• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

وي بليٽن 4 تي منتقل ٿيڻ کان پوءِ توهان جا مشورا۔۔ ۽ انهن جا حل۔۔

رشيد سمون

Founder
انتظامي رڪن
منتظمِ اعلى
دوستو اڄ فورم کي وي بليٽن 4 تي آڻي جڏهن ٻيهر فعال ڪيو ويو ته جتي دوستن کي ڪافي ڳالهيون وڻيون اتي ڪافي دوستن مونجهي پوڻ جو ذڪر ڪيو۔۔ ڪجهه دوستن فون ڪالز جي ذريعي ته ڪجهه وري ميسيجز جي ذريعي پنهنجي پريشاني کان آگاهه ڪيو ۔۔۔
دوستن جي مونجهاري کي نظر ۾ رکندي هتي هڪ نئين موضوع ۾ سمورن دوستن کان صلاحن ۽ مشورن لاءِ هي سلسلو شروع ڪيو اٿم۔۔۔ پهرين مرحلي ۾ ادا طاهر طرفان موبائيل ميسيجز ذريعي ايندڙ شڪايتون ڪجهه هي آهن؛
  • تحرير ۾ رڪن جي معلومات ۾ تحريرن سان گڏ موضوع جو تعداد ظاهر نه پيو ٿئي۔۔۔
  • موضوع موڪليندڙ کي خبر نه ٿي پوي ته هن جي موضوع کي ڪهڙن رڪنن ڏٺو آهي۔۔
  • تحرير کي جسٽيفائي ڪرڻ جو بٽڻ موجود نه آهي۔۔۔
  • منهنجا موضوع ۽ منهنجيون تحريرون جا لنڪ ظاهر نه آهن .. جنهن ڪري ڳولا ۾ ڏکيائي ٿي رهي آهي۔۔۔

ان سلسلي ۾ عرض ته سنڌ سلامت کي وي بليٽن 4 تي منتقل ڪندي مڪمل طور نئون بڻايو ويو آهي۔۔ جنهن ۾ ڪافي شيون پراڻي ورجن جي مقابلي ۾ نظر نه اينديون جن کي آهستي آهستي درست ڪيو ويندو۔۔۔ اميد ته اهڙين غلطين کي عارضي طور نظر انداز ڪيو ويندو۔۔۔
 
جواب: وي بليٽن 4 تي منتقل ٿيڻ کان پوءِ توهان جا مشورا۔۔ ۽ انهن جا حل۔۔

سائين انتظار ڪنداسين هڪ مسئلو جيڪو اسان کي سمجه م نه ٿو اچي اهو اهو آهي ته اڳي هڪ يا ٻن ڏينهن وارا نه پڙهيل موضوع ڏسي سگهندا هيا سين اهي هاڻي نظر نه پيا اچن يا انهن کي ڪيئن ڏسبو جي رهنمائي ڪندو ته مهرباني۔
وسلام
 
جواب: وي بليٽن 4 تي منتقل ٿيڻ کان پوءِ توهان جا مشورا۔۔ ۽ انهن جا حل۔۔

سائين ڪجهه ڳالهيون مان به ونڊ پيو ڪيان جن جي حل لاء به ادا رشيد کي عرض آهي۔

ترت جواب ڏيو ۾ ٽولبار جا بٽڻ گهٽ تعداد ۾ آهن

فعال موضوع جو بٽڻ ناهي

ڪي بورڊ ۾ شفٽ + i تي موجود هه جي جاء تي ڱ ظاهر ٿي رهي آهي ۽ ڊبل هه ڏيڻ جي صورت ۾ جڏهن ٽيڪسٽ ورڊ ۾ رکبي ته اتي ڊبل ههه نظر ايندي

فونٽ سائيز ننڍي لڳي رهي آهي تنهنڪري ڊفالٽ فونٽ سائيز 5 رکي وڃي ته بهتر رهندو

باقي جيئن جيئن اڳتي وڌنداسون ته اوهان سان رابطو ڪندا رهنداسين
 
جواب: وي بليٽن 4 تي منتقل ٿيڻ کان پوءِ توهان جا مشورا۔۔ ۽ انهن جا حل۔۔

سائين انتظار ڪنداسين هڪ مسئلو جيڪو اسان کي سمجه م نه ٿو اچي اهو اهو آهي ته اڳي هڪ يا ٻن ڏينهن وارا نه پڙهيل موضوع ڏسي سگهندا هيا سين اهي هاڻي نظر نه پيا اچن يا انهن کي ڪيئن ڏسبو جي رهنمائي ڪندو ته مهرباني۔
وسلام
دوستو وقت جي حساب سان هلندي توهان طرفان آندل مشورن کي تي عمل ڪيو ويندو۔۔۔
پهرين مرحلي ۾ ادا ڏاڏل شينو جي صلاح کي سامهون رکندي تڪڙا لنڪ ۽ دوستن کي ٻڌايو جي وچ ته ”فعال موضوع“ جي بٽڻ جو اضافو ڪيو ويو آهي جنهن تي ڪلڪ ڪري هڪ کان پنجن ڏينهن جا فعال موضوع ڏسي سگهجن ٿا۔۔۔
 
جواب: وي بليٽن 4 تي منتقل ٿيڻ کان پوءِ توهان جا مشورا۔۔ ۽ انهن جا حل۔۔

ڪوبه لفظ يا تحرير تلاش ڪرڻ لا سنڌ سلامت لوگو هيٺيان اڳ ۾ گوگل جو پلگ لڳايو ويو هيو، جنهن ذريعي تلاش تمام آسان ٿي پوندي هئي۔ جيڪڏهن ساڳيو پلگ ٻيهر رکيو وڃي ته هوند بهتر ٿيندو۔

ڪي پيڊ ۾ پڻ رائيٽ ايرو کان سوا ٻيا بٽڻ ڪم نه پيا ڪن، جن کي پڻ نوٽ ڪجي۔
 
جواب: وي بليٽن 4 تي منتقل ٿيڻ کان پوءِ توهان جا مشورا۔۔ ۽ انهن جا حل۔۔

سڀ کان پهريائين ته سنڌ سلامت جي سموري ٽيم کي سنڌ سلامت جي وي بلٽن 4 تي منتقل ٿيڻ تهي لک لک واڌايون هجن،

هن سان فورم تمام خوبصورت پيو لڳي ڏسي ڏاڍي خوشي ٿي ڪجهه تبديليون آهن۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
ڪجهه مشورا آهن جي قبول پون ته مهرباني

وڍيو جهڙي طريقي سان هريان لڳائي ويندي هئي اهڙي نموني ئي لڳائي وڃي ته آساني ٿيندي ۔۔۔۔۔۔

اکرن جي سائيز به ننڍي آهي
هڪ جهڙن ٻن ڪلرن کي الڳ ڪيو وڃي ته جئين پڙهڻ ۾ آساني ٿئي

اميد ته عرض قبول پوندا۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
 
جواب: وي بليٽن 4 تي منتقل ٿيڻ کان پوءِ توهان جا مشورا۔۔ ۽ انهن جا حل۔۔

تمام بهترين تبديلي آهي فورم کي استعمال ڪري ئي پنهنجي را۽ کان توهان کي ضرور آگاه ڪبو ته ڪٿي ڪهڙي غلطي آهي

بهرحال تمام محنت آهي دوستن جي

لاجواب

جيتري به توهان جي محنت جي ڳالهه ڪجي سا گهٽ ٿيندي

مهرباني

سدائين گڏ
 
گم ٿيل ٿريڊ بابت

ّ
السلام عليڪم ورحمة الله

فورم جي وي بي 4 تي منتقل ٿيڻ کان پوءِ منهنجا ڪجهه ٿريڊ نظر نه پيا اچن. ڪافي تلاش کان پوءِ به نظر نه آيا. جن مان هڪڙو ٿريڊ ”ايم ايس آفس 2007 ۽ 2010 لاءِ قرآن پاڪ جو پلگ“ يا انهيءَ سان ملندڙ ڪو عنوان آهي. وڏي ايڊمن کي انهيءَ طرف توجهه ڏيارجي ٿي.
 
جواب: وي بليٽن 4 تي منتقل ٿيڻ کان پوءِ توهان جا مشورا۔۔ ۽ انهن جا حل۔۔

وي بليٽن چار تمام بهترين آهي ۔
ادا رشيد اوهان کي جسُ هجي۔
 
جواب: وي بليٽن 4 تي منتقل ٿيڻ کان پوءِ توهان جا مشورا۔۔ ۽ انهن جا حل۔۔

ادا رشيد شايد اوهان ٽني پڪچر اپلوڊر جو بٽڻ به ري اڊجسٽ ناهي ڪيو

مهرباني ڪري ان کي به ڏسي وٺجو
 
جواب: وي بليٽن 4 تي منتقل ٿيڻ کان پوءِ توهان جا مشورا۔۔ ۽ انهن جا حل۔۔

ادا رشيد شايد اوهان ٽني پڪچر اپلوڊر جو بٽڻ به ري اڊجسٽ ناهي ڪيو

مهرباني ڪري ان کي به ڏسي وٺجو

هڪ دفعو ٻيهر لڳايو ويو آهي۔۔۔

دوستو ياد رهي ته هي ويبليٽن 4 آهي ۔۔ ان ڪري سمورن فيچرس بجاءِ گذريل ورجن جا صرف اهي فيچرس موجوده ورجن ۾ لڳائڻ جي صلاح ڏيو جيڪي توهان جي نظر ۾ ڪارآمد هيا۔۔۔ بحرحال ان هوندي توهان طرفان مٿي آيل سمورين ڳالهين کي نوٽ ڪيو ويو آهي جنهن تي آهستي آهستي عمل ڪيو ويندو۔۔۔
 
جواب: وي بليٽن 4 تي منتقل ٿيڻ کان پوءِ توهان جا مشورا۔۔ ۽ انهن جا حل۔۔

ڪي پيڊ ۾ پڻ رائيٽ ايرو کان سوا ٻيا بٽڻ ڪم نه پيا ڪن، جن کي پڻ نوٽ ڪجي۔

توهان ڪهڙو برائوزر استعمال ڪري رهيا آهيو۔۔۔ ؟ اصل ۾ انٽرنيٽ ايڪسپلورر 8، گوگل ڪروم ۽ فائرفاڪس جي سمورن ورجن تي پيڊ درست ڪم ڪري رهي آهي ۔۔ ها البته انٽرنيٽ ايڪسپلورر 9 ۽ اوپيرا تي اڃان به ڪجهه بهتري جي گنجائش آهي۔۔ ان باوجود توهان جي جواب کان پوءِ ٻيهر ڪوشش ڪبي
 
جواب: وي بليٽن 4 تي منتقل ٿيڻ کان پوءِ توهان جا مشورا۔۔ ۽ انهن جا حل۔۔

منهنجا موضوع ۽ منهنجيون تحريرون جا لنڪ ظاهر نه آهن .. جنهن ڪري ڳولا ۾ ڏکيائي ٿي رهي آهي۔۔۔
منهنجي سرگرمي مينو ۾ جتي گروپ، البم ۽ دوست رابطا جا لنڪ موجود آهن انهن هيٺان منهنجا موضوع ۽ منهنجيون تحريرون لنڪس جو اضافو ڪيو ويو آهي ۔۔۔ جنهن کان پوءِ هي شڪايت به دور ٿي ويندي۔۔۔
 
جواب: وي بليٽن 4 تي منتقل ٿيڻ کان پوءِ توهان جا مشورا۔۔ ۽ انهن جا حل۔۔

فونٽ سائيز ننڍي لڳي رهي آهي تنهنڪري ڊفالٽ فونٽ سائيز 5 رکي وڃي ته بهتر رهندو


اکرن جي سائيز به ننڍي آهي
هڪ جهڙن ٻن ڪلرن کي الڳ ڪيو وڃي ته جئين پڙهڻ ۾ آساني ٿئي
جنهن حد تائين مون سمجهيو آهي ته توهان ڳولا واري صفحي جي ڳالهه طرف اشارو ڪيو يعني جڏهن تازه ترين يا وري فعال موضوع صفحي کي کوليو ٿا ته موضوعن جي عنوان جا اکر سائيز ۾ ننڍا نظر اچي رهيا آهن۔ جن جي سائيز کي وڏو ڪندي هاڻي درست ڪيو ويو آهي۔۔ وڌيڪ توهان جي راءِ جو انتظار رهندو۔۔
 
جواب: وي بليٽن 4 تي منتقل ٿيڻ کان پوءِ توهان جا مشورا۔۔ ۽ انهن جا حل۔۔

هڪ دفعو ٻيهر لڳايو ويو آهي۔۔۔

دوستو ياد رهي ته هي ويبليٽن 4 آهي ۔۔ ان ڪري سمورن فيچرس بجاءِ گذريل ورجن جا صرف اهي فيچرس موجوده ورجن ۾ لڳائڻ جي صلاح ڏيو جيڪي توهان جي نظر ۾ ڪارآمد هيا۔۔۔ بحرحال ان هوندي توهان طرفان مٿي آيل سمورين ڳالهين کي نوٽ ڪيو ويو آهي جنهن تي آهستي آهستي عمل ڪيو ويندو۔۔۔

اوهان جي هي ڳالهه مونکي ڏاڍي وڻي، ٿورا۔
 
جواب: وي بليٽن 4 تي منتقل ٿيڻ کان پوءِ توهان جا مشورا۔۔ ۽ انهن جا حل۔۔

سائين نثار صاحب اميد ته ڌڻيءَ جي ڪرپا سان خوش وخرم هوندا،
سائين منهنجي لکڻ جو مقصد ڪجھ هن ريت آهي ته منهنجي اندر هڪ تجويز اچي رهي آهي ته توهان سنڌ سلامت جي هن رنگا رنگي محفل کي جيڪڏهن ڪنهن هارڊ ڪاپِي۽ جي صورت ۾ ميگزين بڻائي ان ۾ هڪ مهيني اندر اپلوڊ ڪيل مواد منجھان چونڊ مواد کي شايع ڪرائي هلا يو تهان سان هن فورم کي وڏي پذيرائي ملندي ۽ هڪ لڱا ٻه ٻه ڪم ٿي ويندا۔ اميد ته منهجي ان تجويز تي غور فرمائيندا۔

لک لک عنايتون، سدا آباد رهو شال
 
ادا مان هن سنڌ سلامت فورم مان ٿڪجي پيس

تمام انتظاميه سڳوري غور ڪري
مان جڏهن کان سنڌ سلامت جي اميجنگ تبديل ڪئي وئي آهي ان ڏينهن
کان ان مشڪل جو شڪار آهيان ته
جڏهن لاگ ان ڪيان ٿو ان وقت جواب ٿو ملي اوهان جي اڪاونٽ ۾
پرابلم آهي پر جڏهن هيٺ نگاه ڪيان ٿو ته اتي منهنجو نالو لاگ ان
ميمبرس ۾ شامل آهي
اڄ به پندرنهن يا ويهه دفعا لاگ ان جي ڪوشش ڪري ڪري پوءِ وڃي
لاگ ان ٿيس منهنجو مسئلو حل ڪيو وڃي نه ته منهنجو وقت انتهائي ضايع هجڻ جي ڪري ڪو وري ٻيو فيصلو ڪرڻو پوندو
شايد بلوچستان مان هجڻ ڪري ائين ٿئي ٿو؟ مخصوصا ادا سليمان وساڻ کي
هٿ ٻڌي عرض آهي ته هي محبتي اڱڻ اسان کان نه ڇڏايو وڃي
اگر ڪنهن دوست ڪي منهنجي الفاظن کان تڪليف پهتي هجي ته معافي جو طالب آهيان
اوهان جو پنهنجو محمد جواد
 
جواب: وي بليٽن 4 تي منتقل ٿيڻ کان پوءِ توهان جا مشورا۔۔ ۽ انهن جا حل۔۔

ادا رشيد دوستن کي دعوت ڏيڻ وقت هي ايرر پيو ظاهر ٿئي اميد ته ان کي به نوٽ ڪيو ويندو
function () { var copy = new Array(); for (var i = 0, tL = this.length; i < tL; i++) { copy = this; } return copy; }; function (needle,begin) { for (var i=(null==begin||isNaN(begin)||begin<0)?0:Math.round(begin),len = this.length, idx = -1; idx==-1 & ithis.length)?this.length-1:Math.round(end), idx = -1; idx==-1 & i>-1; i--) { idx = (this==needle)?i:idx; } return idx; }; function () /* :Array */{ var tmp = []; for(var i=0, tL=this.length; i=l) { if (this[c] && el>this[c][key]) l=c+1 else r=c-1 c=Math.max(0,Math.ceil((r+l)/2)) } else while (el!=this[c] && r>=l) { if (el>this[c]) l=c+1 else r=c-1 c=Math.max(0,Math.ceil((r+l)/2)); } return c }; function () { // prepare the array with special sorting method /** * Innersorting method for the heap sort * * @param {Number} low * @param {Number} up */ var sift = function (arr, low, up) { var c, tmp = arr[low]; while(true){ c = (low << 1) + 1; if( c > up ) break; if( c < up && arr[c+1] > arr[c] ) c++; if( tmp >= arr[c] ) break; arr[low] = arr[c]; // 1/2 (mini) swap )) low = c; } arr[low] = tmp; }, tmp, maximal = this.length - 1, i = maximal >> 1; while( i >= 0) sift(this, i--, maximal); i = maximal; while( i > 0 ){ // full swap tmp = this[0]; this[0] = this; this = tmp; sift(this,0,--i); } return this; }


اهڙي قسم جو ايرر اچي رهيو آهي

هي هڪ بهترين قدم آهي اميد ته ان کي درست ڪيو ويندو

دوستن کي ٻڌائڻ جي ، يا دعوت ڏيڻ واري آپشن جي خاص ضرورت هئي

سدائين گڏ
 
جواب: ادا مان هن سنڌ سلامت فورم مان ٿڪجي پيس

ادا توهان جيڪڏن لاگ ان ٿيو ٿا ته ڪيتري دير کان پو۽ توهان لاگ آئوٽ ٿئي وڃو ٿا ؟؟؟؟

يا وري لاگ ان ٿئي ئي نه ٿا سگهو پر توهان جو نالو لاگ ان ۾ لکيل هوندو آهي ائين ؟؟؟؟؟

ادا توهان ڪهڙو برائوزر استعمال پيا ڪريو ؟؟؟؟؟

ادا ٻيو ته توهان کي اسان ائين ڪا نه ڇڏينداسين توهان جو مسئلو حل ڪبو انشاالله
 
جواب: ادا مان هن سنڌ سلامت فورم مان ٿڪجي پيس

اهو مسئلو ته ڪيتري حد تائين مونسان به ٿئي ٿو ۔۔۔۔ پر ان اميد تي صبر ڪيل آهي ته آهستي آهستي ڪجهه ڏينهن جي اندر ڪافي مسئلا حل ٿي ويندا ۔۔۔ جيئن ته پهريان وارو سنڌ سلامت ڪجهه سولو ۽ صاف صاف هيو ۽ ڪافي شيون واضًح هيون پر هن ورجن ۾ ڪجهه ڏکيائون ۽ ڪجهه نواڻ سبب مونجهارو ٿئي ٿو ۔۔۔

مونسان پيش ٿيندڙ ڪجهه مسئلا

1۔ ٿوري ٿوري دير ۾ لاگ ان ٿيڻو پوي ٿو ۔۔۔ نئون ڌاڳو يا ڪنهن سيڪشن ۾ وڃجي ٿو ته وري لاگ ان ٿيڻو پوي ٿو۔
2۔ گهر ۾ ليپ ٽاپ تي سڀ شيون سڄي پاسي اچن ٿيون پري آفيس واري ڊيسڪٽاپ تي کاٻي هليون وڃن ٿيون۔
3۔ ترت جواب ۾ الائٽمنٽ بار ۽ فونٽ سائز به نٿي ملي انڪري تفصيلي جواب ۾ وڃڻو پوي ٿو۔
4۔ جسٽيفاّء وارو آپشن مورڳو ختم ٿي ويو آهي۔
5۔ فيسبڪ لنڪ يا وڊيو شيئر ڪرڻ لا جيڪو فيسبڪ جو آئڪان ملندو هو سو پڻ هاڻ غائب آهي
6۔ پهريان جيڪي انگ اکر، جن ۾ سنڌ سلامت جا هيرا، سنڌ سلامت جون گهڻو ڏٺيون وڃڻ وارا ليک وغيره وغيره پڻ ظاهر ناهن

مطلب ته اهڙا اهڙا ننڍا مسئلا ايندا وڃن ٿا، ۽ ادي رشيد اهڙو ڌاڳو به ٺاهيو آهي ته وڌيڪ بهتري لا صلاحون ڏيو ۔۔۔ جڏهن ڪجهه ڏينهن ۾ ان ڌاڳي ۾ صلاحون اچي وينديون ته سڀني کي هڪ هڪ ڪري درست ڪيو ويندو ۔۔۔ يقيني ۔۔۔۔

ادا عسڪري، دوستي لائجي ته نڀائجي، بيشڪ اوهان سڀ ڪجهه سوچيو پر سنڌ سلامت سان دوستي ٽوٽڻ واري ڌمڪي مناسب ناهي ۽ نه وري اسين اوهان جي دوستي تان دستبردار ٿينداسون ۔۔۔ پو به سڪ جي اوطاق آهي زور زبردستي ته آهي نه ۔۔۔ اوهين اسانجا دوست ئي نه پر سنڌي ڀا آهيو، اسانجي سر جا سائين آهيو، بس ٿورڙو صبر ڪندا ته مسئلا اهڙا به ناهن جي حل نه ٿين ۔۔۔

رب اوهانکي پنهنجي حفظ و امان ۾ رکي ۔۔۔ آمين
 
Back
Top