رخسانه پريت اکڙيون ( رخسانه پريت)

عرس پريو

سينيئر رڪن


رکن سڀ آگهيون اکڙيون!
چون ٿا ڇا ڪنديون اکڙيون!؟

ڀلي هٿ پير تون ڪڙجان،
ڪڏهن توکان ڪڙيون، اکڙيون!

بي الڪيون ٻوٽجن ڀُل ۾،
سي هونديون ها، ٻيون اکڙيون!

بچي هر دام مان نڪرن
ڪڏهن خود ڦاسنديون اکڙيون.

نظر جن جي رَهي نيچي
اتي ڄڻ ٻانهڙيون اکڙيون.

جي ڇڪ ڪا، آس، اوسيئڙو،
نه سمهنديون، جاڳنديون اکڙيون!

ڪڏهن شرمائجي جهڪنديون
ڪڏهن هي، ”ها“ ڪنديون اکڙيون!
 
جواب: اکڙيون ( رخسانه پريت)

بچي هر دام مان نڪرن
ڪڏهن خود ڦاسنديون اکڙيون.

ڀاء عرس مان به ادي رخسانه پريت جي شاعريء جو ديوانو آهيان

اڄ ته ٿورا ڪيا اٿئي جو ڀلوڙ شاعري ونڊ ڪئي اٿئي۔

اهڙي شاعري شيئر ڪندو ره
 
Back
Top