سريلنڪن ڪرڪيٽرن کي آءِ پي ايل ڇڏي وطن نه پهچڻ جي صورت ۾ ڪارروائي جي ڌمڪي

'سنڌ سلامت سپورٽس' فورم ۾ mohdesa طرفان آندل موضوعَ ‏15 اپريل 2011۔

  1. mohdesa

    mohdesa
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏6 اپريل 2011
    تحريرون:
    69
    ورتل پسنديدگيون:
    2
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    حيدرآباد سنڌ
    ڪولمبو(اسپورٽس ڊيسڪ) سريلنڪا جي راندين واري وزير مهندا نادا ڀارت ۾ آءِ پي ايل کيڏندڙ پنهنجن ڪرڪيٽرن کي ڌمڪي ڏني آهي ته جيڪڏهن هو 5 مئي تائين آءِ پي ايل ڇڏي واپس وطن نه پهتا ته انهن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي، ذريعن موجب سريلنڪن وزير سليڪشن ڪاميٽي جي سفارش تي رانديگرن کي واپس گهرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي ته جيئن ايندڙ مهيني سريلنڪا جي انگلينڊ جي دوري جي تياري لاءِ لڳندڙ ڪئمپ ۾ رانديگر شرڪت ڪري سگهن، سريلنڪا جي وزير جي اهڙي قدم بعد سريلنڪا ۽ ڀارت جي طاقتور ڪرڪيٽ بورڊ وچ ۾ تڪرار پيدا ٿيڻ جو خدشو ظاهر ڪيو ويو آهي، واضح رهي ته ڪمار سنگاڪارا ۽ مهيلا جئه ورڌني آءِ پي ايل ۾ مختلف ٽيمن جي ڪپتاني ڪري رهيا آهن، انهن کانسواءِ لاسٿ ملنگا، سورج رنديو ۽ ٻيا ڪرڪيٽر به آءِ پي ايل جي ميلي ۾ موجود آهن.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو