mohdesa
سينيئر رڪن
اکين جي چوڌاري ڪارا داغ
* اکين جي هيٺان ڪارا داغ ختم ڪرڻ لاءِ ليمي جي عرق ۾ موتئي جو روغن ڪجهه قطرا ملائي رات جو سمهڻ وقت اکين جي هيٺان لڳايو.
* صبح سوير سير ڪريو ۽ ڪنهن پارڪ ۾ ڪجهه منٽ ڊگها ڊگها ساهه کڻو ته ڪجهه ڏينهن ۾ اکين جي چوڌاري ڪارا داغ ختم ٿي ويندا.
سانوري (رنگ) چمڙي لاءِ:
* چڻن جي دال پاڻي ۾ پسائي ڇڏيو، ان کي کير ۾ مڪس ڪري ليپ ٺاهيو ۽ ان کي چهري تي روزانو تقريبن پندرنهن کان ويهه منٽن تائين لڳايو ۽ پوءِ تازي پاڻي سان ڌوئي وٺو، ڪجهه ڏينهن ۾ چهرو صاف شفاف ۽ فريش ٿي ويندو.
* سرنهن جي تيل ۾ موسمي ۽ ليمي جا ڇلڪا پيهي مڪس ڪري ابٽن ٺاهيو، روزانو چهري تي لڳايو، سانورو رنگ ختم ٿي ويندو.
* بادام، هئيڊ ۽ چانور پيهي انهن ۾ ٿورو کير شامل ڪريو، پوءِ چهري تي لڳايو، ڪجهه ڏينهن ۾ واضح فرق محسوس ڪندا.خشڪ چپن جو علاج:
* چپن تي بادام جو روغن ۽ خالص ديسي گيهه لڳايو.
* کير جي ملائي ۾ گرم هئيڊ مڪس ڪري چپن تي لڳايو.
* روغن بادام ۾ زرد موم ملائي چپن تي لڳايو.
* رات جو سمهڻ کان اڳ سرنهن جو تيل چپن تي لڳايو ۽ دن تي سرنهن جي تيل جي چڱي طرح مالش ڪريو.
چهري تي نشان مٽائڻ جو طريقو:
ڪڙن بادامن کي چڱي طرح پيهو، پوءِ انهن کي گهربل جڳهه تي ليپ ڪريو، ڪجهه ئي ڏينهن ۾ نشان مٽجي ويندا.
اکين کي ٿڌ پهچائڻ:
کيري يا ٽماٽي کي ڪٽي ان جو هڪ ڳترو اکيون بند ڪري مٿان رکي ڇڏيو، تقريبن پندرنهن منٽن تائين اهو ڳترو اکين تي رهڻ ڏيو، پوءِ اکيون کوليون ۽ ٿڌي پاڻي جا ڇنڊا اکين کي هڻو، اکين ۾ ٿڌاڻ محسوس ٿيندي.
رينا عليڪاوش تان ورتل