ڪنڌ ڪٽاري قبول پئي شل (مانجهي فقير) دادن جو تڌارڪ ڪير ڪري (دادن فقير)

'ڊزائين ڪيل شاعري' فورم ۾ نثارناز طرفان آندل موضوعَ ‏17 اپريل 2011۔

  1. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    ساري دنيا جا سنڌي دوستو ۽ سنڌ سلامت جا ساٿيو السلام عليڪم، جيئي سنڌ، نمستي۔هي ٻن يگانن صوفي فقيرن جي شاعري جي چترڪاري توهان دوستن سان ونڊ پيو ڪريان، مانجهي فقير جي باري ۾ خبر پئي آهي ته هو صوفي شاهه عنايت شهيد جهوڪ واري جي فقيرن منجهان آهي باقي دادن فقير جي باري توهان دوستن کي ڄاڻ ڏيندو هلان ته دادن فقير 17 جنوري 1906ع تي واره شهر جي چنجڻي ڳوٺ ۾ جنم ورتو، پاڻ قادرالڪلام شاعر هو، سدائين في البديع شعر چوندو هو ، جيڪڏهن ڪو شاعر سندس سامهون ايندو هو ته دادن فقير فوري پنهنجي پاران هڪڙي سٽ شاعري جي ان شاعر جي سامهون رکندو هو ۽ کيس چوندو هو ته انهي سٽ جي ٻي سٽ تيار ڪري ڏني وڃي جيڪڏهن ان شاعر پهرين سٽ جي جواب ۾ ٻي سٽ شاعري جي کيس لکي ڏيکاري ته دادن فقير ان شاعر جي پُٺي ٺپيري پنهنجي حلقي ۾ شمار ڪري کيس شاعر مڃيندو هو نه ته کيس چوندو هو ته ابا شاعري لا گهڻو ڪجهه ڪرڻو پوندو آهي۔ دادن فقير جيئن ته يگانو شاعر هو، سندس دور ۾ دوستن هن جي ڪجهه شاعري ڇپائي به هُئي پر اڻ پوري موجوده دور ۾ دادن فقير جو سمورو ڪلام جنهن ۾ دادن فقير جي سرائيڪي ۽ سنڌي مڪمل شاعري سهيڙڻ ۾ سنڌي ڏاهي اياز لاکير محنت ڪري سنڌ جي وڏي اداري نئين روشني پبليڪشن جي تعاون سان هڪڙو 448 صفحن جو ڪتاب بعنوان ”دادن فقير جو ڪلام“ جو ڪتاب شايع ڪرايو آهي هي ڪتاب هر سنڌي جي پڙهڻ وٽان آهي ، هن 448 صفحن جي قيمت به صرف 200 روپيا آهي۔ دوستو هاڻ پيش آهن هڪڙي مانجهي فقير جي شاعري جي چترڪاري ۽ دادن فقير جي شاعري جي چترڪاري: خاص سنڌ سلامت جي پيشڪش:

    هي ڪنڌ ڪٽاري قبول پئي شل (مانجهي فقير)​


    [​IMG]
    مانجهي فقير جي ساڳئي شاعري جو وڊيو​


    دادن جو تڌارڪ ڪير ڪري (دادن فقير)​

    [​IMG]
     
  2. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: ڪنڌ ڪٽاري قبول پئي شل (مانجهي فقير) دادن جو تڌارڪ ڪير ڪري (دادن فقير)

    واهه سائين واهه لاجواب ونڊ آهي
    ساڻ بهترين ڊزائين
    تمام سهڻي ونڊ آهي سائين ۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو