سونهن وڌائڻ لاءِ ڪجهه ته ڪرڻو آهي

'سورنهن سينگار' فورم ۾ mohdesa طرفان آندل موضوعَ ‏13 اپريل 2011۔

  1. mohdesa

    mohdesa
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏6 اپريل 2011
    تحريرون:
    69
    ورتل پسنديدگيون:
    2
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    حيدرآباد سنڌ
    اکين جي چوڌاري ڪارا داغ

    * اکين جي هيٺان ڪارا داغ ختم ڪرڻ لاءِ ليمي جي عرق ۾ موتئي جو روغن ڪجهه قطرا ملائي رات جو سمهڻ وقت اکين جي هيٺان لڳايو.

    * صبح سوير سير ڪريو ۽ ڪنهن پارڪ ۾ ڪجهه منٽ ڊگها ڊگها ساهه کڻو ته ڪجهه ڏينهن ۾ اکين جي چوڌاري ڪارا داغ ختم ٿي ويندا.

    سانوري (رنگ) چمڙي لاءِ:

    * چڻن جي دال پاڻي ۾ پسائي ڇڏيو، ان کي کير ۾ مڪس ڪري ليپ ٺاهيو ۽ ان کي چهري تي روزانو تقريبن پندرنهن کان ويهه منٽن تائين لڳايو ۽ پوءِ تازي پاڻي سان ڌوئي وٺو، ڪجهه ڏينهن ۾ چهرو صاف شفاف ۽ فريش ٿي ويندو.

    * سرنهن جي تيل ۾ موسمي ۽ ليمي جا ڇلڪا پيهي مڪس ڪري ابٽن ٺاهيو، روزانو چهري تي لڳايو، سانورو رنگ ختم ٿي ويندو.

    * بادام، هئيڊ ۽ چانور پيهي انهن ۾ ٿورو کير شامل ڪريو، پوءِ چهري تي لڳايو، ڪجهه ڏينهن ۾ واضح فرق محسوس ڪندا.خشڪ چپن جو علاج:

    * چپن تي بادام جو روغن ۽ خالص ديسي گيهه لڳايو.

    * کير جي ملائي ۾ گرم هئيڊ مڪس ڪري چپن تي لڳايو.
    * روغن بادام ۾ زرد موم ملائي چپن تي لڳايو.

    * رات جو سمهڻ کان اڳ سرنهن جو تيل چپن تي لڳايو ۽ دن تي سرنهن جي تيل جي چڱي طرح مالش ڪريو.

    چهري تي نشان مٽائڻ جو طريقو:

    ڪڙن بادامن کي چڱي طرح پيهو، پوءِ انهن کي گهربل جڳهه تي ليپ ڪريو، ڪجهه ئي ڏينهن ۾ نشان مٽجي ويندا.

    اکين کي ٿڌ پهچائڻ:

    کيري يا ٽماٽي کي ڪٽي ان جو هڪ ڳترو اکيون بند ڪري مٿان رکي ڇڏيو، تقريبن پندرنهن منٽن تائين اهو ڳترو اکين تي رهڻ ڏيو، پوءِ اکيون کوليون ۽ ٿڌي پاڻي جا ڇنڊا اکين کي هڻو، اکين ۾ ٿڌاڻ محسوس ٿيندي.
    رينا عليڪاوش تان ورتل
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سونهن وڌائڻ لاءِ ڪجهه ته ڪرڻو آهي



    مهرباني ادي

    تمام سهڻي ۽ ڪارائتي شيئرنگ آهي۔ بلڪل انسان پاڻ کي خوبصورت بنائڻ ۽ پاڻ کي آرام پهچائڻ لاء گهڻا جتن ڪندو آهي۔ اوهان هي هڪ بهترين ڪوشش آهي۔
     
  3. mohdesa

    mohdesa
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏6 اپريل 2011
    تحريرون:
    69
    ورتل پسنديدگيون:
    2
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    حيدرآباد سنڌ
    جواب: سونهن وڌائڻ لاءِ ڪجهه ته ڪرڻو آهي

    ادا مهرباني پسند ڪرڻ لا۽
     
  4. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: سونهن وڌائڻ لاءِ ڪجهه ته ڪرڻو آهي

    واھ تمام بھترين ڪارائتي ونڊ۔۔۔۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو