بلوچ قومپرست ۽ آزادي پسند جماعتن يارهين آگسٽ تي بلوچستان جو ”يوم آزادي“ ۽ چوڏهين آگسٽ تي پاڪستان جي يومِ آزادي کي ”يومِ سياهه“ طور ملهائڻ جو اعلان ڪيو آهي.
ان جماعتن جي رهنمائن جو چوڻ آهي ته 11 آگسٽ تي پاڪستان جي رياستي قبضي جي خلاف سڄي بلوچستان ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويندا.
فرنٽيئر ڪور صوبائي گادي ڪوئٽه ۾ مختلف سرڪاري ۽ پرائيويٽ گاڏين تي پاڪستاني جهنڊا لهرائڻ ۽ قومي ترانا وڄائڻ جو سلسلو شروع ڪيو آهي ۽ مذڪوره سياسي اڳواڻن جو چوڻ آهي ته گاڏين تي جهنڊا لهرائڻ ۽ چوڏنهن آگسٽ جي تقريبن ملهائڻ وارن کي معاف نه ڪيو ويندو.
يارهين آگسٽ کي ”يومِ آزادي“ جي طور ملهائڻ جو سبب ٻڌائيندي بلوچ ريپبلڪن پارٽي جي مرڪزي رهنما ڊاڪٽر حڪيم لهٽري چيو، ”هڪ سئو ست سال انگريزن جي قبضي ۾ رهڻ بعد بلوچستان يعني ان وقت جي قلات اسٽيٽ کي يارهين آگسٽ اڻيهه سئو ستيتاليهه ۾ آزادي ملي هئي ڇو ته ان وقت به بلوچستان برصغير جو حصو نه هيو، پر براه راست انگريزن جي قبضي ۾ هيو. ان جي ڪري 11 آگسٽ تي لارڊ مائونٽ بينٽن آل انڊيا ريڊيو تان بلوچستان جي آزادي جو اعلان ڪيو، جڏهن ته جناح ۽ گانڌي کي به چيو ته توهان به آزادي جو اعلان ڪيو. اهڙي نموني سان پاڪستان 14 آگسٽ تي آزادي جو اعلان ڪيو پر ڀارتي جوتشين گانڌي کي ٻڌايو ته 14 آگسٽ منحوس ڏينهن آهي، ان ڪري توهان ڀارت جي آزادي جو اعلان 15 آگسٽ جو رات 12 کان 1 بجي ڌاري ڪيو ڇو ته ان وقت ٽائيم ٻڙي هلي رهيو هوندو آهي. اهڙي طرح خطي ۾ 11 کان 15 تائين ٽن رياستن کي آزادي ملي هئي“
بلوچ اڳواڻن جو چوڻ آهي ته پاڪستان حڪومت انگريزن جي اشاري تي هڪ دفعو وري، 27 مارچ 1948 تي بلوچستان تي ذبردستي قبضو ڪيو، جيڪو اڄ تائين جاري آهي.
بلوچ بار ايسوسيئشن جي صدر صادق رئيساڻي جو چوڻ آهي ته بلوچستان جي مسئلي جو واحد حل هي آهي ته بلوچستان کي آزاد ڪري 27 مارچ 1948 کان اڳ واري پوزيشن ۾ آندو وڃي ۽ هن وڌيڪ چيو ته بلوچستان جي آزادي تائين بلوچن جي جدوجهد جاري رهندي.
وزير اعلي بلوچستان نواب اسلم ائيساڻي جو چوڻ آهي ته تمام جلد بلوچستان مسئلي جي حل لاءِ سڀني سياسي جماعتن سان ملاقاتون ڪيون وينديون ۽ سفارشون مڪمل ڪري وفاق کي موڪليون وينديون ۽ جلد ئي بلوچستان جي مسئلي تي آل پارٽيز ڪانفرنس سڏرائي ويندي جنهن ۾ نيشنل پارٽي ۽ بلوچستان نيشنل پارٽي کي به دعوت ڏني ويندي. وزير اعلي جو چوڻ آهي ته بلوچستان جو مسئلو ايترو آسان ڪونهي جيترو سمجهيو پيو وڃي، ان جي حل ڪرڻ لاءِ هر قدم وڏي احتياط سان کڻڻو پوندو.
بلوچستان جي سياسي امور جو ماهر ۽ ممتاز قانوندان طاهر محمد خان ايڊووڪيٽ چيو آهي ته گورنر غلام محمد ملڪ کان وٺي صدر آصف زرداري تائين بلوچستان جي حوالي سان مرڪز جي رويي ۾ ڪو به فرق ناهي، ان ڪري هاڻي بلوچستان جا ماڻهو فيڊريشن کان الڳ ٿيڻ جون ڳالهيون ڪرڻ لڳا آهن ۽ مرڪزي حڪومت انهن کي طاقت جي زور تي روڪڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، جنهن جي ڪري بلوچستان جي مسئلي جي حل جي في الحال ڪا به صورت نظر نه پئي اچي.
پيپلز پارٽي سان تعلق رکندڙ بلوچستان جي وزير تعليم شفيق احمد خان جو به چوڻ آهي ته پاڪستان جي مرڪزي حڪومت بلوچستان جي مسئلي جي فوري حل لاءِ سنجيده آهي ۽ ان مقصد لاءِ سينيٽر بابر اعواڻ جي قيادت ۾ هڪ ڪميٽي جوڙي وئي آهي. هن جو چوڻ مطابق صدر ۽ وزير اعظم، وزير داخلا رحمان ملڪ کي هدايت ڪئي آهي ته جيترو جلد ٿي سگهي بلوچستان جي عوام سان رابطو ڪري بلوچستان جي لاپته افراد کان علاوه گوادر پورٽ ۽ فوجي ڇانوڻين جي مسئلي تي بلوچستان جي سياسي رهنمائن سان ملي ڪري سفارشون جلد مرڪزي حڪومت کي پيش ڪري.
ليڪن نيشنل پارٽي پارليمينٽيرن سان تعلق رکندڙ صوبائي وزير سردار ثناءالله زهري چيو ته حڪومت جڏهن به ڪنهن ڪم جي لاءِ پارٽي ٺاهي آهي اهو ڪم ئي ڪو نه ٿيو آهي ۽ بلوچستان جي لاءِ ڪميٽيون جن ماڻهن تي مشتمل هونديون آهن، انهن جي هتان جي بلوچ ۽ پشتون قبائلي معاشري ۾ ڪا به حيثيت نه هوندي آهي. اهي ماڻهو اگر ڪنهن سياسي اڳواڻ يا قبائلي سردار ڏانهن ويندا ته اها خود ان سياسي يا قبائلي ليڊر جي ذلت سمجهي ويندي ۽ منهنجو خيال ناهي ته بلوچستان جا سياسي اڳواڻ ان ماڻهن سان ڳالهيون ڪندا.
سردار ثناءالله زهري چيو ته صدر زرداري کي بلوچستان جي مسئلي جي حل لاءِ پاڻ اڳيان اچڻو پوندو ڇو ته ان جي ذاتي دلچسپي کانسواءِ بلوچستان جي مسئلي جي حل ڏانهن وڃڻ ناممڪن آهي.
ان سلسلي ۾ پشتون خواه ملي عوامي پارٽي جي اڳوڻي سينيٽر رضا محمد رضا جو چوڻ آهي ته موجوده حڪومت کي نيون ڪميٽيون ٺاهڻ جي بجاء مشرف دور ۾ وسيم سجاد ۽ سيد مشاهد حسين جي سربراهي ۾ ٺهندڙ ڪميٽين جي سفارشن تي عملدرآمد ڪرڻ گهرجي ڇو ته ان ڪميٽين جي تجويزن ۾ بلوچستان جي گيس، گوادر پورٽ، فوجي ڇانوڻيون، لاپته افراد، ساحلي وسيلا، اين ايف سي ايوارڊ ۽ صوبي جي پشتون بلوچ جا مسئلن سميت تمام مسئلن جو سفارشون موجود آهن.
بلوچستان نيشنل پارٽي جي قائم مقام صدر ڊاڪٽر جهانزيب باديني چيو ته مشرف دور ۾ گوادر سميت ڪو به ترقياتي منصوبو بلوچستان جي عوام جي مفاد ۾ نه ٺاهيو ويو آهي. پنجاب ۾ زرعي زمين ۽ پاڻي تي ڪو به ٽيڪس ناهي ۽ ان مان حاصل ٿيندڙ آمدني تي اتان جي ماڻهن جو حق هوندو آهي ليڪن بلوچستان جي زير زمين وسيلن تي مرڪز جو ڪنٽرول آهي. بلوچستان جي عوام کي گوادر ۽ سينڊڪ پروجيڪٽ جهڙن منصوبن مان ڪو به فائدو ناهي. هتي ته وزير اعلي کي به پيڪيج حاصل ڪرڻ لاء مهيني ۾ ڪيئي چڪر ڪاٽڻا پوندا آهن.
نيشنل پارٽي جي صدر ڊاڪٽر مالڪ جو چوڻ آهي ته جڏهن به بلوچستان جو مسئلو حل طرف وڌڻ لڳندو آهي، سيڪيورٽي فورسز طرفان اسان جي اڳواڻن کي نشانو بنائڻ جو عمل شروع ٿي ويندو آهي، جيئن نواب محمد اڪبر بگٽي ۽ ان کان پوءِ غلام محمد بلوچ کي شهيد ڪيو ويو. هن چيو ته جهڙي طرح 1973 جي بلوچستان آپريشن سان پيپلز پارٽي کي بدنامي ٿي هئي اهڙي طرح اگر هي سلسلو جاري رهيو ته بلوچستان جي حوالي سان پيپلز پارٽي کي سٺن لفظن ۾ ياد نه ڪيو ويندو.
نواب بگٽي جي پُٽ ۽ جهموري وطن پارٽي جي سربراه طلال بگٽي چيو ته مرڪزي حڪومت کي گهرجي ته فوري طور بلوچستان کي صوبائي خود مختياري ڏني وڃي. هن چيو ته پيپلز پارٽي جي موجوده حڪومت بلوچستان جو مسئلو حل ڪرڻ ۾ سنجيده نه آهي، اگر سنجيده هجي ها ته پهرين قدم جي طور تي بلوچستان جي لاپته بلوچن کي منظر عام تي آڻڻ کان علاوه مري، ڪوهلو ۽ ديره بگٽي مان فوج کي هٽائي ها.
(بي بي سي تان ورتل)
ليکڪ : ايوب ترين

انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: