طارق اشرف - ڪهاڻيڪار ، نقاد ۽ ايڊيٽر (ورسيء تي کيس ڀيٽا)

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏14 اپريل 2011۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    طارق اشرف - ڪهاڻيڪار ، نقاد ۽ ايڊيٽر


    تحرير : رضوان گل


    ايمرسن پنهنجي هڪ تقرير ۾ چيو هو ته: ”اسان کي ٺهيل ٺڪيل نقلي ماڻهو ڪونه ٿا کپن جيڪي چاٻي ڦيرائڻ سان ادبي لفاظي يا ڪا ٻي ڪرت ڪري سگھندا هجن، پر پاڻ کي ته ڪجهه اهڙن شخصن جي گھرج آهي جيڪي پنهنجي ارادي جي سگھ ڪتب آڻيندي سمجھداريءَ سان ڪنهن به نئين ڪم ۾ هٿ وجھي سگھندا هجن.“ هي لفظ سنڌي ادب کي نئون موڙ ڏيندڙ بيباڪ ڪهاڻيڪار طارق اشرف جي ڪيل ڪارنامن سان بلڪل ٺهڪندڙ آهن. ڇا لاٰءِ ته طارق اهو قلمڪار هيو جنهن روايتن جي قيد و بند کان آزاد ٿي پنهنجي مرضيءَ مطابق ڪم ڪيو. هن پنهنجا دڳ پاڻ ٺاهيا ٻين جي گسن تي هلڻ سندس طبعيت ۾ نه هو.

    سن 1940 ۾ حيدرآباد ۾ جنم وٺندڙ طارق اشرف جهڙي ريت ڪهاڻي سان پنهنجو ناتو نڀايو، ساڳي طرح پبلشنگ وارو ڪم به منفرد انداز ۾ ڪيو. سندس انداز مان متاثر ٿيندي بعد ۾ ٻين ماڻهن پڻ جهڙيس ڪوششون ڪيون. جڏهن سنڌي ادب ذريعي مختلف مزاحمتي لاڙا اڀريا ۽ خاص طور ون يونٽ واري زماني ۾ اديبن کي جيلن ۾ وڌو ويو، ته طارق اشرف عملي طور به ميدان ۾ لٿو. هن دل کولي لکيو ۽ وقت جي حڪمرانن سان به سڌي سنئين ريت مخاطب ٿيڻ کان نه ڪيٻايو. سنڌ ۽ سنڌين جي حقن جي ڳالهه ڪندي هن ڪنهن به پلئـٽفارم تي مصلحت کان ڪم نه ورتو.

    جتي به طارق اشرف جو ذڪر ٿيندو ته اتي ماهوار ”سهڻي“ جو ذڪر به ائين ئي ٿيندو جيئن سهڻيءَ سان گڏ ميهار جو. ”سهڻي“ رسالو طارق کان پوءِ وري ڪنهن نه ڪڍيو. ”سهڻي“ طارق اشرف جي سڃاڻپ جو اهم حوالو آهي، جيڪو ان وقت نيون سوچون، فڪر ۽ سنڌي ادب ۾ جديد روايتون کڻي آيو. سنڌي ادب ۾ طارق اها به نئين روايت وڌي ته هن اديبن کي مڃتا ڏيڻ لاءِ انهن جي جيئري ”سهڻيءَ“ جا يادگار نمبر ڪڍيا. ان کان اڳ رسالن ۽ اخبارن جا خاص نمبر فقط وڇڙي ويل اديبن تي ئي نڪرندا هئا. اهڙي ريت طارق انهيءَ پراڻي روايت ۾ هڪ نئين تبديلي پڻ آندي.

    ڪنهن به رسالي کي مستقل جاري رکڻ انتهائي مشڪل ڪم هوندو آهي پر اهو مشڪل ڪم هن تمام محنت ۽ خوشيءَ سان سرانجام ڏنو. ”سهڻيءَ“ جا ايڊيٽوريل ان دؤر جي حالتن جي تاريخ سان گڏوگڏ طارق اشرف جي سنڌ سان جذباتي لڳاءُ جو داستان آهن. طارق جي بيباڪيءَ سان سچ چئي ڏيڻ واري عادت ان وقت جي اقتدار ڌڻين کي نه وڻي، جنهن ڪري کيس تمام گھڻين تڪليفن ۽ مشڪلن سان منهن ڏيڻو پيو. سهڻي رسالي تي پابندي مڙهي، هن جي گھر مٿان چڙهائي ڪرائي وئي، جنهنڪري کيس مجبوراً روپوش به ٿيڻو پيو.

    سهڻيءَ جا نسيم کرل، امر جليل ۽ شيخ اياز نمبر سنڌي ادب ۾ انقلابي تبديلي هئا، جن تي ان دور ۾ وڏا بحث مباحثا به ٿيا. طارق اشرف بحيثيت ايڊيٽر پنهنجون سموريون صلاحيتون ”سهڻيءَ“ لاءِ صرف ڪيون. نوَن ليکڪن کي سينيئر ليکڪن سان گڏ جاءِ ڏئي انهن جي همت افزائي به ڪيائين، ته ساڳي وقت وري ڪيترن ئي سيکڙاٽ ليکڪن جون لکڻيون واپس به ڪري اماڻيائين، جن ۾ اصلاح جي تمام گھڻي گنجائش هوندي هئي. اهو ان ڪري به ته هن سهڻيءَ کي هڪ ڀرپور ۽ معياري رسالو بڻائڻ ٿي چاهيو، جنهن ۾ هو سڦل به ٿيو. سهڻيءَ ۾ مواد شايع ٿيڻ ڪنهن به اديب لاءِ سند جي حيثيت رکندو هو. اڄ ڪلهه ڪمشرل ازم جو دؤر آهي، هرڪو ڪمائي خاطر پيو ڪم ڪري. ڪي ٿورا ماڻهو آهن جيڪي ادب جي خدمت جي جذبي تحت ادبي مخزن ڪڍي رهيا آهن، پر طارق اشرف جو اهو سهڻيءَ سان عشق هو جو مالي طور نقصان ۾ وڃڻ باوجود به هن مسلسل ان عشق سان نڀاءُ ڪيو.
    طارق اشرف بنيادي طور هڪ بيباڪ ڪهاڻيڪار هو، ”بک“ ۽ ”چهڪ“ سندس يادگار ڪهاڻيون آهن. ان کان علاوه ”روپ ٻهروپ“، ”اُڻ تڻ“، ”ملنگ جو نعرو“ ۽ ”منهن ڪارو“ پڻ سندس تخليق ڪيل بهترن ڪهاڻين منجهان آهن. انهن ڪهاڻين جا ڊائلاگ ۽ منظر ڪشي دل ۾ پيهجي وڃن ٿا. اهي ڪهاڻيون اجتماعي سماجي دردن، ناانصافين، محرومين، زيادتين، ڇرڪائيندڙ حادثن ۽ واقعن جو داستان آهن.

    طارق اشرف جي ڇپيل ڪتابن ۾: ”جيل ۾ ٻاويهه مهينا“ (ڀاڱو پهريون)، ”اڌ ملاقات“ خط، ”جيل گھاريم جن سان“، ”جيل ۾ ٻاويهه مهينا“ (ڀاڱو ٻيو)، ”زندگي تنها مسافر“ ڪهاڻيون، ”هٿين هٿ ڪڙول“ جيل جي ڊائري، ”سونهن پٿر ۽ پيار“ ڪهاڻيون، ”ميرو ڌاڙيل“ ناول، ”انٽرويو“، ”درد جا ڏينهن درد جون راتيون“ ۽ ”بند اکين ۾ ڪجهه يادون ڪجهه سپنا“ شامل آهن.

    موت اهڙي اٽل حقيقت آهي جنهن کان دنيا جي عظيم ڏاهن، فلسفين، دانشورن ۽ مفڪرن به انڪار ناهي ڪيو. ان ئي بي مهلي موت طارق اشرف کي 14 اپريل 1992ع تي اسان کان جدا ڪيو. پر هو اڄ به ساهت جي رستي تي موت مٿان به حاوي آهي بقول استا بخاري:


    مٿي ۾ اٿئون زندگيءَ جي هوا،
    اسين تيز رفتار آهيون سو آهيون.
    اڙي! موت ساهت جي رستي مٿان،
    اسين توتي هسوار آهيون سو آهيون.

     
  2. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: طارق اشرف - ڪهاڻيڪار ، نقاد ۽ ايڊيٽر (ورسيء تي کيس ڀيٽا)

    بهترين ليک آهي سائين

    اهڙي ڪوشش جاري رکجو
    سدائين گڏ
     
  3. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: طارق اشرف - ڪهاڻيڪار ، نقاد ۽ ايڊيٽر (ورسيء تي کيس ڀيٽا)

    جڏهن پاڻ ضيائي مارشلا جي دور ۾ سنڌ جي ڳالهه ڪرڻ لا ڳوٺن ۽ واهڻن ۾ ڪاهي پيا هياسون، ان وقت سهڻي رسالي جا ايڊيشن اسانجي رهنمائي ڪندا هئا، سهڻي رسالي ۾ قومي ليک ۽ قومپرستي سان ٽمٽار ڳالهيون اسان ۾ اتساهه ۽ ولولو پئدا ڪنديون هيون ۔۔۔

    طارق اشرف جو شمار سنڌ جي تاريخ ۾ سونهري لفظن ۾ لکجي ٿو ۔۔۔ ورسي جي موقعي ته اسان سنڌ سلامت جي هن اڱڻ پاران سندس عظمت کي سلام پيش ٿا ڪريون ۔۔۔

    ويا مور مري، هنج نه رهيو هيڪڙو
    وطن ٿيو وري ڪورن ڪائنرن جو۔

    دعا آهي ته وري ڪي طارق اشرف جهڙا هنج پئدا ٿين ۽ سنڌين جي قلم ۽ عمل ذريعي رهنمائي ڪن ۔۔۔

    سلام سنڌ جي سڄڻن کي

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: طارق اشرف - ڪهاڻيڪار ، نقاد ۽ ايڊيٽر (ورسيء تي کيس ڀيٽا)

    فقير سائين مهرباني

    اوهان پهنجي موجودگيء جو احساس ڏياريو

    ادا رضوان جا قرب جيڪو هر ڏينهن جي مناسبت سان شخصيت جو پروفائيل ونڊ ڪندو رهندو آهي
     
  5. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: طارق اشرف - ڪهاڻيڪار ، نقاد ۽ ايڊيٽر (ورسيء تي کيس ڀيٽا)

    سنڌي ماڻهن جي حالت جو ذڪر ڪندي ڳوڙها پون ڳڙهي ۔۔۔ ڪالهه فيسبڪ ادبي ايسوسيئشن وارن طارق عالم تي مباحثو رکيو هو ته ڪيئن سندس مدد ڪجي دوستن مفت جا رايا ڏنا ضرور پر جڏهن سندس پئسن جي مدد جي ڳاله کلي ته سواءِ منهنجي ۽ سائين جوکيو صاحب جي سڀ چپ ٿي ويا ڪنهن به طارق عالم کي پئسن جي مدد جي حامي نه ڀري ۔۔۔ ۽ سڀ اصل چپ ٿيا ٻن ٽن ڪلاڪن تائين وري ڪو فيسبڪ جي گفتگوءِ ۾ شامل ئي نه ٿيو ۔۔۔ اها حالت آهي سنڌي قوم جي اديبن ۽ ڏاهن جي ۔۔۔ !!!!!!

    باقي عشقيه شاعري ٻڌائي ويٺا قوم کي ڀنگ پيئارن ۔۔۔ الله واهي آهي هن قوم جو۔۔۔۔

    سنڌي قوم ايتري بي وس ٿيندي، اها قوم جيڪا صدين جي ثقافت جي امين آهي، جنهنجي همٿ، غيرت ۽ مهمانوازيءَ تي آسمان به فخر ڪندو هو اڄ اها قوم پنهنجن کي مرندو ڏسي چپ چپ ويٺي تماشو ڏسي ۔۔۔ حيرت آهي ۔۔۔۔!!!!!!
     
  6. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: طارق اشرف - ڪهاڻيڪار ، نقاد ۽ ايڊيٽر (ورسيء تي کيس ڀيٽا)

    سائين نثار مهرباني

    ڪاله سڄو ڏينهن عامر سان گڏ هئاسون ۽ رات جو دير تائين سنڌ سلامت جي دوستن سان ويهڪ ٿي جنهنڪري مان شامل نه ٿي سگهيس جنهن جو افسوس پڻ آهي۔ جيڪڏهن مان هجان هان ته ضرور اوهان واري لسٽ ۾ شامل هجان ۽ هاڻي به آهيان۔

    اسان هميشه ٻين جي آسري تي رهياسين ته اسان جي تباهي ٿيندي تنهنڪري اسان سنڌ سلامت کي به پنهنجي آڌار تي پيا هلايون جنهن لاء سنڌ سلامت جي سموري ٽيم جس لهڻا۔
     
  7. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: طارق اشرف - ڪهاڻيڪار ، نقاد ۽ ايڊيٽر (ورسيء تي کيس ڀيٽا)

    ادا تمام بهترين معلوماتي ليک آهي ۔
     
  8. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: طارق اشرف - ڪهاڻيڪار ، نقاد ۽ ايڊيٽر (ورسيء تي کيس ڀيٽا)

    ڇا لکان سمجهه ۾ نه ٿو اچي، پر اکين ۾ لڙڪ اچي ويا آهن۔۔۔
     
  9. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: طارق اشرف - ڪهاڻيڪار ، نقاد ۽ ايڊيٽر (ورسيء تي کيس ڀيٽا)

    اڄ وري 14 اپريل ۽ اڄ وري طارق اشرف جي ورسيء ڏينهن سندس ياد ۽ سهڻي رسالي جي ياد

    [​IMG]
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  10. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سهڻي جي طارق اشرف جي ياد سندس ورسيء ڏينهن
     
  11. معصوم سنڌي

    معصوم سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 اپريل 2012
    تحريرون:
    690
    ورتل پسنديدگيون:
    1,769
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    جرنلسٽ
    ماڳ:
    لياري ڪراچي
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  12. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    طارق اشرف ۽ سندس يادون

    ايم اي سنڌي

    طارق اشرف صاحب، سنڌي ادب جو هڪ تمام وڏو نالو. هڪ ئي وقت ڪهاڻيڪار، هڪ سٺو پڙهندڙ، بهترين ايڊيٽر، سندس رسالو سهڻي سنڌي ادب جو هڪ شاهڪار رسالو هو اڄ جا وڏا ليکڪ، سهڻيءَ ذريعي ئي سنڌي پڙهندرن ۾ پنهنجو نالو روشن ڪيو. غلام نبي مغل، ته شروع کان وٺي اداره ادب نو، جي پهرئين قدم، ٻئي قدم کان وٺي ڊيمي سائيز ۾ سهڻي ڪتاب سلسلو ماهوار سهڻي تائين، ۽ طارق صاحب جي 22 مهينن واري قيد، ۽ بعد ۾ ڊبل ڪرائون سائيز ۾ جديد سهڻي رسالي، تخليق، ۽ ضياءُالحق جي وقت ۾ جيل گهارڻ واري سمورن مشڪلاتن ۾ گڏ رهيو. پر امرجليل، آغا سليم، نسيم کرل، رسول بخش پليجي، ظفر حسن، وليرام ولڀ، ذوالفقار راشدي، ۽ ٻين ڪيترن اديبن کي اسان سهڻي ۾ پڙهيو.آئون شخصي طور تي طارق صاحب جي قدمن ۾ رهي لکڻ ۽ پڙهڻ سکيس. اهو زمانو 1970 جو آهي. طارق صاحب جي سهڻي پريس، ظفر حسن جي سهڪار سان پرفيڪٽ پريس جي نالي ۾ قائم ٿي هئي. طارق صاحب جي الهندي ڪچي جي گهر ويجهو سيد ابراهيم شاهه جي گهر سامهون هڪ جاءِ ۾ اها پريس قائم ٿي هئي . شام جو سنڌي اديبن جا اتي ميلا لڳا پيا هوندا هئا. امر جليل، ظفر حسن سيد، آغا شهاب الدين، ناصر مورائي، غلام نبي مغل، وليرام ولڀ، نسيم کرل، آغا سليم، رسول بخش انڙ، قادر بخش نظاماڻي، مون پهريون ڀيرو اتي ڏٺا. ڪيترو وقت محترم امر جليل به ابراهيم شاهه واري گهر ۾ مسواڙ تي رهندو هو. جليل صاحب تڏهن ريڊيو پاڪستان حيدرآباد ۾ نوڪري ڪندو هو. ريڊيو پاڪستان حيدرآباد واري آفيس ۾ سندس آفيس جا در هر وقت نوجوانن لاءِ کليل هوندا هئا. آئون ان وقت وٽس ويندو هوس. پر ڪڏهن به اهو احساس نه ٿيندو هو ته هڪ وڏو اديب اسان جهڙن تڏهوڪي نوجوانن سان ويهي ڪچهري ڪندي ڪڏهن تنگ ٿيو هجي.

    اها ئي ڳالهه طارق صاحب ۾ به هوندي هئي. آئون ته شخصي طور تي هن کان متاثر هوندو هيس. سندن والده بانو بيبي امان جي ساهيڙي هوندي هئي. البت سندس والد ته اسان ڪونه ڏٺو. منهنجي مامي مرحوم قربان علي جو پڳ مٽ يار هوندو هو. سندس والده هڪ پڙهيل لکيل بردبار عورت هوندي هئي. طارق صاحب جون لکيل جديد ڪهاڻيون پڙهي محسوس ٿيندو هو ته سندس مطالعو ڪيڏو نه اونهو آهي. سندس هڪڙي ماسي، ملتان ۾، پرڻيل هوندي هئي. اها به اتان جي ڪنهن وڏي سيد خاندان ۾. پاڻ جڏهن ملتان ويندو هو ته اتان واپس اچي اتان جا قصا ٻڌائيندو هو. ته اهي ماڻهو ڪيڏا نه مينرز وارا آهن، ڊنر تي سڏڻ لاءِ گهنٽي وڄندي آهي ۽ پوءِ سڀ اچي گڏ ماني کائيندا هئا. طارق صاحب جي ٻي ماسي مٽياري سيدن ۾ پڻيل هئي. اهو به هڪڙو وڌو گهراڻو هو. انهن ٻنهي ماسين جا گهراڻا پئسي وارا گهڻا. سکيا ستابا هوندا هئا. انهن ڳالهين جو طارق صاحب تي وڏو اثر هو. هن جو ننڍ پڻ انتهائي غربت ۾ گذريو هو. هو صاحب پنهنجي مختصر آتم ڪٿا اُهي ڏينهن ۾ لکي ٿو:

    مان جڏهن به پنهنجي گذريل زندگيءَ جي باري ۾ سوچيندو آهيان ته يادن جا هجوم مڙيو اچن. ڏک ڏک سک، ڏک ڏک ڏک! ها مون زندگيءَ ۾ ڏک ئي ڏک ڏٺا آهن ڏک ئي سٺا اٿم جيڪڏهن ڪو سک نصيب ٿيو ته انهيءَ جي اڳيان ۽ پٺيان ڏک لازمي رهيا آهن“.

    سنڌي ٻوليءَ ۾ حقيقت پسند ڪهاڻيون هن لکيون. مون کي ياد ٿو اچي ته سندس ڪهاڻين جو پهريون مجموعو ”سونهن، پٿر ۽ پيار“ هو. اهو ڪتاب 1964ع ۾ شايع ٿيو هو. تڏهن آئون گورنمينٽ هاءِ اسڪول حيدرآباد ۾ سيونٿ ڪلاس ۾ پڙهندو هوس اهو ڪتاب منهنجي ڀاءُ جي لائبريري ۾ ان وقت مون ڏٺو هو. سندس ڪهاڻي ”پيار جي سرحد“ به ان وقت پڙهي هيم. ڪيڏيون دل کي ڇهندڙ ڪهاڻي هئي. هيرو جي دل پنهنجي ماسات سان آهي. پر ماسات، سنڌ جي روايتي ريتن، رسمن، پابندين ۾ جڪڙيل هئي. ٻه دليون هڪٻئي کان جدا ٿي وڃن ٿيون. طارق صاحب انهن ڪهاڻي ۾ لفظن جي جادوگري ڪئي آهي ۽ اها ڪهاڻي طارق صاحب جي زندگي جو هڪ اڏامندڙ ورق هئي. ٻه وڻن جا پن هئا، جيڪي هوا جي بي رحم جهوٽن ۾ جدا ٿي ويا.

    انکانسواءِ زندگي او زندگي، چهبڪ مارڪيٽ سونهن پٿر ۽ پيار، درد جا ڏينهن درد جون راتيون، روپ ٻهروپ، پڻ سنڌي ادب جون اڻوسرندڙ ڪهاڻيون آهن. هن جي ڪهاڻين جا 3 ڪتاب ”سونهن پٿر ۽ پيار، ”درد جا ڏينهن درد جون راتيون“، زندگيءَ جو تنها مسافر“ ۽ بعد ۾ سمورين ڪهاڻين جو مجموعو ”ڪجهه يادون، ڪجهه سپنا“ شايع ٿيا.

    هُو هڪ انتهائي نازڪ نفيس انسان هو. نه سگريٽ، نه ٻيڙي، نه وري وهسڪي. البت ميوزڪ ۽ سٺي چاءِ جو شوقين. چانهن ڌار ڌار يعني اسپشل پيئندو هو. کير ۽ کنڊ جدا چانهن به اعليٰ ڪوالٽي جي ”ارل گري“ سندس وڻندڙ چانهن هئي ان وقت اهو چانهن جو دٻو 50 رپين ۾ ۽ هاڻ ڪراچي جي آغاز سپر اسٽور تان ڇهه سو رپين ۾ وڪامجي ٿي. سندس شوق هوندو هو، ڪشور ڪمار جا ريڪارڊ وٺڻ ۽ پوءِ ان جون ڪيسٽون خريد ڪرڻ. ان لاءِ پهرين هُن چينجر ريڪارڊ، ۽ پوءِ ٽيپ رڪارڊر ورتا هئا پر ڪيترن خواهشن هوندي به هو سنڌي ٻوليءَ جو اديب هو ۽ ادب خواهشون ۽ پيٽ پالڻ واري معاملي کان پري هوندو آهي.

    هن کي سياست ۾ شروع شروع ۾ پيپلزپارٽي ڏاڍي وڻندي هئي 1970 واري چونڊن ۾ هو پنهنجي پاڙي ۾ نه رڳو پيپلزپارٽي جو ورڪ ڪندو هو بلڪه پنهنجي گهر تي پيپلزپارٽي جو جهنڊو به هنيو هئائين. منهنجي گهر تي ان وقت سائين جي ايم سيد جي سنڌ متحده محاذ جو ٽرنگو جهنڊو لڳل هوندو هو. بس پوءِ اسان جا ٿيندا هئا بحث، سياسي بحثن ۾ آئون به جذباتي ۽ طارق صاحب جي ڪاوڙ تکي . ان جو نتيجو لفظي تڪرار هڪ ڀيرو ڪاوڙ ۾ مون کي آفيس مان گيٽ آئوٽ جو چيائين ته آئون ماٺ ڪري ٻاهر نڪري آيس. غلام نبي مغل به منهنجي ڪري آفيس مان ٻاهر نڪري آيو. ڪجهه دير ۾ طارق صاحب جي ڪاوڙ ڍري ٿي ته اچي اسان کي پرچائي اندر وٺي ويو. پر اهڙا جهيڙا اسان جي وچ ۾ پيا ٿيندا هئا. آئون جڏهن به ڪاوڙ جي گهر هليو ايندو هوس ته پويان ڪجهه دير ۾ پاڻ به اچي منهنجي گهر پهچندو هو ۽ مون کي پرچائي پاڻ وٽ وٺي ويندو هو. هن کي منهنجي ڀاءُ ممتاز قريشي جو ٺهرايل ڊرائينگ روم ڏاڍو وڻندو هو. اها ڳالهه 72-1971 جي آهي. ان ڊرائينگ روم ۾ هو پنهنجي پٽ دانيال شاهه جي هر سال سالگرهه ڏاڍي شوق سان ملهائيندو هو. ڊرائينگ روم هوندو هو ڏاڍو سينگاريل ۽ ڊيڪوريڊ ٿيل. ان ۾ اڍائي ٽنن جو ڪيريئر ايئر ڪنڊيشنڊ لڳل هوندو هو اتي طارق صاحب کي اچي ڏاڍي فرحت ٿيندي هن هڪ ڀيرو کيس چيو ته ”اوهين دانيال شاه جي سالگرهه تي ڪيڏو نه خرچ ٿا ڪريو“؟ ان وقت وقت به هن جي تنگدستي دور جو هوندو هو. اڪيلي پريس ۽ رسالو ڪمائيءَ جو ذريعو. سو ڪٿان ٿا زندگي جا خرچ پورا ڪن؟

    هو. منهنجي ڳالهه ٻڌي چوڻ لڳو، ”سچ پڇين ته دانيال شاه جي سالگرهه ۾ خواهش آئون پنهنجي پوري ڪندو آهيان. ننڍڙي هوندي ڪڏهن به آئون پنهنجي سالگره نه ملهائي سگهيس پر هاڻ آئون دانيال شاه جي هر خواهش پوري ڪندو آهيان. جو ننڍڙي هوندي منهنجون ڪيتريون خواهشون اڻپوريون رهجي ويون!“

    طارق اشرف جي، سموري زندگي جدوجهد هئي. مسلسل جدوجهد.پاڻ پڇاڙي ۾ ( مارچ 1998ع کان 1992ع ڊسمبر تائين) سهڻي کي نئين رنگ ۽ ڍنگ سان ڊبل ڪرائون سائيز ۾ شايع ڪرڻ شروع ڪيائين( اڳي سهڻي ڊيمي سائيز ۾ نڪرندي هئي.) سهڻي جي انهيءَ نئين دور ۾ هن شيخ اياز تي ٻه شاندار نمبر جاري ڪيا.انهن تي هن وڏي محنت ڪئي هئي.بلڪه شيخ اياز تي ان کان اڳ ۾، ڪڏهن به ڪنهن مخزن اهڙا شاندار نمبر نه ڪڍيا هئا. طارق صاحب 1974ع ڌاري، امرجليل ، ۽ نسيم کرل تي پڻ ڊيمي سائيز ۾ نمبر ڇپيا هئا. اهي به سنڌي ادب جو املهه خزانو آهن. پر منهنجا سائين، طارق اڪيلو هو. زندگي جي ويڙهه ۾ به اڪيلو هو، سهڻي رسالي جي ٻيهر جاري ڪرڻ ۾ اڪيلو هو. ڏينهون ڏينهن سندس صحت خراب ٿي رهي هئي، پر هو ان تي ڪابه توجهه ڏيڻ لاءِ اصل تيار نه هو . سال 1979ع جي ڳالهه آهي. سندس طبيعت خراب هئي. آئون کيس حيدرآباد جي ڊاڪٽر نور محمد ميمڻ وٽ وٺي ويو هوس. هن کيس تپاسيو، ۽ سندس علاج شروع ڪيو. پر اهو ٻڌايائين ، طارق صاحب کي دل جي بيماري به آهي. پر طارق صاحب ڪاوڙجي پيو ، ته هن ڊاڪٽر مون کي صحيح طرح ڊائيگنوسٽ نه ڪيو آهي. پوءِ آئون هن کي ڊاڪٽر ايم اي عالماڻي وٽ وٺي ويو هوس.هن دوائون ته لکي ڏنيون، پر طارق صاحب مسلسل دوائن کائڻ لاءِ تيار نه هو.1980ع ۾ هن ٻي شادي ڪئي، جو پهرئين زال کي هن طلاق ڏئي ڇڏي هئي. اها شادي سندس والده ممبئي مان ڪرائي هئي. پر اها شادي هن جي مرضي موجب نه هئي. ان ڪري پنڌرهن سال ان وقت تائين شادي هلي. جيترو طارق جي والده زنده هئي. والده جي وفات کانپوءِ جدائي ٿي وئي.

    پر طارق صاحب جي ٻي شادي، ڪامياب هئي. پاڻ ٻڌائيندو هو، ته سندس ڪيترو نه خيال رکيو ٿو وڃي. هاڻ طارق صاحب وٽ ذاتي زندگي جو سک ته هو پر مسلسل محنت ۽ دل ۾ ڪا اڪيلائي ضرور هيس جنهن کيس ٿڪائي وڌو هو.

    طارق سهڻي رسالو حيدرآباد مان ڪڍندو هو، پر ڇپائي سموري هو ڪراچي مان ڪرائيندو هو. اپريل 1992ع جي ٻئي هفتي ۾ هو ڪراچي آيو. حسب معمول پنهنجي پياري دوست غلام نبي مغل جي فليٽ تي اچي رهيو هو.اهو فليٽ، ڪلفٽن جي پل کان هيٺ لهندي، کاٻي پاسي پرنس ڪامپليڪس جي اي بلاڪ ۾ هو. ساڳئي بلاڪ ۾ سنڌ مشهور شاعر شيخ اياز ۽ علي احمد بروهي به رهندا هئا.چوڏهين اپريل 1992ع جي رات جو، هو فليٽ ۾ ترسيل هو. غلام نبي مغل جي لاڙڪاڻي ۾ نوڪري هئي. فليٽ ۾ سرونٽ موجود هو. اوچتو هن کي دل ۾ سور پيو، سرونٽ ويچارو ڀر ۾ رهندڙ هڪ ڊاڪٽر کي وٺڻ ويو. ٻاهر نڪرندي فليٽ جو آٽو ميٽڪ در لاڪ ٿي ويو. سرونٽ، ڀر مان علي احمد بروهي، کي سڏي آيا، پر هاڻ در ڪيئن کلي؟ آخرڪار فليٽ جي هڪ پاسي جي دري کي ٽوڙي. جڏهن هو فليٽ ۾ اندر داخل ٿيا ته ڏٺائون سنڌ جو هي عظيم مهان جاکوڙي اديب، هن جهان کي الوداع چئي هڪ گهري ننڊ ۾ سمهي پيو هو. ٻاهر اپريل جي آسمان تي ڪيترا ئي ستار جرڪي رهيا هئا. پر سنڌ جو هڪ روشن ستارو گم ٿي ويو هو-

    سرجي ته سور، سامائي ته سُک ويا،
    اهي ٻئي پُور، مون نماڻي نصيب ٿيا.

    هي. شايد اسين سنڌي ماڻهو ياد ڪرڻ جي مقابلي ۾ وساريندا گهڻو ڪجهه آهيون. وساريندا آهيون پنهنجن کي انهن ماڻهن کي، جن پنهنجون حياتيون هڪ مقصد لاءِ گذاري، وڙهندڙي ۽ ڏاڍ سهندي گذاري ڇڏيا. ۽ گهڻو ڪجهه وسارڻ ڏاڍو ڀوائتو هوندو آهي ۽ جڏهن سڀ ڪجهه وسري وڃي ته پوءِ باقي بچندو ڇا آهي.
     
  13. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    هر شخص ڪهاڻي آ

    بيدل مسرور

    ننڍي هوندي پرائمري اسڪول ۾ جڏهن ڪنهن شآگرد جا اکر خراب هوندا هئا ته ان ڇوڪري کي سڏيندا هئا،”چچ مچ چئنچلداس“.
    پوءِ جڏهن طارق اشرف سهڻي رسالي جي ابتدا ڪرڻ لاءِ ادبي ۽ مالي سهڪار جو خط نه پر پوسٽ ڪارڊ مليو هو ته ان جا اکر ڏسي لڳو پئي ته شايد طارق اشرف انهيءَ چچ مچ چئنچلداس کان خط لکرائي موڪليو آهي، بس هڻي ڌڻي خط به پڙهي ورتوسي ۽ سمجهي به ورتوسي. انهن ڏينهن ۾ هن پريس لڳائڻ لاءِ پنجن پنجن روپين وارا سهڪاري ڪارڊ به شايع ڪرايا هئا، جيڪي پريس مان ڇپرائي موڪليا هئائين.
    حالانڪ ان زماني ۾ پنج رپيا وڏي رقم هوندي هئي، پر شڪارپور ۾ تڏهن اسان جي اسٽڊي سرڪل ڪافي وڏي هئي، ان ڪري ڪجهه رقم گڏ ڪري ورتيسي. سکر ۽ روهڙيءَ مان هدايت پريم ۽ مختيار قاضيءَ وارن تي به ذمو رکيو هئائين ۽ شايد سکر پاڻ به آيو هو، جنهن جي خبر اسان کي تڏهن پئي هئي، جڏهن هدايت پريم ڳالهه ڪئي هئي.
    حيدرآباد ته منهنجو اچڻ وڃڻ گهڻو ٿيندو هو، ڪڏهن ادبي سميلن ۾ شرڪت ڪرڻ ته ڪڏهن ڪنهن موسيقيءَ جي پروگرام ۾ ڳائڻ، هڪڙي ڀيري ته سرڪاري ٽريننگ جي سلسلي ۾ پورا ٽي مهينا ٽنڊي ڄام آيو هوس ته طارق اشرف سان هلڪي ڦلڪي وابستگي ٿي هئي، تن ڏينهن ۾ ”ادب نو“ اداري پاران ڪتاب به شايع ڪندو هو.
    ۽ ٻيو ته جيڪب آباد جي واگها خاندان ۾ جتي اسان جون ڀينرون پرڻيل هيون اتي غلام حيدر واگهي جي گهرواري حيدرآباد جي قريشي خاندان مان پرڻجي آئي هئي، جنهن جو پيڪو گهر الهندي ڪچي ۾ طارق اشرف جي گهر جي سامهون هو، ان عورت جو ڀاءُ منظور قريشي تمام سٺو مصور به هو، جيڪو طارق اشرف کي سهڻيءَ جا ٽائيٽل به ٺاهي ڏيندو هو. اهو مصور منظور قريشي جڏهن جيڪب آباد آيو هو ته مون کي به ڪوئلي سان بابا مسرور فقير جي تصوير ٺاهي ڏني هئائين، جيڪا پوءِ ماهوار نئين زندگيءَ ۾ شايع ٿي هئي.
    طارق اشرف جي گهر جي ڀرسان مدد علي سنڌي به رهندو هو، جتي هن اديبن جي ملڻ جلڻ واري جاءِ کي آشرم جو نالو ڏنو، وٽس به ويندا هئاسي يا طارق وٽ ويندا هئاسي ته مدد علي سنڌيءَ سان به عليڪ سليڪ ڪري پوءِ ٻيا ڪم ڪبا ها.
    گاڏي کاتي ۾ منهنجو هڪڙو ٻيو دوست آفتاب احمد چنا (ادي مهتاب جو ڀاءُ) به رهندو هو، ان ڪري طارق اشرف سان ملاقات به آسانيءَ سان ٿي ويندي هئي، ڪڏهن سندس گهر تي، جتي پهرين پريس به لڳائي هئائين، يا فردوس سينيما ۾، جتي انٽرويل ۾ چانهن به پياريندو هو ته گفتگو به ڪندو هو. سينيما ۾ گفتگو گهڻو ڪري فلمن جي باري ۾ ڪندو هو، جنهن مان لڳندو هو ته کيس فلمي ڪهاڻين ۽ اداڪارن جي باري ۾ به وڏي ڄاڻ آهي.
    گهر تي لڳايل پريس تي ڪڏهن غلام نبي مغل سان ملاقات ٿيندي هئي ته ڪڏهن سائين ظفر حسن شاهه سان. غلام نبي مغل جو ته گهر به شايد سندس ئي ڀرسان هوندو هو، پر پوءِ جڏهن سائين ظفر حسن شاهه پريس کڻائي صدر ٿاڻي جي سامهون لڳرائي ته اتي طارق اشرف سان گهٽ ٻين اديبن سان وڌيڪ ملاقات ٿيندي هئي.
    شروع ۾ ڪن مخالفن هن لاءِ هُلايو هو ته طارق اشرف پنجاپي سيد آهي، سندس اصل نالو اشرف علي شاهه آهي، پر ادبي نالي سان طارق اشرف سان ڪهاڻيون ٿو لکي. ان قسم جي مخالفت جو سبب اهو به ٿي سگهي ٿو ته هو پنهنجي رسالي سهڻيءَ ۾ سنڌ جي قومي مسئلن تي ڪافي بيباڪيءَ سان ايڊيٽوريل لکندو هو، ۽ خود سنڌي رسالو شايع ڪرڻ ان وقت هڪ ڏکيو ڪم هو، جيڪو هن اڪيلي سر پئي ڪيو، ان ڪري اسان سنڌي ادب متعلق سندس سوچون ۽ محنتون ڏسي مخالفن جي چيميگيوين تي ڪڏهن به باور نه ڪيوسي، هن سنڌي ٻوليءَ جي ترقيءَ لاءِ جيڪو سهڻي رسالو پئي شايع ڪيو، اهو ايترو ته معياري ۽ قومي جذبي وارين ڪهاڻين ۽ شاعريءَ سان ڀرپور هوندو هو جو هر ڪنهن اديب کي ان ۾ پنهنجون ڪهاڻيون ۽ شعر شايع جو شوق رکندو هو، ۽ پڙهندڙن جو تعداد به تمام گهڻو وڌي ويو هو، حالانڪ انهن ڏينهن ۾ حيدرآباد مان ئي حميد سنڌيءَ جي ادارت هيٺ روح رهاڻ شايع ٿيندو هو، جنهن کي تمام گهڻن اديبن جو سهڪار حاصل هو پر ان سلسلي ۾ سهڻي رسالي سنڌي پڙهندڙن کي قومي سماجي مسئلن ۽ انساني فطري جذبن وارين رومانوي ڪهاڻيون ڏنيون ۽ گڏوگڏ ڪافي نون ليکڪن کي به متعارف ڪرايو، جنهن جي متعلق پاڻ ئي چوندو هو ته فلاڻي کي مون متعارف ڪرايو آهي، فلاڻي کي پهريون ڀيرو مون ئي سهڻيءَ ۾ ڇپيو آهي. اهڙيون ڳالهيون گهڻيون ڪندو هو، ان ڪري سندس ان بار بار ذڪر ڪرڻ تي حليم بروهيءَ به مذاق ڪندي چوندو هو، ۽ شايد ڪٿي لکيو به اٿائين ته ”طارق اشرف سدائين پيٽ سان هوندو آهي، هر سال ڪيترن ئي اديبن کي ڄڻيندو آهي.“
    خير اهو هو مذاق ۽ حليم بروهي اهڙي مذاق جو اڪيلو ماهر هو، پر طارق اشرف ڪنهن سان ڦٽائڻ وارن مان نه هو، ڪجهه ليکڪ ساڻس بهرحال ڪاوڙيا ضرور هئا، خاص طور جڏهن سهڻي رسالي جو امرجليل نمبر شايع ڪيائين ته ان جي شخصي انٽرويو جي متعلق ٻڌاسي ته اهو جيئن جو تيئن شايع نه ڪيو هئائين.
    ايڊٽر واري حيثيت ۾ هن شايد امرجليل جي انٽرويو کي پنهنجي نوع سان ايڊٽ ڪيو هجي، پر ادبي حلقن ۾ ان تي ڪافي ڏيوٺ ٿي هئي، يا شايد جماعت اسلاميءَ وارن امر جليل جي انٽرويو تي پنهنجي مذهبي جنون جو اظهار ڪيو هو، طارق اشرف هونئن ته پاڻ تي تنقيد برداشت ڪري وٺندو هو پر ان معاملي جي ردعمل ۾ هو ٿورو حساس ٿي ويو هو، مٿان وري سهڻي رسالي ۾ شايع ٿيندڙ مواد ۽ ليکڪن جي ٻوليءَ جي حوالي سان ايڊيٽرن تي تنقيد ٿيڻ لڳي ته طارق اشرف ويتر بتال ٿي ويو، ان جو نتيجو اهو نڪتو جو ڪاوڙ وچان ”سهڻي“ رسالي لاءِ آيل مواد ليکڪن کي موٽائي موڪليندو هو ۽ جنهن سان دل ڦٽل هوندي هئس ته ان کان سدائين بيزاريءَ جو اظهار ڪندو هو.
    مون وٽ سندس ڪيترائي خط آيل هئا، جيڪي ڪرائي جي گهرن واري لڏپلاڻ سبب الائي ڪٿي رهجي ويا، جن ۾ هن جون گهڻيون ڪارائتيون ڳالهيون لکيل هونديون هيون. پوءِ جڏهن ڪراچيءَ لڏي اچي رهيو هو ته ملاقاتون ٿينديون هيون، گهڻو ڪري سهڻيءَ جي ”شيخ اياز نمبر“ جي سلسلي ۾ هن مون تي مٿس لکڻ ۽ ان جي ”شيخ اياز نمبر“ جي مهورت ۾ ڳائڻ لاءِ به زور ڀريو هو.
    انهن ڏينهن ۾ اسان جي ڪميونسٽ پارٽيءَ جي محبت ۾ ٺاهيل ”وائيسز ميوزڪ گروپ“ پڄاڻيءَ تي پهچي چڪو هو، ان ڪري مون ڪجهه ٻين دوستن سان گڏجي گروپ جي صورت ۾ سندس پروگرام ۾ شيخ اياز جا گيت ڳاتا هئا، ۽ هڪڙو ڊگهو مضمون به شيخ اياز تي کيس لکي ڏنو هو، جيڪو هن سهڻيءَ جي شيخ اياز نمبر ۾ شايع ڪيو ۽ گڏوگڏ مون کان ٽي ويءَ تان شيخ اياز متعلق اردوءَ ۾ ڪيل پروگرام ”شهر وفا“ کي سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪرائي به شايع ڪيو هئائين.
    جنهن ڏينهن شيخ اياز نمبر جي مهورت هئي ان کان هڪ ڏينهن اڳ ۾ منهنجي سس جو انتقال ٿي ويو هو، طارق اشرف اها خبر جو ٻڌي ته ڏاڍو پريشان ٿيو ۽ ان پريشانيءَ وچان صبح جو سوير ئي ٽي وي سينٽر تي آيو ۽ اچي مرحوم ممتاز مرزا کي حال ڪندي چيائين: ”ته يار بيدل جي سس گذاري وئي آهي، هاڻي ڪنهن فنڪار جو بندوبست ڪر! شام جو پروگرام آهي.“
    جنهن تي ممتاز مرزا چيس ته: ”بيدل ته ريهرسل روم ۾ پنهنجي گروپ سان ريهرسل پيو ڪري.“
    بس تڏهن جان ۾ ساهه پيس ۽ سراپا ٿورائتو ٿي مون وٽ آيو، مون کيس دلجاءَ ڏني ته:
    ”ظاهر آهي، فوتيءَ جي تڏي تي وڃڻ وڌيڪ اهم آهي پر توسان وعدو ڪيل هو، ان ڪري ترسي پيو آهيان.“
    آزاديءَ کانپوءِ جي سنڌي ڪهاڻيڪارن ۾ طارق اشرف جو پنهنجو مقام آهي، هي اهو دور هو جڏهن ڪهاڻيءَ ۾ سماجي مسئلن کي پيش ڪيو ويندو هو، طارق اشرف حالانڪ مون کان چار سال اڳ (1962ع ۾) لکڻ شروع ڪيو، ۽ هن لکيون به تمام گهڻيون ڪهاڻيون، پر مون کي سندس ڪهاڻين ۾ اها ڇڪ گهٽ محسوس ٿيندي هئي، جيڪا ٻين همعصر ليکڪن: سراج الحق، نجم عباسي، نسيم کرل، امرجليل، آغا سليم ۽ مهتاب محبوب جي ڪهاڻين ۾ هوندي هئي.
    سندس ڪهاڻين جو مجموعو: سونهن پٿر ۽ پيار“، ناول: ”مينديءَ رتا هٿ“، ”جيل ۾ ٻاويهه مهينا“ سندس زندگيءَ جي ڏيکن سکن لمحن جا يادگار آهن. صاف سٿرو ماڻهو هو، خيال به ڏاڍا برجستا ۽ تخليقي هوندا هئس. ڪيترائي اديب ۽ شاعر سندس گهاٽا دوست هوندا هئا، جن ۾ خاص غلام نبي مغل ۽ سائين ظفر حسن شاهه وڌيڪ سندس ويجها رهيا.
    ڪراچيءَ لڏي اچڻ کانپوءِ به طارق اشرف سهڻي رسالي کي وري شروع ڪيو هو، پر دل جي دوري سبب سندس وفات (14 اپريل 1992ع) ٿي وئي، ان ڪري رسالي جي اشاعت به جهڙوڪر بند ٿي وئي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو