه ايندو ادا قاضي صاحب ڪجهه اڳ ۾ لکيو هو ته عملي قدم کڻڻو پوندو سو جيڪڏهن ڪنهن با شعور ماڻهو کي شعور سان گڏ طاقت به آهي ته اهو بهترين آفيسر مقرر ڪري جيڪي استادن کان ڪم وٺي ڏيکارين اسان جي ضلعي ۾ فقط هڪ آفيسر آيو هو ته سڄي ضلعي جا استاد سڌا ٿي ويا هئا هر ڪنهن کي اها ڳالهه هئي ته ادا ڊي اي او صاحب نه اچي وڃي مورڳو نوڪري نه وڃائي. هر ڪو ٽائيم ٿي پيو اچي هر ڪو پنهنجو ڪم ۾ پيش پيش پيو نظر اچي ... خدا جي خوف کان نه ان صاحب جي خوف کان..... اهوئي طريقو آهي سڌاري جو .... ڪاش ڪو اهڙو سنڌين جو سڄڻ اچي باقي صلاحون اسانجون ڪهڙو آفيسر پڙهندو سو يڪدم فوري عمل ٿيندو نيٽ کان وڌيڪ ته اخبارن ۾ آرٽيڪل اچن ٿا پر فقط ليکڪ جي قابليت تائين محدود ته يار فلاڻو ڏاڍو سٺو ليڪک آهي انجو ڪو نتيجو نڪتو آهي ته دوست ٻڌائين ته سائين فلاڻي آرٽيڪل سان هي سڌارو آيو آهي ڪنهن اسڪول جي خلاف ڪو نمائندو لکندو ته با اثر ڌريون ان کي وري لکڻ جي جرات نه ڪرڻ ڏيندا۔ وڌيڪ اوهان وڏا آهيو ڪو سهڻو مشورو ڏيو ۔ من ڪا ڀلائي ٿئي ۔ اسان وٽ سنڌي نه پر ٻي قوم جي ٻارن جي به اها حالت آهي سڄو سال ٻار اسڪول نه ٿو اچي پر امتحان ڏينهن مائٽ ان کي وٺي اچن ٿا ته هن کي امتحان ۾ وهاريو ڪالهه هڪ ڇوڪرو آيو استاد چيو ته سائين هن جو ته امتحان واري لسٽ ۾ نالو ئي ڪونهي ڇوڪري موبائيل ڪن تي رکي هيڊماسٽر کي الائي ڪنهن جو آواز ٻڌرايو هيڊ صاحب استاد کي چيو بابا هن کي ويهار لسٽ ٻي ٺاهي وٺنداسين۔
     
  8. ابن قابل قاضي

    ابن قابل قاضي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏27 فيبروري 2010
    تحريرون:
    52
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: سنڌ جي اسڪولن جو معيار ڏسو ...

    سائين سنڌ جي تعليم کي سڌارڻ تمام آسان آهي، مگر افسوس جو اسين سنڌي آهيون . هر هڪ دوست کي پنهنجي ڳوٺ ، محلي، يا گهٽ ۾ گهٽ ان اسڪول جي مالڪي ڪرڻي پوندي ، Edoeمحترم کي ٻڌاڻو پوندس تـ منهنجي اسڪول سان هي ويڌن آهي . والدين سان رابطا ڪرڻا پوندا تـ اسڪول رڳو بلڊنگ جو نالو ڪونهي اسڪرل نالو آهي ان جاء جو جتي ٻار جي تربيت ٿي جتي ٻار جي سماجي اوُسر ٿي.
    مسئلا پيدا ڪرڻا نـ آهن مسئلن جا حل مسئلن کان وڌيڪ هوندا آهن ، افسوس تـ اسان چاهيون ٿا تـ سڀ هڪ وقت ۾ حل ٿين. دوستن کي اتساهيو تعليم کي بچايو . ڪٿي ائين نـ ٿي جو تعليم کي چوڻو پوي.

    ”سُني جاتي نـ تهي تم سي ميري دن رات کي شکوي ، کفن سرکائو اور ميري بي زباني ديکهه تي جائو“
     
  9. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
  10. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: سنڌ جي اسڪولن جو معيار ڏسو ...

    سائين جڏهن کان پاڪستان ٿيو آهي صرف ڳالهين جي حد تائين ڪم ٿين پيا۔۔۔ ڪٿي به ڪو عملي سڌارو نه پيو آندو وڃي۔۔۔ توهان اهو به ته سوچيو ته دانهن ڏجي ته ڪنهن کي ڏجي، هن قوم کي تباهه ڪرڻ جي هي هڪ وڏي سازش آهي۔
    مون کي ياد آهي مان جڏهن 9 ڪلاس ۾ هئس ته پهريون دفعو بورڊ جا امتحان ڏيڻ هڪ مشهور اسڪول ويو هئس، اتي ڪاپي جي ڌم، ايڪسٽرنل جي چشم پوشي، ٽيچرن جي ڊٺائي ڏسي مان ڏاڍو بد دل ٿيس، ۽ ڪجهه ڏينهن کان پوءِ انهيءَ ڳالهه تي هڪ ننڍو آرٽيڪل لکي پنهنجي وڏي ڀاءُ کي پڙهايم۔۔ ان مٿيون ٻه ٽي سطرون پڙهي چيو ته بابلا! تون اڃان نئون آهين۔۔ هي ڪاپي ڪلچر اسان جي تعليمي ڍانچي جي رڳن ۾ شامل ٿي چڪو آهي۔۔ هي مٺو زهر ٿئي، سِلو پوائزن ٻڌو اٿئي نه، هي ڪاپي ڪلچر ان جي وانگيان اٿئي، جيڪڏهن استاد، شاگرد ۽ والدين ذري برابر به هن علم جي درسگاهن سان سچا هجن ته ايئن نه ٿئي ۔۔ تون هي جيڪو آرٽيڪل لکين ٿو، ان کي ڪير به تڪميل نه ڏئي سگهيو آهي۔۔۔ تون به نه ڏئي سگهندين۔ ترس۔۔۔۔ انهن موجوده عملن جو نتيجو ڪجهه سالن ۾ تنهنجي اڳيان هوندو، جڏهن تعليمي ادارن کي رڳو پئسا ڪمائڻ جي لاءِ (بزنس جي لاءِ) قائم ڪيو ويندو۔ علم ۽ ڄاڻ جي ڪا نشاني نه هوندي اتي۔ (افسوس جو ادا جون ڳالهيون سچ ٿين پيون)
     
  11. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: سنڌ جي اسڪولن جو معيار ڏسو ...

    سائين استادن جو پيشو پيعمبري پيشو آهي۔۔۔ پر انهيءَ سان سچائي ڏيکارڻ وارا لکن ۾ ڪي ورلي هڪ ٻه هوندا۔۔۔ سڀ توهان وانگر الله لوڪ نه آهن سائين۔۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو