جاويد نواز
سينيئر رڪن
غزل
ابر کان پڇو ۽ ڪڪر کان پڇو
مون تنهنجو ته ساري شهر کان پڇو
تون ڪاٿي لڪي پئين آ زندگي
مان تنهنجو ته شمسُ قمر کان پڇو
پائي پرڙا اُڏري فلڪ تي وڃي
مان ڪونجن جي ويندڙ ولر کان پڇو
کڻي هٿ ۾ نيڻن جي آڏو جهلي
مان تنهنجو ته زم زم زهر کان پڇو
وٺڻ واس خوشبو جي گلشن ويس
مان تنهنجو ڪلي گل شجر کان پڇو
اچانڪ جو قبرن جي ڀر سان لنگيس
مان تنهنجو ته هر هڪ قبر کان پڇو
جاويد نواز
دعائن ۾ ياد