صدين جو سفر پَلَ ۾ (مڪمل)

'مقالا' فورم ۾ ڏاڏل شينو طرفان آندل موضوعَ ‏18 اپريل 2011۔

  1. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    صدين جو سفر پَلَ ۾ (مڪمل)

    شيخ صعدي جو قول آهي ته جا منزل انسان بندگي جي زريعي سئو سالن کان پوءِ حاصل ڪري سگهي ٿو[ سا منزل انسانيت جي خدمت ڪري هڪ پل ۾ طعي ڪري سگهي ٿو. اها هڪ حقيقت آهي حقوق العباد تي جيتري انساني فطرت مطفق آهي ان جي مثال دنيا ۾ موجود انساني ڀلائي سان جڙيل ڪيتريون تنظيمون توڙي غير سرڪاري آرگنائيزيشن ڪن ٿيون پيون. اقوامتحده کان ويندي ننڍن ڳوٺن تائين انساني همدردي جي لاءِ پنهنجي ٿانَوَ آهر هر هڪ ماڻهون اوهان کي هن ڪم جي ڪرڻ جو داعي هوندو آهي . ان جي پٺيان انساني رهزنيون به گهڻي قدر ملن ٿيون پر هتي اهو اسانجو موضوع ڪونهي . دراصل مون هي موضوع ڇو کنيو آهي ان جو احوال اوهان جي آڏو پيش ٿو ڪريان.هي واقعوهڪ دوست ٻڌايو آءُ ان جو نالو نه ٿو کڻان ان لاءِ جو هن جو عمل ايترو عظيم آهي جنهن ۾ ڪٿي رياڪاري يا عُجب وغيره جهڙيون سوچون يا خوشامد ان جي عمل کي آلوده نه ڪري. هُن ٻڌقيو ته
    خيرپور ضلعي ۾ هڪ شخص رهندو آهي خدا تعاليٰ هن کي ٻه ڌيئرون ڏنيون پر ٻئي ڄائي ڄم کان بيمار هيون خبر پئي ته ٻنهي نياڻين کي دل ۾ سوراخ آهن ، هن شخص ٻنهي نياڻين جو علاج ڪراچي جي ڪارڊيو سينٽرمان ڪرايو. ابتدائي آپريشن ٿيا ڪجھ سالن کان پوءِ هڪ نياڻي گُذاري وئي.ان نياڻي جي تڏي تي هن اها ڳالھ منهنجي ڪنهن دوست سان ڪئي ته سائين منهنجي هڪ ٻي نياڻيبه آهي ۽ ان جي دل ۾ به سوراخ آهي. هتان جي ڊاڪٽرن اسان کي جواب ڏنو آهي ۽ ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته توهان پنهنجي نياڻي کي چين يا انڊيا کڻي وڃو.۽ جيترو جلدي ٿي سگهي اترو جلدي وڃو ۽ هاڻي ان ننڍڙي کي به پيٽ تي سوڄ ٿيڻ شروع ٿي وئي آهي ۽ سائين مون وٽ ته جو ڪجھ هو ايتري تائين جو مون پاڻ کي غروي رکي ڪري هن محل تائين ڪوشش ڪئي آهي پر هاڻي مون ۾ ايتري سگھ ڪانهي ته آءُ انڊيا يا چين هن نياڻي کي کڻي وڃان. دوست ٻڌايو ته جنهن وقت هن شخص اها ڳالھ ڪئي ٿي ته مون هن جي اندر جي ڪيفيت ۾ عجيب قسم جو اضطراب ڏٺو. هُو ڪنهن ٿڪل ٽٽل شخص جيان جنهن جسم جو پورو زور لڳايو هجي پر هو پنهنجي مقصد تي نه پهچي سگهيو هجي ۽ پنهنجي ناڪامي تي ڪنڌ هيٺ ڪري زمين تي ليڪا ڪڍي حسرت و ياس مان الائي ڪنهن دنيا ۾ غائب هجي واري ڪيفيت هئي . آءُ هن جي هن پريشاني کي عام ماڻهون جيان ٻڌي ۽ هن کي عام ماڻهون جيان دلاسو ڏئي تعزيت ڪري گهر هليو آيس .
    ڪجھ ڏينهن کانپوءِ آءُ پنهنجا ٻار وٺي ڪراچي آيس ته هتي اڳين ڏينهن جڏهن آءُ آفس کان گهر پهتس ته منهنجي ننڍڙي کي ڏاڍو بُخار هو گهر واري چيو ته الائي ڇو هن کي بخار اچي ورتو آهي ڪا سمجھ نه ٿي اچي ته هي ٻه يا چار ڪلاڪ پهريان ته بلڪل ٺيڪ هو اچانڪ هن کي بخار نڪتو آهي. مهيني جا آخري ڏينهن ها مون وٽ ايترا پيسا ڪو نه ها جو آءُ ننڍڙي کي اسپتال کڻي وڃان . آءُ اسٽور تي ويس ۽ وڃي بخار جو سيرپ وٺي آيس. ننڍڙي کي سيرپ پيارڻ کان پوءِ ٿوري دير لاءِ آرام آيو . رات جو ڪو پهر هو ته جڏهن منهنجي اک کُلي مون ننڍڙي کي هٿ لائي ڏٺو ته سندس جسم ٻري ٿو مون گهرواري کي اٿاريو اسان ٻئي اٿياسون گهرواري کان پڇيو پيسا گهڻا آهن هُن ٻڌايو ته پنج سو ۽ ڪُجھ روپيا آهن. گهرواري کي چيو ته هن وقت رات جا ٽي ٿا ٿين پيا ڪو ننڍو ڊاڪٽر به ڪون هوندو ڇا ڪجي ته، اسپتال هلڻ جيترا پيسا به ڪونهن. گهر واري چيو ٻيو ته ڪجھ به ڪونهي هي زيور آهن کڻ ته هلي ٿا في الحال ڪنهن اسپتال ۾ رکون پوءِ سڀاڻي هن کي کپائي ان جا پيسا اسپتال کي ڏينداسين. اسان حضور شرم ماڻهون ڪنهن دوست کي به نه پيو چوان نه ڪنهن پاڙي واري کي چوڻ جو خيال آيو مون زيور کنيو اسان اتان سو روپي ۾ ٽيڪسي ڪري اچي لياقت نيشنل اسپتال پهتاسين. اسپتال جي ان وقت واري انچارج کي چيو سائين ٻيا پيسا ته ڪونهن هي سون آهي جي اوهان في الحال رکو ۽ منهنجي ننڍڙي جو علاج ڪريو صبح جو آءُ پيسن جو بندوبست ڪري توهانکي ڏيندس. ان ايڊمن آفيسر مونکي ڏسي چيو ته نه توهان هي رکو آءُ اوهان جي ضمانت ڪاغذن ۾ ڏيان ٿو توهان صبح جو پيسا جمع ڪرائجو. هاڻي جڏهن اسان ٻئي زال مڙس ننڍڙي سان گڏ ويٺا ها سون ته مون کي ان همراه جنهن جي ڌي هڪ ڌي گزاري وئي ۽ ٻي کي موت جو انتظار هو. مون هن جي حالت تي غور ڪرڻ شروع ڪيو . منهنجو ننڍڙو جنهن کي بخار هو جنهن کي هڪ پل به آءُ هن حالت ۾ ڏسي نه ٿي سگهيس سون هو ته اهو به کڻي ۽ اچي اسپتال ۾ جمع ڪرايم ته هُن شخص تي ڇا گذرندي هوندي جنهن جي نياڻي هن جي سامهون ڪيڏي مشڪل سان جيئي ٿي، هي ان نياڻي لاءِ ڇا نه سوچيندو هوندو هن کي رات جو ننڊ ڪيئن ايندي هوندي ، هن جي ڪَرِوٽ ڪروٽ ڪيڏي نه بي چيني ۽ بي آرامي هوندي . ڇا هو پنهنجي نياڻي جي اکين ۾ اکيون ملائي سگهندو هوندو . توها يقين ڪيو ته منهنجي باقي مانده رات انهن سوچن ۾ ائين گُزري وئي جو مونکي ان وقت خبر پئي ته رات گزري وئي آهي جڏهن مولوي صاحب آذان ڏني ۽ مون پهريون ڀيرو هڪ مقصد کڻي مسجد ۾ پير پاتو جڏهن مون نماز ختم ڪئي ته آءُ الائي ڇو بي اختييار ٿي روئڻ لَڳُسُ ته يا الله مونکي همت ڏي ته آءُ ان همراه جي ڪا مدد ڪري سگهان روئيندي روئندي مون اهو پاڻ سان عهد ڪيو ته مان اها ڪوشش ڪندس ضرور. جڏهن آءُ اهو فيصلو ڪيو ته اهو ڪم مونکي ڪرڻو آهي يقين ڪريو آءُ ايڏو پُرسڪون ٿي ويس جا ڪيفيت آءُ الفاظن ۾ بند نه ٿو ڪري سگهان .جڏهن همراه کي فون ڪيو ته ادا توهان جو خرچ ڪيترو ايندو ته ان چيو سائين باقي سڄو خرچو
    وارا ڪن ٿا peace hospital
    اسان کي صرف انڊيا ۾ پنهنجي رهائش جو ۽ هتان جي وڃڻ جو بندوبست ڪرڻو آهي پاسپورٽ وغيره ٺهرائڻا آهن انهن تي ڪُلُ خرچ اسي هزار کن ايندو مون هن کي چيو تون پنهنجا پيپر مون ڏي موڪل آءُ ڪوشش ٿو ڪريان پوءِ الله مالڪ آهي . ڪجھ ڏينهن کان پوءِان همراه مونکي ننڍڙِي جا پيپر موڪليا مون ڪنهن دوست جي زريعي اهي پيپر بدين ۾ ٻارن جي دل ۾ سوراخ تي ڪم ڪندڙ اسپتال پيپر موڪليا اتان انهن جو جواب آيو ته سائين مريض موڪليو اسان مريض موڪليو ٻن وزٽ ۾ ڪيس تيار ٿي ويو ساڍاچار لک خرچ جو تخمينو لڳو جيڪو ان اسپتال کنيو. اسان کي چيائن ته باقي مريض سان گڏ ٻه ٻيا ماڻهون ويندا انهن جي رهائش توڙي اچڻ وڃڻ جو خرچ اوهان کي برداشت ڪرڻو پوندو.
    هاڻي سائين ان اچڻ وڃڻ جو خرچ به اسي هزار ڪير پورو ڪري بحرحال ان دوست ۽ مون اهو عهد ڪيو ته بابا پنڻو پوي يا ڪجھ به ڪرڻو پوي پر اسان هن ننڍڙي جو علاج ڪرائينداسين .اها قارئين جي مرضي اهي ته يقين ڪن يا نه ڪن پر آءُ ته اها حقيقت ٻڌائيندس ته اسان پنهنجي سنگت جي چونڊ ڪئي ته ڪهڙي سنگت وٽ هلڻُو آهي ۽ ڪهڙي سنگت وٽ ناهي هلڻو . اسان وٽ اڪثريت انهن ماڻهن جي آهي جيڪي ڪم ته ڪو نه ڪندا پر ڳالهيون ڪري ڏنڀيندا ضرور .سوا اسان به اهڙي سنگت جو انتخاب ڪيو ته انهن وت هلون جي ڪم نهٿ ڪن ته نه ڪن پر دل نه آزارين .سقين ڪيو ته اسان کي اها ڳالھ اڃا تائين ناهي سمجه ۾ آئي ته اهو ٿيو ڪيئن .اسان جنهن وٽ به ويا سزين جتي اسان کي ٻه هزار جي اميد هئي اتان اسان کي ڏه هزار جتي اسان کي پنجن هزارن جي اميد هئي اتان اسان کي ويھ هزار مليا .شايد اسان پنجن دوستن وٽان سٺ هزار چندو ڪيو.جڏهن اسان چندو ڪري موٽيا سين ۽ گهر پهتاسين ته مون زندگي جي اها مُسرت محسوس ڪئي جا جي مان حج به ڪري آيو آهيان پر مون کي ناهي نصيب ٿي . خوشي مان مون کي رات ڀر ننڊ نه ٿي آئي.بس پنهنجي پروردگار جا احسان مڃڻ لاءِ جڏهن آءُ مصلو وڇائي وڃي نماز ۾ بيٺس ته مون کي ان پهرين سجدي اهو سڪون ڏنو جنهن جو لُطف آءُ ڪنهن تي ظاهر نه ٿو ڪري سگهان. واقعي اها ڪيفيت سو ساله ڇا هزار ساله عبادت کان به عجيب هئي مونکي ياد ناهي ته مون دانستن ڪا نماز ڇڏي هجي پر ان سجدي جو سُرور ان سڄي عبادتن کان عليحده هو .
    هاڻي ڪجھ انهن دوستن جو احوال جن اسان جي ان ڪارِ خير ۾ مدد ڪئي .پر ان کان پهريان آءُ اهو ٻڌائڻ ضروري ٿو سمجهان ته اسان جنهن به دوست وت ويا سون اسان کي ائين لڳو ته ڄڻ اهو ماڻهون ان ڪم لاءِ تيار ويٺو هو اسان کي ڪنهن هڪ به دوست اهو نه چيو ادا اڄ ته ناهن سڀاڻي اچجو ته اوهان کي اسان ڪجھ ڪري ڏينداسين ڪنهن چيڪ ڏنو ته ڪنهن ڪيش ڏني . پهريون دوست جنهن اسان وياسين اهو هڪ بينڪ ۾ ڪم ڪندو آهي ان ۾ اسان کي پنج هزارن کان وڌيڪ اميد نه هئي ان اسنا کي پندنهن هزارن جو چيڪ ڏنو ۽ گڏ اهو به چيائين ته ادا جي ڪنهن جاءِ تي اوهان کي اهو محسوس ٿئي ته ڪجھ پيسا کُٽن ٿا ته مون کي توهان ٻڌائجو ته وڌيڪ ڪوشش ڪبي . جڏهن اسان ٻئي دوست وت پهتاسين ته ان چيو يار سٺو ٿيو ته توها اچي ويو مون به توهان ٻنهي کي ياد پئي ڪيو . اسان چيو سائين خير ته آهي چيائين ته در اصل آءُ حج تي ٿو وڃان توهان سان ملاقات ڪرڻي هئي. مون ان دوست کي چيو ته ادامڪي مديني ڀلي وڃ حج ڪرڻ پر سڀ کان پهريان ته هي حج ڪر ان دوست چيو ته توهان يقين ڪيو يا نه ڪيوهي ڏھ هزار جو چيڪ مان ان نيت سان کڻي نڪتو هيس ته توهان کي ڏيان ته توهان ڪنهن مسڪين تائين پهچايو سو پر هاڻي توهان هي اهڙو ڪم ڪيو آهي هي وٺو ڏهن هزارن جو چيڪ ۽ پنج هزار هي روڪ . هاڻي هي اسان وت ٽيھ هزار ٿي ويا .اتان نڪتا سين ته اسان ويا سين هڪ ٻئي دوست وٽ ان سان احوال ڪيو سين ان چيو ته ادا پنج هزار آءُ ٿو ڏيان اهي ٿي ويا پنجٽيھ هزار اتي ويٺا ئي ها سين ته ان همراه جو دوست آيو جنهن کي اسان به سڃاڻون پيا ان سان اسنا جي دوست اهوال ڪيو ته ان چيو ادا پندرنهن هزار آءُ ٿو ڏيان . هاڻي اسان وٽ ٿي ويا پنجاھ هزار . اتي ان دوست چيو تهسائين هڪڙو ٻيو به ماڻهون سجهي ٿو اچو ته ڀلا ان ڏي به هلون اسان اتان اُٿي ان همراه جي دوست ڏي وياسين ته ان اسانکي ڏح هزار ڏنا هاڻي اسن وٽ سَٺِ هزار ٿي ويا . جڏهن اسن واپس وريا سين ته مون هن کي چيو ته هي ڳالھ تو کي ڪجھ سمجه ۾آئي ته هي ڇا ٿيو آهي . هن چيو يار بس هڪڙي ڳالھ سمجھ ۾ آئي ته الله ڪم ڪري به پاڻ ٿو اسان کي ته وڄ ۾ هرون ڀرون وجهي کڻي بدنام ڪيو اٿس ته هن جي اکين ۾ ڳوڙها ها هن روئيندي چيو ته ادا هي عجيب منظر آهي ڪالھ مون وٽ پُٽَ کي رات جو ايمرجنسي ۾ کڻي وڃڻ ولاءِ هزار رپيو نه هو ۽ اڄ مون تي سنگت اعتبار ڪري اهو هڪ ڏينهن ۾ سٺ هزار روپيا ڏنا آهنسا منهنجي اوقات ڪانهي هي به سندس ئي ڪرم نوازيون آهن.
    هڪيٻي ڳالھ جا مونکي ان جي ڏاڍي پسند آئي ته ان کي جنهن جاءِ تا چندو مليو ٿي ته هن ان ڇوڪري جي پي فون ڪري ٻڌايو ٿي ته ادا اسان وٽ هيترا پيسا ٿي ويا آهن . بعد ۾ مون هن کان پڇيو توهان اهو ڇو ڪيو بعد ۾ توهان انهن کي ٻڌايو ها ته چوڻ لڳو ادا تون آهين بادشاھ هي جيڪو چورِ اسان جي اندر ويٺو آهي هن جو علبو خبر ناهي ڪهڙي وقت ٿي وڃي ۽ آءُ هن جي چڪر ۾ اچي خيانت جو مرتڪب ٿي پوان هڪ ته اهو ڊڄ آهي ٻيو ته جنهن پي ماءُ کي ڪئي راتين کان پنهنجي نياڻي کي ان حالت ۾ ڏسي ننڊ ناهي آئي جڏهن هنن کي خبر پئي ته هيترا پيسا ٿي ويا آهن ته اهي به سُڪون سان سُتا هوندا. اڄ ان ڳالھ کي زمانو گُزري ويو آهي پر آءُ سوچيندو آهيان آءُ ته سرف ماڻهن جي در تي ويس پته مون کي ان جي مسرت هر وقت سجدو ڪرڻ تي دل ٿي ڪري ته جن ماڻهن پيسو ڏنو اهي ڪيڏا نه خوش نصيب هوندا هنن جي اندر ڪيڏو سڪون هوندو انهن پنهنجي اندر جي دشمن جي وات مان هي پيسا ڪڍي ڏنا آهن اهي ڪيڏي وڏا فاتھ آهن .خدا اسان سڀني کي هڪٻئي جي مدد ڪرڻ جي توفيق ڏئي .
    بس هن موضوع کي هن ڳالھ تي ختم ٿو ڪريان ته هڪ سخي اهڙو هوندو هو جيڪو جڏهن ڪجھ ڏيندو هو ته ان جون اکيون جهڪيل هونديو هيون ، ڪنهن سوال ڪيو ته توهان جڏهن ڪنهن جو سوال پوراا ڪندا آهيو ان وقت اوهان جا نيڻ جهڪيل هوندا آهن ڇو؟ ان سخي جواب ڏنو ته مونکي شرم ايندو آهي ماڻون اهو ٿا سمجهن ته هي سخا مان ٿو ڪريان جڏهن ته مونکي ڏيندڙ به ڪو ٻيو آهي جيڪو سڀني کي ڏئي ٿو . ڪم واقعي ته الله ڪندو آهي اسان ته فقط آزمايا ويندا آهيون الله اسن کي انهن آزمائشن تي پورو لهڻ جي توفيق ڏئي .
    وسلام
    [/size][/color
     
  2. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    جواب: صدين جو سفر پَلَ ۾ (مڪمل)

    بيشڪ ادا ۔هر ڪم الله پاڪ جي طرفان ٿيڻو آهي۔پر انهن جا وسيلا الله سائين انسان کي بنائيندو آهي۔هن دنيا ۾ ايترا ڪيترائي ماڻهو آهن جيڪي چپ چپات ۾ ڪارخير ۾ حصو وٺندا آهن جو مدد وٺڻ واري ماڻهو جي نفس تي ان جو ڪو ابتو اثر نه پوي۔انهن ماڻهن جي ڪري شايد هيئ دنيا قائم آهي۔دل کي ڇوهيندڙ ڳاله ونڍ ڪئي اٿئو۔ان لاء توهان جون مهربانيون۔
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: صدين جو سفر پَلَ ۾ (مڪمل)



    ڏاڏل سائين الله اوهان کي خوش رکي اوهان هڪ بهترين واقعو اسان سان ونڊ ڪيو آهي جيڪو نيڪين سان ٽمٽار آهي۔ بلڪل هن جهان کي هلائڻ وارو ۽ اهنج کي سلجهائڻ وارو ۽ ڏيڻ وارو منهنجو رب پاڪ آهي،انسان ته بس هڪ وسيلو ۽ ذريعو ٿو بڻجيي ان نيڪ ڪمن کي پورو ڪرڻ لاء۔

    دعا آهي ته رب پاڪ اسان سڀني کي اها توفيق عطا ڪري ته نيڪيء جي ڪمن ۾ اڳڀرا رهون

    پاڻ ئي ايندم هوت پر ڪجهه آئون به اڳڀري ٿيان
     
  4. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: صدين جو سفر پَلَ ۾ (مڪمل)

    جي سائين اوهان بلڪل سچ فرمايو سڀ ڪم پاڻ پروردگار ڪندو آهي اسان ته فقط آزمايا ٿا وڄون الله اسن سڀني کي آزمائش ۾ ثابت قدم رهڻ جي توفيق ڏئي ۔
    وسلام
     
  5. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: صدين جو سفر پَلَ ۾ (مڪمل)

    جي سائين اوهان بلڪل سچ فرمايو
     
  6. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: صدين جو سفر پَلَ ۾ (مڪمل)

    سائين مهرباني
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو