• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

وي بليٽن 4 تي منتقل ٿيڻ کان پوءِ توهان جا مشورا۔۔ ۽ انهن جا حل۔۔

جواب: وي بليٽن 4 تي منتقل ٿيڻ کان پوءِ توهان جا مشورا۔۔ ۽ انهن جا حل۔۔

ان اميد تي ته آهستي آهستي ڪجهه ڏينهن جي اندر ڪافي مسئلا حل ٿي ويندا ۔۔۔ جيئن ته پهريان وارو سنڌ سلامت ڪجهه سولو ۽ صاف صاف هيو ۽ ڪافي شيون واضح هيون پر هن ورجن ۾ ڪجهه ڏکيائون ۽ ڪجهه نواڻ سبب مونجهارو ٿئي ٿو ۔۔۔

مونسان پيش ٿيندڙ ڪجهه مسئلا

1۔ ٿوري ٿوري دير ۾ لاگ ان ٿيڻو پوي ٿو ۔۔۔ نئون ڌاڳو يا ڪنهن سيڪشن ۾ وڃجي ٿو ته وري لاگ ان ٿيڻو پوي ٿو۔
2۔ گهر ۾ ليپ ٽاپ تي سڀ شيون سڄي پاسي اچن ٿيون پري آفيس واري ڊيسڪٽاپ تي کاٻي هليون وڃن ٿيون۔
3۔ ترت جواب ۾ الائٽمنٽ بار ۽ فونٽ سائز به نٿي ملي انڪري تفصيلي جواب ۾ وڃڻو پوي ٿو۔
4۔ جسٽيفاء وارو آپشن مورڳو ختم ٿي ويو آهي۔
5۔ فيسبڪ لنڪ يا وڊيو شيئر ڪرڻ لا جيڪو فيسبڪ جو آئڪان ملندو هو سو پڻ هاڻ غائب آهي
6۔ پهريان جيڪي انگ اکر، جن ۾ سنڌ سلامت جا هيرا، سنڌ سلامت جون گهڻو ڏٺيون وڃڻ وارا ليک وغيره وغيره پڻ ظاهر ناهن

رب اوهانکي پنهنجي حفظ و امان ۾ رکي ۔۔۔ آمين
 
جواب: وي بليٽن 4 تي منتقل ٿيڻ کان پوءِ توهان جا مشورا۔۔ ۽ انهن جا حل۔۔

سائين رشيد جون ڪوششون قابلِ تعريف آهن، سائين جن اڪيلي سر هن هيڏي ساري وي بُليٽن فورم کي ٽرانسليٽ ڪري وري ان کي اپڊيٽ ڪيو آهي ته ان ۾ جيڪي ڏکيائون آهن ان کي ڪنهن به صورت ۾ نظر انداز نه ٿو ڪري سگهجي، دوستن کي گذارش آهي ته جيڪي ٿورا مسئلا موجود آهن اهي وقت سان گڏ درست ٿيندا ويندا، انشاءَ الله جلد ئي فورم تي اوهان کي ساڳيون سهولتون بلڪه انهن کان وڌيڪ سهولتون ميسر هونديون۔۔
 
جواب: وي بليٽن 4 تي منتقل ٿيڻ کان پوءِ توهان جا مشورا۔۔ ۽ انهن جا حل۔۔

هڪ ڳالهه جو اضافو ڪندو هلان ته سنڌي اسٽائل واري ٽيمپليٽ زبردست آهي پر ان ۾ لوگو نظر نه پيو اچي ۽ ان کان علاوه ڪروم ۾ ڪيبورڊ ايڊيٽر ساڳيو پراڻو اچي پيو يعني بٽڻ هائلائيٽ نه پيا ٿين۔۔
 
جواب: ادا مان هن سنڌ سلامت فورم مان ٿڪجي پيس

ادا عسڪري، پريشان ٿيڻ جي ضرورت نه آهي، هن ورزن ۾ سيڪيورٽيءَ جي ڪري شايد 5 منٽن جو دورانيو رکيل آهي جنهن کان پوءِ ميمبر پاڻ مرادو لاگ آئوٽ ٿي وڃي ٿو پر سائين رشيد کي گذارش آهي ته ان سلسلي ۾ ڪا تبديلي ڪري ته جيئن هر هر لاگ اِن نه ٿيڻو پوي۔۔
ان کان علاوه اوهان ادا ڦلپوٽو پاران پڇيل سوالن جا جواب ڏيو ته ٿي سگهي ٿو ته اوهان جو مسئلو سمجهه ۾ اچي وڃي۔۔۔ هڪڙو مشورو مڃيو ته لاگ اِن ٿيڻ وقت پاسورڊ ۽ آءِ ڊي انٽر ڪرڻ کان پوءِ جڏهن لوڊنگ ختم ٿئي ته اوهان پيج کي ريفريش ڪري ڏسو، ٿي سگهي ٿو ڪوڪيز جو مسئلو هجي۔۔۔
اسان جا سنڌ سلامت جا ميمبر ملڪ جي يا دنيا جي ڪهڙي به حصي جا هجن، اسان جي سِر جا سائين آهن۔۔۔۔
 
جواب: وي بليٽن 4 تي منتقل ٿيڻ کان پوءِ توهان جا مشورا۔۔ ۽ انهن جا حل۔۔

مهرباني هاڻ اکرن ۾ فرق واضع آهي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

باقي ٽائيم وڌايو وڃي
 
جواب: وي بليٽن 4 تي منتقل ٿيڻ کان پوءِ توهان جا مشورا۔۔ ۽ انهن جا حل۔۔

ادا رشيد دوستن کي دعوت ڏيڻ وقت هي ايرر پيو ظاهر ٿئي اميد ته ان کي به نوٽ ڪيو ويندو


اهڙي قسم جو ايرر اچي رهيو آهي

هي هڪ بهترين قدم آهي اميد ته ان کي درست ڪيو ويندو

دوستن کي ٻڌائڻ جي ، يا دعوت ڏيڻ واري آپشن جي خاص ضرورت هئي

سدائين گڏ

مهرباني ادا ڦلپوٽا صاحب جو انتهائي اهم مسئلي ڏانهن ڌيان ڇڪايو۔۔۔۔ اصل ۾ وقت گهٽ هجڻ ڪري في الحال ان پاسي توجه نه ٿو ڏئي سگهان۔۔ انشاء ايندڙ ويڪ اينڊ تي ان کي چيڪ ڪبو تيسيتائين دعوتنامي واري اختيار کي غير فعال ڪيوويو آهي۔۔
 
جواب: ادا مان هن سنڌ سلامت فورم مان ٿڪجي پيس

ادا هاڻ ته ڪافي درستگيون ٿي ويون آهن هاڻ ڪوشش ڪريو
 
جواب: وي بليٽن 4 تي منتقل ٿيڻ کان پوءِ توهان جا مشورا۔۔ ۽ انهن جا حل۔۔

1۔ ٿوري ٿوري دير ۾ لاگ ان ٿيڻو پوي ٿو ۔۔۔ نئون ڌاڳو يا ڪنهن سيڪشن ۾ وڃجي ٿو ته وري لاگ ان ٿيڻو پوي ٿو۔
2۔ گهر ۾ ليپ ٽاپ تي سڀ شيون سڄي پاسي اچن ٿيون پري آفيس واري ڊيسڪٽاپ تي کاٻي هليون وڃن ٿيون۔
3۔ فيسبڪ لنڪ يا وڊيو شيئر ڪرڻ لا جيڪو فيسبڪ جو آئڪان ملندو هو سو پڻ هاڻ غائب آهي
رب اوهانکي پنهنجي حفظ و امان ۾ رکي ۔۔۔ آمين

توهان جي پهرين صلاح تي عمل ڪندي لاگ ان رهڻ جو وقت وڌايو ويو آهي۔۔۔

منهنجي خيال ۾ توهان جي مسئلي نمبر 2 جو ذڪر في الحال ڪنهن ٻئي دوست نه ڪيو آهي ان جو مطلب ته اهو صرف آفيس ڪمپيوٽر تي موجود برائوزر سان مسئلو ٿي سگهي ٿو۔۔۔۔ دوستن کي ٻڌائيندو هلان ته موجوده سنڌ سلامت هر برائوزر جي نئين ورجن تي چيڪ ڪيو ويو آهي ۽ درست طريقي سان هلڻ جي تسلي ڪئي وئي آهي ۔۔۔ ان باوجود جيڪڏهن ڪنهن دوست وٽ اهو مسئلو ايندو هجي ته برائوزر جو نئون ورجن استعمال ڪري ڏسي۔۔ اسان پاران فائر فاڪس 4 ۽ گوگل ڪروم 10 کانسواءِ انٽرنيٽ ايڪسپلورر جو 8 ورجن استعمال ڪرڻ جي صلاح ڏجي ٿي۔۔۔ جڏهن ته انٽرنيٽ ايڪسپلورر 9 تي في الحال ڪي پيڊ جا ڪجهه مسئلا ٿي رهيا آهن۔۔۔

فيس بوڪ وڊيو لڳائڻ لاءِ فورم تي وڊيو بي بي ڪوڊ رکيل آهي جنهن کي استعمال ڪري فيس بوڪ وڊيو لڳائي سگهجي ٿي۔۔۔ پر ياد رهي ته هن دفعي فيس بوڪ وڊيو جو مڪمل يو آر ايل لڳائبو۔۔۔ جيڪو http کان شروع ٿي وڊيو ڪوڊ تائين هوندو جهڙوڪ۔۔۔ هي وڊيو ۽ ڪوڊ ڏسو۔۔۔

ڪوڊ آهي
http://www.facebook.com/video/video.php?v=159304160797348

[video=facebook;159304160797348]http://www.facebook.com/video/video.php?v=159304160797348[/video]​

وڌيڪ تفصيل لاءِ ادا ڦلپوٽو کي عرض آهي ته ڪو سکيا جو موضوع موڪلين۔۔۔

توهان جي باقي صلاحن کي به نوٽ ڪيو ويو آهي جيڪي وقت سان ٻيهر آنديون وينديون۔۔۔
 
جواب: وي بليٽن 4 تي منتقل ٿيڻ کان پوءِ توهان جا مشورا۔۔ ۽ انهن جا حل۔۔

هڪ ڳالهه جو اضافو ڪندو هلان ته سنڌي اسٽائل واري ٽيمپليٽ زبردست آهي پر ان ۾ لوگو نظر نه پيو اچي ۽ ان کان علاوه ڪروم ۾ ڪيبورڊ ايڊيٽر ساڳيو پراڻو اچي پيو يعني بٽڻ هائلائيٽ نه پيا ٿين۔۔
اهو اسٽائيل ان ڪري ئي لڳايو ويو آهي ته جيڪڏهن ڪو دوست موجوده اسٽائيل کي شوخ ۽ اکين کي وٺندڙ محسوس ڪري ته هو ٻئي اسٽائيل تي سوئچ ڪري سگهي۔۔۔ بحرحال توهان جي ڳالهين تي عمل ڪندي ان اسٽائيل ۾ تبديليون عمل ۾ آنديون ويو آهن۔۔۔
 
جواب: وي بليٽن 4 تي منتقل ٿيڻ کان پوءِ توهان جا مشورا۔۔ ۽ انهن جا حل۔۔

مهرباني هاڻ اکرن ۾ فرق واضع آهي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

باقي ٽائيم وڌايو وڃي
جيڪڏهن ٽائيم مان توهان جي مراد لاگ ان رهڻ جي وقت جي آهي ته ان ۾ تبديلي ڪئي وئي آهي۔۔۔
 
جواب: ادا مان هن سنڌ سلامت فورم مان ٿڪجي پيس

منهنجي خيال ۾ پاسورڊ داخل ڪرڻ ۾ دوست غلطيون ڪري رهيا آهن۔۔۔ جنهن جو هڪ سبب اهو به ٿي سگهي ٿو ته توهان رجسٽريشن دوران پاسورڊ انگريزي اکرن تي مشتمل رکيو هجي۔۔۔ ۽ وري سنڌ سلامت فورم تي لاگ ان ٿيڻ وقت ايم بي سنڌي پروگرام فعال هجي۔۔۔ دوستن کي صلاح آهي ته پاسورڊ انگن تي مشتمل رکن ته جيئن ايم بي سنڌي پروگرام هجڻ باوجود پاسورڊ داخل ڪري سگهجي۔۔۔
ان هوندي به فورم تي مسلسل ڪم هلي رهيو آهي۔۔۔ توهان جي دل لڳي خاطر فورم کي وقت کان اڳ کوليو ويو هيو ۔۔ جي مڪمل طور اپڊيٽ ۽ دوستن جي لاءِ بلڪل سهل بڻائڻ کان پوءِ کولجي ها ته ان ۾ گهٽ ۾ گهٽ 15 کان 20 ڏينهن لڳن ها۔۔۔
بحرحال وقت گهٽ هئڻ سبب ڪجهه مسئلن کي ويڪ اينڊ تي درست ڪيو ويندو۔۔۔
 
جواب: گم ٿيل ٿريڊ بابت

دوست توهان جا سمورا موضوع موجود آهن۔۔۔ جلد ئي مٿي سنڌ سلامت گوگل ڳولا لڳائي ويندي جتان توهان آساني سان پنهنجا موضوع ڳولي سگهو ٿا۔۔۔ توهان جو مطلوبا موضوع هن لنڪ تي آهي۔۔۔
 
جواب: ادا مان هن سنڌ سلامت فورم مان ٿڪجي پيس

ادا عسڪري دل نه لاهي سڀ ڪجه ٺيڪ ٿي ويندو اهيو مئسلو مونسان به هو مون انهي جو حل هن طريقي سان ڳولهيو آهي سڀ کان پهرين پاسورڊ ۽ يوزر نيم سهي داخل ڪريو ۽ انهي کان پو انٽر ڪري سنڌه سلامت جي ( تازه ترين )تي ڪلڪ ڪيو ۽ انشالله اهيو توهانجو مسئلو حل ٿي ويندو آئون به اڃان تائين اهڙي طريقي سان لاگ ان ٿيندو آهيان باقي سنڌه سلامت سان دوستي ٽوڙڻ واري ڳاله نه ڪريو ايهي لاه چاڙها ايندا رهندا آهن ۽ ڪجه ادا رشيد جي لکيل هدايت تي به غور ڪندا
 
جواب: ادا مان هن سنڌ سلامت فورم مان ٿڪجي پيس

سڀ دوستن جي مهرباني۔ تحمل کان ڪم وٺجي، سڀ سنڌي مبارڪ باد جا مستحق آهن جو انهن کي وي بليٽن 4 جهڙي ٽيڪنالاجي ميسر آهي۔
 
جواب: وي بليٽن 4 تي منتقل ٿيڻ کان پوءِ توهان جا مشورا۔۔ ۽ انهن جا حل۔۔

منهنجي سرگرمي مينو ۾ جتي گروپ، البم ۽ دوست رابطا جا لنڪ موجود آهن انهن هيٺان منهنجا موضوع ۽ منهنجيون تحريرون لنڪس جو اضافو ڪيو ويو آهي ۔۔۔ جنهن کان پوءِ هي شڪايت به دور ٿي ويندي۔۔۔

بلڪل ادا هي ڳالهه سٽائل 0۔1 ۾ آهي پر سٽائل سنڌي ۾ هي سهولت نه آهي، فرصت ملي ته ان ۾ به اضافو ڪري ڇڏيندا۔
 
هڪ مونجهارو

السلام عليڪم!

سنڌ سلامت جي هينئر موجوده نواڻ تي جڏهن پنهنجي ”فوٽوشاپ ۾ مڪمل گولائي“ بابت پوسٽ موڪلڻ دوران جڏهن مون اميج جو لنڪ لڳائڻ جي ڪوشش ڪئي ته ان دوران مون کي اهو جواب مليو ته ”اوهان جي پوسٽ ۾ 12 اميجز لڳل آهن، مهرباني ڪري ٻيهر ڪوشش ڪريو“ حالانڪه منهنجي خيال ۾ ان پوسٽ ۾ منهنجا تقريبا 6 اميج هوندا۔ بهرحال ان جو جڳاڙ مون اهو ئي ڪيو ته ان کي ترت جواب موڪليو، جنهن هيٺان ٻي پوسٽ لڳاتار اچي وئي۔

پر ڇا! ائين ممڪن ناهي ته هڪڙي ئي پوسٽ ۾ جيترا اميجز رکڻ چاهيون، ته اچي وڃن؟ مهرباني فرمائي انتظاميه انهي سلسلي ۾ رهنمائي فرمائي ته جيئن تسلي ٿئي۔


ٻيو عرض ته اوچتو منهنجي نظر ”هڪجهڙن موضوعن“ تي پئي، جنهن جو نمونو ڪجهه هن ريت آهي۔

2mov0jl.jpg
[/center][/img]

اسان جهڙا اڻ ڄٽ ته ان کي شايد هيئن پڙهن۔ ”موڪليندڙ عمران فورم“ ڇا ائين ممڪن ناهي ته نالي کان پو ڪو هائيفن، ڪاما يا وري ڪو اهڙو بليٽ اچي، جو نالو الڳ ٿي بيهي۔ مهرباني فرمائي ان طرف توجهه ڏيندا۔
 
جواب: هڪ مونجهارو

انهي کان سوا ”سنڌ سلامت تي نوان موضوع“ ۾ اپ ڊيٽ تمام دير سان ٿي رهي آهي۔
 
جواب: هڪ مونجهارو

سائين ابو واصف سلام

خبر ناهي ڇو اوهان وٽ اهو ايرر آيو آهي جيتو ڻيڪ مان پنهنجي پوسٽ ۾ 10 اميجز لڳايا آهن ۽ ڪو ايرر ڪونه آيو آهي۔ هت ڪلڪ ڪري اوهان اها پوسٽ ڏسي سگهو ٿا۔

اسان جهڙا اڻ ڄٽ ته ان کي شايد هيئن پڙهن۔ ”موڪليندڙ عمران فورم“ ڇا ائين ممڪن ناهي ته نالي کان پو ڪو هائيفن، ڪاما يا وري ڪو اهڙو بليٽ اچي، جو نالو الڳ ٿي بيهي۔ مهرباني فرمائي ان طرف توجهه ڏيندا۔

جيڪڏهن لفظن جي رنگن کي تبديل ڪجي يا وچان ڪا لڪير هجي ته اهي الڳ الڳ ٿي ويندا۔ ان لاء ادا رشيد کي عرض ڪيون ٿا ته ڪجهه بهتري آڻين۔

مهربانيون اوهان جي رهنمائي جون۔
 
سنگت لا۽ ڪجه تجويزون

سائين نثار صاحب اميد ته ڌڻيءَ جي ڪرپا سان خوش وخرم هوندا،
سائين منهنجي لکڻ جو مقصد ڪجھ هن ريت آهي ته منهنجي اندر هڪ تجويز اچي رهي آهي ته توهان سنڌ سلامت جي هن رنگا رنگي محفل کي جيڪڏهن ڪنهن هارڊ ڪاپِي۽ جي صورت ۾ ميگزين بڻائي ان ۾ هڪ مهيني اندر اپلوڊ ڪيل مواد منجھان چونڊ مواد کي شايع ڪرائي هلا يو ته ان سان هن فورم کي وڏي پذيرائي ملندي ۽ هڪ لڱا ٻه ٻه ڪم ٿي ويندا۔ اميد ته منهنجي ان تجويز تي غور فرمائيندا۔

لک لک عنايتون، سدا آباد رهو شال.
 
Back
Top