• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

رهبر کي ڀيٽا ڏيو، مُتحد ٿي سنڌ بقا لاٰ ءِ ڪم ڪريو، دُشمنن جي چالن کان واقف رهو

Sindhi Media

سينيئر رڪن
رهبر کي ڀيٽا ڏيو، مُتحد ٿي سنڌ بقا لاٰ ءِ ڪم ڪريو، دُشمنن جي چالن کان واقف رهو
پي آءِ اي جي ٽريفڪ ڊپارٽمينٽ جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ جي هڪ سُنسان ريمپ آفيس ۾هڪ ڪنهن برگيڊيئر جي ڀاءُ افتخار ڀٽيءَ نالي هڪ شخص، ساٿين سميت هڪ سنڌي انتهائي اعلي تعليم يافته سينئر ۽ قابل سنڌي آفيسر کي ساٿي مُتعصب ڀتاخور آفيسرن جي هڪ گروپ ميٽنگ بهاني شام جو گهُرائي تشدد ڪيو، سگريٽن جا ڏنڀ ڏنا ۽ ٻوري بند لاش جون ڌمڪيون ڏنيون ڇو جو هن ايئرپورٽ تي سچائي اُصول سان اداري جي قانون مُطابق ڪم ڪري حلال روزگار ڪرڻ چاهيو ۽ اُن جي سچائي ايمانداري جي ڪري لڪيل چر واکا ٿي ميدان ۾ لهي آيا ، چور ته همت نه ڪري سگهيا پر اُنهن جي سرپرستن ان وارداتن جي طريقه ڪار جي نشاندهين تحت پاڻ کي غير محفوظ سمجهي پاڻ ظاهر ڪيو ۽ هڪ بهاني سان هن سنڌي سينيئر آفيسر تي تشدد ڪري ٻين سنڌين کي به هڪ شٽ اپ ڪال ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي حيرت آهي اُها به سنڌ ۾ ۽ پي پي گورنمنٽ ۽ جنهن جي سي بي اي، پي پي ۽ سنڌين جي اڪثريت سان آهي ؟ تمام سنڌين، انهن جي تنظيمن، اين جي اوز، چينلن، اينڪرن جرنلسٽن کي واقعي جي مُذمت جي اپيل ٿي ڪجي

سڀني سنڌي دوستن کي اپيل آ هي جن به سنڌين سنڌي امڙ جو پاڪ کير (ٿڃ) پيتو آهي، جيڪي سنڌي لکن ٿا، پڙهن ٿا، سنڌ جو کائين ٿا پين ٿا سنڌ ۾ مرندا ، سنڌ لاءِ جدوجهد ڪندا ته آُهي پوءِ چاهي وفاقي هُجن چاهي صوبائي ۽ڪهڙي به پارٽي سان آهي اڇو يا ڪارو ،وابسطا هُجن پر هُجن خالص سنڌي يا ٻي ڪنهن پارٽيءَ ۾ ، اُن پارٽيءِ ۾ جنهن جو رهبر سنڌي آهي، سنڌي ڀلي ڪهڙو به ڪارو آهي ڀلي ڇو نه سنڌيت جو گُنهگار هُجي ، سنڌيت جي گُنهگارن کي اُن کان نفرت ڪري اُن کي پاڻ کان ڪٽيو هرگز نه ۽ ان سان وڙهي جهڙي، پرچائي، منٿ ميڙي ڪري به پنهنجي سنڌيت جي ئي ڪُنڊ ڪڙڇ ۾ رکو ،متان هو اتان ڪٽجي ڪنهن دهشت گرد يا ڪوڙين جهادي تنظيمن جي ور نه چڙهي وڃي،حصو نه بڻجي وڄي ۽ پوءِ بيوقوفين ، ذاتي تسڪين جي ڪري سنڌ ڀلاري جي اجتمائي مُفادتن، پراپرٽين يا ليڊرن سان ويسا گهاتي نه ڪري وجهي، ساڻن ڀلي بحث ڪريو، ڀلي نظرياتي اختلاف رکو پر ساڻن گڏ کائو پيو به ،هلو، ويهو به متان هو ريجهجي سمجهي منزل تي پُهچي وڃي، جي رهبر سنڌي آهي ته اُن ڪڻو ڪڻو ٿي نه ٻئي کي مارائڻ جو ڪارڻ بڻو ۽ نه ئي پاڻ مارجو مائرائجو اُن کي ڀيٽا ڏئي اجتمائي اتحادي هُئڻ جو ثبوت ڏيو سنڌيت جي نام تي گڏ رهو

ڇو جو توهان جو چالاڪ دُشمن انتهائي شاطر آهي هو هر وقت تڏنهن ڪامياب آهي جڏنهن هو توهانکي عُهدن، پئسن، طاقت ۾ مدد ڏئي توهان جو روب، دٻدٻو قئم ڪرڻ جون لالچون ڏئي ٻين سنڌين کان نفرت پئدا ڪرائي ڇڙ وڇڙ ڪري ٿو ۽ پوءِ توهانجي هٿان ئي سنڌ جي مُفادن کي نقصان پُهچارائي ٿو ۽ تاريخ ڏسي سکي وٺو اهوئي ٿيندو آيو آهي ، الاهي مير جعفر، ان جو ثبوت آهن اڄ تائين اهوئي واحد سبب آهي جو سنڌي گهٽ قوت برداشت رکن ٿا ، انا ، ايگو هڪ ٻئي جي ڪاٽ، هڪ ٻئي سان ساڙ ڪري سنڌ ۽ سنڌي پنهنجي سنڌ سڳوريءَ ۾ به مُسلسل سورن هيٺ آهن جنهن جو ڪارڻ ٻيو ڪو پوءِ پر پهرين پاڻ ئي آهيون هڪ ٻئي کي برداشت ڪرڻ ۽ مڃتا جو مادو رکڻ سکي وٺو متان تاريخ ۾ ته هُجو پر وجود ۾ نه جيڪا دُشمنن جي اصلي چال آهي ۽ ان ڪري ئي سنڌ ۽ سنڌي اڃا تائين پنهنجي منزل نه پئي ماڻي سگهي، توهان ۾ مُحبت ، اتحاد ۽ گڏ ٿيڻ ،اجتمائي جدوجهد جا ڪيڙا آهن جيڪي جذباتن جي حد تائين آهن جيڪي ڪلچرل ڊي تي ڏسڻ ۾ آيا ۽ سنڌ ڪلچر ڊي وانگر سنڌ جي مُختلف جهنڊن
تحت ئي ڀلي پر
پنهنجن سنڌي ڳالهائيندڙ رهبرن کي اجتمائي ڀيٽا ڏيو ڪوڙا ئي سهي جيئن دشمنان سنڌ ۽ سنڌي کي کُلو پيغام وڃي ته سنڌي ئي دُنيا جي واحد جهموري قوم آهي جيڪا ذهني اختلاف رکندي به هڪ آهي ۽ اهائي جهموريت جي خوبصورتي ۽ جهموريت آهي ته جتي سنڌ ۽ سنڌيءَ جو مُفاد آهي هڪ ٿي اڳتي وڌو

نه ته ياد رکو توهان جو ڪو به ادارو، اڙدو يا ڌارين زبانن جي چينلن، اخبارون، اردو اينڪر، پنجابي بيوروڪريسي ، سنڌي وڏيرا شاهي همدرد ناهي ۽ هو پنهنجن مُفادن تحت ڪم ڪن ٿا هو توهان ۽ توهان جي ڪمزورين کي استعمال ڪن ٿا ۽ توهان معصوم ۽ سادي قوم هُئڻ ڪري وڏي آسانيءَ سان هُنن جو کاڄ بڻجي غير اردي طور هنن جي لاءِ، هُنن جي مشن تحت ڪم ڪري سنڌ ۽ سنڌين کي ڇيهو رسايو ٿا ، هو توهان کي وفاَق ۾ آڻي توهانجي ئي هٿان پنهنجن صوبن جي ترقيءَ جا ڪم وٺن ٿا پر توهانجو پنهنجو صوبو ۽ اُن جا ماڻهو توهان مان فائدو نٿا وٺن ۽ پنهنجين حڪو،تن هوندي به ٻين جا مُحتاج رهن ٿا جنهن ڪري پنج هزار سال مُهزب تهذيب جا داعي اسان سڀ سنڌي اڃا به جُڙي نه سگهيا آهيون ۽ هرڪو پنهنجي پنهنجي کٽ جوڙي ويٺو آهي ان ڪري سينٽ ۽ قومي اسيمبلين ۾ بطور سنڌي ناهي . ۽ سنڌ جي مڪمل ترجماني نه پيو ڪري سگهي جيئن پنجاب، پختونخواه ۽ بلوچستان جا ليڊر ڪن ٿا. اچو ته ملي ڪري هڪ سنڌي رهبر سنڌ سائين جي ايم سيد جي ورسي جيڪا 25 اپريل تائين آهي رهبر سنڌ سائين جي ايم سيد جي تصويرون پنهنجي پروفائيل تي لڳائي مقالا لکي ءِ هن سنڌي رهبر جي قولن سان به پنهنجي پنهنجي وال سينگاري سيد کي ڀيٽا پيش ڪريون.

۽ ڪو به سنڌي هيٺئين واقعي جي کولن لفظن ۾ مُذمت کا پري نه رهي ۽ جي ڪو اثر رکي ٿو ته اُن کي استعمال ڪري سنڌي آفيسرن کي ادارن ۾ تحفظ ڏياري نه پُڄين ته واقا ڪري ئي ساٿ ڏي. ياد رکو توهانجي پنهنجي سنڌ جي وفاقي توڙي صوبائي ادارن ۾ ڌاريون قومون حاوي آهن سنڌين جو تحفظ ڪري سگهو ٿا، اچو ته ملي مُذمت ڪريون ۽ جي ڪو پاڻ کي سنڌي چورائي ٿو ته مُذمت کان رهجي نه وڃي ائين ئي توهان بي يارو مدد گارن جو تحفظ ڪري سگهو ٿا جي پنهنجي سنڌ ۾ نٿا ڪري سگهو ته ڪٿي ڪري سگهندئو؟



ياد رکو توهان لاءِ سنڌ ڪارڊ تمام ضروري آهي ڇو جو توهانجو اڪثريتي ووٽر سنڌي مزدور، هاري، شاگرد، دُڪاندار، پورهيت، مستري آهي ۽ ۽توهان کي بل آخر ڏکن، تڪليفن ۾ اُن ڏانهن ئي ووٽ وٺڻ لاي موٽڻو آهي ، سنڌ ڪارڊ جي خلاف دُشمنان سنڌ ۽ سنڌي طرفان اجائي ميڊيا ووالا تي پريشان نه ٿيو ۽ فخر سان پنهنجو سنڌ ڪارڊ استعمال ڪريو جنهن ۾ ئي توهانجي بقا آهي، اهڙي طرح جهڙيءَ طرح ڌاريان عدالتي ڪارڊ، ايجنسي ڪارڊ، بيوروڪريسي ڪارڊ، واويلا ڪارد، ميڊيا ڪارڊ، اسپورتٽس ڪارڊ، استعمال ڪن ٿا ۽ جي هو نٿا شرمائين ته پوءِ توهان کي سنڌ ڪارڊ استعمال ڪرڻ ۾ عار ڇو؟، دوست آرٽيڪل پسند تي ڀل ڪلڪ ڪن پر پنهنجا ڪامينٽس به ضرور ڏين ۽ هن ميسيج کي گهر گهر، گهٽي گهٽي،م آفيس آفيس، تنطيم تنظيم به پُهچائين ۽ پُڄي سگهي ته ننڍي وڏي فورم تي عملي احتجاج ڪري به رڪارڊ ڪرائي
هاڻ برطانيا جي پارليمينٽ ۾ ٿيندڙ گفتگو ٻُڌو
 
جواب: رهبر کي ڀيٽا ڏيو، مُتحد ٿي سنڌ بقا لاٰ ءِ ڪم ڪريو، دُشمنن جي چالن کان واقف رهو

سائين محترم عبدالرزاق صاحب سان آ سئو فيصد متفق ٿيندي سنڌي سڄڻن کي هٿ ادب جا ٻڌي گذارش ڪندس ته جو ٻڌي ۽ ايڪي جو مظاهرو ڪن، سنڌ کي بچائڻ جا جتن ڪن ۽ سنڌ جي ڏاهي، سنڌ جي دوست ۽ سنڌ جي مفڪر جي ايم سيد جي ورثي تي ايڪتا جو مظاهرو ڪندي کي ڀيٽا پيش ڪن ۔۔۔

دوستو! سنڌ جي تاريخ وري الائجي جي ايم سيد جهڙا ڏاها ۽ سنڌ جا خيرخواهه پئدا ڪري سگهندي الائجي نه، انڪري جي ايم سيد جي شخصيت جيڪا هن صدي ۽ گذريل صدي تي محيط آهي، جنهن جا ڪتاب ۽ علم موجود آهي، جنهن جو فڪر سگهارو ۽ سنڌ دوست آهي، جنهنجو ڪردار صاف ۽ شفاف رهيو، اچو ته ان کي ڀيٽا ڏيندي سنڌيت جو ثبوت ڏيون ۽ هڪ ميدان تي گڏ ٿي سنڌ دشمنن جو مقابلو ڪريون ۔۔۔

ڪيترن دڪانن واري سياست کي هڪ سپر مارڪيٽ ۾ تبديل ڪريو ۔۔۔ ته جيئن سنڌي ڀٽڪڻ بجا هڪ هنڌ گڏ ٿين ۔۔

رب العالمين سنڌين جو حامي ۽ ناصر هجي ۔۔۔ آمين
 
جواب: رهبر کي ڀيٽا ڏيو، مُتحد ٿي سنڌ بقا لاٰ ءِ ڪم ڪريو، دُشمنن جي چالن کان واقف رهو

سائين عبدالرزاق ميمڻ جي ڳالهين سان مان به متفق آهيان ته سنڌي ميڊيا ڪڏهن به اسان سان انصاف ڪانه ڪندي

انشاء الله اسان سنڌ جي هن محسن ۽ رهبر سائين جي ايم سيد جي ورسيء جي حوالي سان وڌ کان وڌ ليک اپلوڊ ڪنداسين

پي آئي اي ۾ سنڌي آفيسر سان ٿيل زيادتيء جي اسان ڀرپور مذمت ڪيون ٿا
 
Back
Top