آدمشماري بابت ڪي ٽي اين جو هڪ اهم ٽيليوين پروگرام ”سنڌ ڇا سوچي پئي؟“۔۔۔ جنهن ۾ مٿي عنوان ۾ ڏنل سوال سميت ڪيترن ئي سوالن جا جواب ۽ اهم ڳالهين ڏانهن توجه ڏيڻ جهڙيون ڪارائتيون ڳالهيون موجود آهن۔۔۔ محترم غزاله شاهه جي فيس بوڪ وڊيو ۔۔ توهان ساٿين لاءِ حاضر آهي۔۔۔ [fv]112974302118355[/fv]
جواب: ڇا آدمشماري کي محفوظ رکندڙ سافٽويئر هڪ خاندان صرف ڇهه ڀاتي ئي محفوظ ڪري سگهي ٿو ڳالهيون ته سڀ ڀليون ٿيون، پر پو به پوري قومي حالت جي حساب سان نظام ۾ ڪافي اوڻايون موجود آهن، ٻي ڳالهه ته هي جيڪي سياسي پارٽيون آهن ۽ استادن سان گڏجي گهر ڳڻائينديون، انهن جي ڦڙتي ۽ سچائي به ڪٿي ڪٿي مشڪوڪ آهي، مطلب ته اڃان تائين اهڙي ڪا به ڳالهه سامهون نه آئي آهي جنهن کي انگريزي محاوري جيئان ڦول پروف چئون ۔۔۔ ٻي ڳالهه جيڪا سنڌ ۾ يا پاڪستان ۾ کڻي چئجي سا عام ٿيندي وڃي ته ٻوڏ اچي يا قدرتي افتون ته اسڪول بند ۽ استعمال ٿين رهائش لا ۔۔۔ اليڪشن اچي ته اسڪول بند ۽ استعمال ٿين اليڪشن لا، آدمشماري ٿئي ته اسڪول بند ۽ استعمال ٿين استاد سڳورا ۔۔۔ مطلب ته ڇا اسان وٽ تعليمي ادارا ئي سوا تعليم جي هر مرض جو علاج آهن ۔۔۔؟ اهو سوال به ڀلو لڳو ۔۔۔ ٻي ڳالهه ته مون دودو مهيري کي جواني ۾ ڏٺو هو جڏهن ٽوڙهي ڦاٽڪ جو قيدي هو، ان ڦڙت ، ڏاهي ۽ جوشيلي جوان جي جا تي اڇن وارن وارو دودو مهيري نظر آيو ۔۔۔ شايد ادي محترمه رخسانه پريت جي شاعري کيس وقت کان اڳ بزرگ ڪري ڇڏيو آهي ۔۔۔ ڄاڻ ڀري وڊيو ونڊ ڪرڻ تي دوست رشيد جا ٿورا ۔۔۔
جواب: ڇا آدمشماري کي محفوظ رکندڙ سافٽويئر هڪ خاندان صرف ڇهه ڀاتي ئي محفوظ ڪري سگهي ٿو سلام ڪهڙا حال آين