آفيس 2002 ۾ فائل جو مسئلو

'پڇڻا نه منجهڻا' فورم ۾ ابو واصف طرفان آندل موضوعَ ‏20 اپريل 2011۔

  1. ابو واصف

    ابو واصف
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جولائي 2009
    تحريرون:
    266
    ورتل پسنديدگيون:
    386
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    ڌنڌو:
    سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ ۾ ڪمپيوٽر آپريٽر
    ماڳ:
    لطيف آباد نمبر4، حيدرآباد
    ڪجهه وقت اڳ ”ڀٽا خاندان“ بابت هڪڙو ننڍڙو ڪتابڙو ايم ايس ورڊ 2002 ۾ ڪمپوز ڪيو هئم، جنهن جا پروف پڻ نڪتل آهن۔ جڏهن ان ۾ ڪريڪشن جي ضرورت پيش آئي ته فائل ڪجهه عجيب نموني سان اپ سيٽ ٿيل هو، جيڪڏهن اوهان مان ڪنهن دوست کي اهڙي مسئلي جي خبر هجي ته مهرباني فرمائي آگاهي ڏئي۔ فائل جي ايرر جو نمونو ڪجهه هن طرح آهي۔

    [​IMG][/CENTER][/IMG]

    مسئلي جي وڌيڪ حل لا پوري فائل جو لنڪ موڪلي رهيوآهيان، هتان ڪاپي ڪريو۔

    http://www.4shared.com/document/vWqq8XVw/Bhutto.html​
     
  2. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: آفيس 2002 ۾ فائل جو مسئلو

    ادا مون اوهان جي فائل پاڻ وٽ اپلوڊ ڪري ڪوشش ڪئي آهي پر سمجهه ۾ ڳالهه نه ٿي اچي۔
     
  3. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: آفيس 2002 ۾ فائل جو مسئلو

    ادا مون پڻ ڪوشش ڪئي آهي پر ڪو فائدو نه ٿيو آهي۔۔ آفيس 2002ع ته مون اڃان تائين استعمال نه ڪئي آهي، باقي هي فائل آفيس 2003 ۾ به اهو مسئلو ٿو ڪري، هر ممڪن آپشن استعمال ڪري ڏٺو آهي، پر ڪو فرق نه پيو اٿس
     
  4. وحيد سمون

    وحيد سمون
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏7 مئي 2009
    تحريرون:
    249
    ورتل پسنديدگيون:
    47
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪجهه ڪرڻ چاهيان ٿو
    ماڳ:
    دادو
    جواب: آفيس 2002 ۾ فائل جو مسئلو

    هتي پيسٽ ڪري رهيو آهيان ڪاپي ڪري نئين فائيل ٺاهيو:biggrin:

    [justify]
    ر سان سنڌ پهتو.


    ڀارت ۽ پاڪستان جي سرحد لڳ راجستان ۾ رهڻ سبب ضلع حصار پنجاب مستقل ٿيا ۽ ڪلهوڙن جي دور حڪومت ۾ 1748ع ۾ جاگيرون حاصل ڪيائون، ميرن جي درٻار ۾ خيرپور رياست جا امير به هئا ۽ انگريزن جي دور ۾ سر، سردار، نواب ۽ خانبهادر جا لقب عطا ڪيا ۽ ذوالفقار علي ڀٽو ۽ بينظير ڀٽو پنهنجي نالو قابليت سبب سڄي دنيا ۾ پيدا ڪيو.
    ڀٽو خاندان ڀاڱو پهريون ۽ ڀاڱو ٻيون هڪ ئي ڇاپي ۾ اوهان جي خدمت ۾ پيش رکجي ٿو. اُميد ته ڀٽو خاندان جي فردن جي زندگي جو احوال معلوم ڪري اوهان پنهنجي ڄاڻ ۾ واڌارو ڪندا. مرتب: رابطي لاءِ:3522911 ــ 0331 تحرير: نور محمد ڀٽو ڀٽو خاندان جي تاريخ مغل خاندان جي ننڍي کنڊ تي حڪومت ڪرڻ وقت 17هين صدي عيسوي جي آخري عشري ۾ دهلي جي اصلي وارث شهيد محمد دارا شڪوه شهزادي جو ڀٽو قبيلي ساٿ ڏنو ان جو نالو سهتو خان آهي، جنهن اورنگزيب عالمگير بجاءِ دارا شڪوه جو ساٿ ڏنو جيڪو هڪ پڪو مسلمان، صوفي منش، اهل علم ۽ اهل ذوق انسان هو. ڀٽو قبيلو اصل قديم ۽ وسيع سنڌ جي پرڳڻي راجستان (هندستان جي ٿر) جي علائقي جيسلمير جو رهواسي هو. جتي راجستان جي علائقي جيسلمير ۽ جئپور ۾ رهندڙ هئا. انهن جو قديم لباس اٿان جي راجائن ۽ مهاراجائن جهڙو هوندو هو. محترم جي ايم سيد تحقيق ڪندي لکي ٿو ته آرائين قبيلي جي شاخ مان روايتون آهن ته ڀٽو قبيلو آهي. ٻي روايت موجب ڀٽا اصل جيسلمير جا راجپوت قبيلي مان هئا. سندس هڪ وڏو پنجاب جي ضلعي حصار ۾ رهائش اختيار ڪئي ته انهن آرائين قبيلي سان مٽي مائٽي ڪئي ته اهي آرائين سڏجڻ لڳا. سائين جي ايم سيد ڪتاب تاريخ راجستان جي ليکڪ ٽاڊ صاحب جو حوالو ڏيندي چيو آهي ته ڀٽي يادو قبيلي جي 56 ڪلن مان ڪل چندرونسي گهراڻي جي بادشاهه هرڪرشنا جي 8 زالن مان وڏي زال رڪمني هئي جنهن مان کيس وڏو پٽ پرائڊيما ڄائو، جنهن جي شادي شهزادي بدروبا سان ٿي جنهن مان کيس ٻه پٽ انڙ ۽ نجبر ڄاوا، کيس پوئين پٽ بجر مان جيڪو اولاد ٿيو سي ڀٽي سڏجڻ لڳا. جن جي اڳتي هلي شاخ ڀٽا جي نالي سان سڏجڻ لڳي. جن جو سردار بان ۾ رهندو هو (صفحو 23_122، جلد پهريون، جنب گذاريم جن سين ڪتاب تان ورتل) مختيار احمد ڀٽو لکي ٿو ته ڀٽو قبيلي جا فرد ريگستاني ٿر جي رياست جئپور ۽ جيسلمير ۾ اڄ به آباد آهن. سندس تعلق راجپوت گهراڻي جي عورت سان آهي. انهن راجپوتن اسلام قبول ڪيو انهن جو سردار جنهن جو نالو شنشو هو اسلام قبول ڪرڻ کان پوءِ سهتو خان ٿيو. (جنوري 1999ع هالار ڊائجسٽ حيدرآباد تان ورتل) سرمد علي اسٽينٽلي والپرٽ ايڊووڪيٽ ڪتاب ذلفي منهنجو دوست جو حوالو ڏيندي لکي ٿو ته ڀٽا اصل ۾ راجستان جي واڄٽ ڪندڙ واري جا راجپوت هئا. سندس وڏو سهتو خان 1658_1707ع جي دور ۾ مسلمان ٿيڻ بعد خان جو لقب ملڻ بعد اورنگزيب عالمگير جي وقت ۾ واري جي وسڪاري مان نڪري لاڙڪاڻي چانڊڪا جي پرڳڻي جي علائقي رتي ديري ۾ رهائش اختيار ڪئي. پيڙهين کان اهو خاندان مهم جو، ويڙهاڪ هو رتيديري ۾ رهائش اختيار ڪرڻ کان پوءِ سردار ته اڳ هئا. زمينداري شروع ڪئي. آڪٽوبر 1996ع سنڌ رنگ اسپيشل مرتضيٰ ڀٽو نمبر) خيرپور رياست جي حاڪم مير مراد علي خان ٽالپر 1921ع ۾ سردار پير بخش ڀٽو کي نياپو ڪيو ته پنهنجو پٽ ضمانت طور موڪل جيڪو ميرن وٽ امانت ۾ رهندو. جنهن پنهنجو پٽ الهه بخش خان ڏياري موڪليو. جيڪو اتي پنج سال رهيو. ميرن کي خطرو هو ته پير بخش ڀٽو ساڻن ويڙهه نه ڪري. جڏهن ته محمد امين خان ڀٽو پٽ خيرپور رياست جو امير رهي چڪو آهي، جيڪو تمام وڏو بهادر هو جنهن تلوار سان شينهن ماري وڌو هو. ڀٽو خاندان جو پهريون قيدي الهه بخش خان هو. دودو خان ڀٽو ڀٽي خاندان جو پهريون ماڻهو هو جنهن امن ڀري زندگي گذاري. (سنڌ رنگ اسپيشل نمبر 1996ع) ننڍي کنڊ مان اها وڏي احساس ڪمتري آهي جو هندن پاڻ کي آريائي نسل مان ڪڍي پاڻ کي عربن جو اولاد مسلمان سڏائڻ لڳا. عربن کان پوءِ ننڍي کنڊ جي ماڻهن پاڻ کي وچ ايشيا جي حملي آورن ۽ لٽيرن جو اولاد سڏائڻ ۾ فخر محسوس ڪرڻ لڳا. ساڳئي بيماري سنڌ جي رهواسين ۾ آهي ڪافي سنڌي قبيلا ذاتيون پاڻ کي بلوچن عربن وچ ايشيائي قومن جي نسل مان شمار ڪندا رهيا آهن. ڀٽا نج سنڌي آهن. پنجاب ۾ رهڻ سبب آرائين سڏجڻ لڳا. راجستان ۾ رهڻ سبب راجپوت سڏجڻ لڳا. جيسلمير ۾ رهڻ سبب ڌاريا نه ٿيا ڇاڪاڻ ته اهو ننڍي کنڊ جو پرڳڻو سمورو هڪ پرڳڻو هو. جيئن سماٽ قبيلي جا سما، سومرا، مهر، سميجا، نهڙيا، آريسر ٿر راجستان سنڌ ۾ رهن ٿا. محترمه بينظير ڀٽو لکي ٿي ته اسان هندستان جي ويڙهاڪ نسل راجپوت سان تعلق رکون ٿا. (شهيد بينظير ڀٽو ڪا قتل صفحو 157، ليکڪ علي جاويد نقوي) اياز ڀاڳت ڀٽن بابت لکي ٿو ته سماٽ جي ڏنل شجرن ۾ ڀٽو قبيلي جي بڻ بڻياد نج سنڌي قبيلن مان ثابت ٿئي ٿو جيڪو راجستان کان سنڌ تائين پکڙيل آهي (صفحو 393 ڪتاب سنڌ ۾ رهندڙ ذاتيون، قومون ۽ قبيلا) هفتيوار سنڌو ڊائجسٽ حيدرآباد 2_8 جنوري 2011ع تان ورتل) جڏهن ته منهنجي والد بزرگوار علي محمد ڀٽو مرحوم جو چوڻ آهي ته 712ع صدي ۾ ڀٽا جيڪي ويڙهاڪ سپاهي هئا جن جو تعلق مصر سان هو محمد بن قاسم جي لشڪر سان سنڌ ۾ آيا ۽ سنڌ ۾ آباد ٿي ويا. تحرير: نور محمد ڀٽو دنيا جو عظيم مفڪر ذوالفقار علي ڀٽو آمريڪا جي صدر ذوالفقار علي ڀٽو کي چيو ته جيڪڏهن تو جهڙو ذهين شخص آمريڪا جو شهري هجي ته توکي مان ملڪ جو پرڏيهي وزير مقرر ڪريان ها ته ذوالفقار علي ڀٽو چيو ته جيڪڏهن ائين هجي ته آمريڪا جو صدر مان هجان ها. ذوالفقار علي ڀٽو پاڪستان کي دنيا جي جديد ملڪن جي لسٽ ۾ آڻڻ جي لاءِ اڻٿڪ محنت ڪئي. هن پاڪستان کي ايٽمي قوت ٺاهڻ ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪيو. موهن جي دڙي جي ڪوک ۾ جنم وٺندڙ هن انسان روس سان تيل ۽ گيس ڪڍڻ جو ٺاهه ڪيو. فرانس سان ايٽمي ري پروسيسنگ پلانٽ حاصل ڪيو. جيڪڏهن اهو پلانٽ اسان کي ملي وڃي ها ته اڄ پاڪستان ۾ بجلي جو بحران پيدا نه ٿئي ها ۽ سستي اگهه تي بجلي فراهم ٿي سگهي ها. 5 جنوري 1928ع تي سر شاهنواز ڀٽو جي گهر ۾ جنم ورتو. هن ابتدائي تعليم ڪئينڊرال اسڪول بمبئي مان حاصل ڪئي، جڏهن ته وڌيڪ تعليم لاءِ يونيورسٽي آف سائوٿ ڪيليفورنيا آمريڪا ۾ داخلا ورتي، جتان وري 1949ع ۾ يونيورسٽي آف برڪلي جي ڪئمپس ۾ داخل ٿيو. جتي هو ايشيا جو پهريون شاگرد هو جتي هن برڪلي اسٽوڊنٽس ڪائونسل تي چونڊ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي. 1950ع ڌاري پوليٽڪل سائنس ۾ آنرس ڪيائين. 8 سيپٽمبر 1958ع تي بيگم نصرت ڀٽو سان شادي ڪيائين جنهن مان کيس 1953ع ۾ بينظير ڀٽو، 1954ع ۾ مير مرتضيٰ ڀٽو، 1957ع ۾ صنم ڀٽو ۽ 1958ع ۾ شاهنواز ڀٽو پيدا ٿيا. ڀٽو صاحب 1953ع ۾ ڪرائس چرچ ڪاليج مان بار ائٽ لاء ڪري 1954ع ڪورٽ ويو بلڊنگ ايم اي جناح روڊ ڪراچيءَ وٽ آفيس قائم ڪئي ۽ شام جو سنڌ مسلم ڪاليج ۾ ليڪچر ڏيندو هو. 1952ع ڌاري ڪريم بخش خالد اطلاعات کاتي جي آفيسر وٽ علي محمد ڀٽو جي ساڻس ملاقات ٿي، جيڪو ان وقت اخبار اسٽيٽ سرونٽ ڪراچي حيدرآباد سکر ۽ لاڙڪاڻي مان ۽ حمايت حق اخبار ڪڍندو هو. جڏهن ته ذوالفقار علي ڀٽو جي پهرين شادي 1940ع ڌاري امير بيگم شيرين ڀٽو سان پڻ ٿي هئي. ذوالفقار علي ڀٽو 1956ع ۾ ون يونٽ خلاف هڪ پمفليٽ لکيو. ان کان علاوه هڪ وحداني رياست يا وفاق ڪتابچو لکيو. 1957ع ۾ پاڪستان جي گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪيائين. هن ڪشمير جي مسئلي تي پاڪستان جو موقف پيش ڪيو. 1958ع ۾ فيلڊ مارشل محمد ايوب خان کيس وفاقي وزير قدرتي وسيلا، صنعتون ۽ اطلاعات کاتي جي وزارت حوالي ڪئي. بعد ۾ کيس پاڪستان جو پرڏيهي وزير مقرر ڪيو ويو. هن کي مسلم ليگ جو مرڪزي سيڪريٽري جنرل پڻ مقرر ڪيو ويو. هن 1965ع جي پاڪ ڀارت ويڙهه کان پوءِ ذوالفقار علي ڀٽو 1965ع ۾ گڏيل قومن ۾ تقرير دوران چيو هو ته هو ڪشمير جي ويڙهه سئو سالن تائين وڙهندو. روس ۾ تاشقند ٺاهه وقت ان وقت جي صدر ايوب خان ۽ شاستري جي ٺاهه تي صحيون ڪرڻ کان پوءِ پاڪستان طرفان نرم موقف اختيار ڪرڻ سبب اختلاف ظاهر ڪندي، ذوالفقار علي ڀٽو 20 جنوري 1966ع تي پرڏيهي وزير جي عهدي تان استعفيٰ ڏني ۽ تاشقند ٺاهه جي مخالفت ڪيائين ۽ حڪومت کان عليحدگي اختيار ڪئي. جنهن بعد هن کي لاڙڪاڻي ۾ نظربند ڪيو ويو ۽ ڪيترا ڀيرا کيس جيل حوالي ڪيو ويو. ڪجهه سياسي پارٽين جي مطالبي بعد کيس آزاد ڪيو ويو. هن نومبر 1967ع ۾ لاهور ۾ پيپلز پارٽي قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو. 1970ع جي عام چونڊن ۾ اولهه پاڪستان ۾ سنڌ ۽ پنجاب ۾ پيپلز پارٽي نمايان اڪثريت حاصل ڪري ورتي. جڏهن ته سرحد ۽ بلوچستان ۾ ولي خان جي نيشنل عوامي پارٽي ۽ جميعت علماءِ اسلام مفتي محمود جي پارٽي اڪثريت سان ڪاميابي حاصل ڪئي. جڏهن ته ان وقت جي اوڀر پاڪستان ۾ شيخ مجيب الرحمان اڪثريت سان ڪامياب ٿيو. 16 ڊسمبر 1971ع تي بنگلاديش ٺهڻ کان پوءِ کيس پاڪستان جو چيف مارشل لا ايڊمنسٽريٽر ۽ صدر مقرر ڪيو ويو. ذوالفقار علي ڀٽو شملا ٺاهه ڪرائي 90 هزار فوجي آزاد ڪرايا. سنڌ ۽ پنجاب جا قبضي هيٺ آيل علائقا ڀارت کان واپس ورتا. 1972ع ۾ خانگي اسڪولن کي قومي ملڪيت ۾ ورتو. 1973ع ۾ متفقه آئين ڏنو ويو. بئنڪن، انشورنس ڪمپنين، پيٽرول ڪمپنين، سيمنٽ ڪمپنين ۽ موٽر ٺاهڻ وارن ڪارخانن کي قومي ملڪيت ۾ ورتو ويو. ڪراچيءَ ۾ پاڪستان اسٽيل مل ۽ پورٽ قاسم قائم ڪئي وئي ۽ جهازن جي ڪمپنيءَ کي قومي تحويل ۾ ورتو ويو. 1974ع ڌاري اسلامي سربراهي ڪانفرنس لاهور ۾ ڪوٺائي وئي. ۽ فرانس کان ائٽمي ري پروسيسنگ پلانٽ حاصل ڪرڻ جي ٺاهه تي صحيح ڪيائين. ذوالفقار علي ڀٽو دنيا جي ملڪن ۾ پاڪستان جو نالو روشن ڪيو. هن روس، چين، آمريڪا، برطانيه، فرانس، جرمني، انڊونيشيا، ملائشيا، جاپان، ڪوريا، سعودي عرب، ايران، عراق، ترڪي، رومانيه، لبيا، اردن ۽ شام سان بهتر تعلقات قائم ڪري پاڪستان جو واپار انهن ملڪن ۾ وڌايو ۽ پاڪستانين کي پرڏيهه موڪلي پرڏيهي ناڻو پاڪستان اندر آندو. اسلام آباد ۾ قائد اعظم يونيورسٽي، پيپلز اوپن يونيورسٽي جنهن کي هاڻ علامه اقبال اوپن يونيورسٽي اسلام آباد، سنڌ زرعي ڪاليج ٽنڊو ڄام کي سنڌ زرعي يونيورسٽي جو درجو ۽ سنڌ انجنيئرنگ ڪاليج ڄامشورو کي مهراڻ يونيورسٽي جو درجو ڏنو ويو ۽ چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج نوابشاهه ۾ پيپلز ميڊيڪل ڪاليج ۽ خيرپور ۾ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي ڪئپس ۽ ريڊيو پاڪستان خيرپور قائم ڪيائين. ان کان علاوه پي ٽي وي جي نشريات رنگين ۽ پاڪستان فلم انڊسٽري ۾ رنگين فلمن جو آغاز ۽ ماپ تور جو اعشاري نظام لاڳو ڪيو. سير جي جاءِ تي ڪلو گرام ۽ پيٽرول ۽ کير ليٽر جي حساب سان ماپجڻ لڳو ۽ ميل ڪلو ميٽرن ۾ تبديل ٿي ويا. ذوالفقار علي ڀٽو چيو مان تاريخ آهيان مون تاريخ کي ٺاهيو آهي، تاريخ مون کي ناهي ٺاهيو مان پنهنجي موت جي پرواني تي پاڻ صحيح ڪري تاريخ کي ابدي زندگي بخشي آهي. توڙي جو موت زندگيءَ کي مات ڏئي مون کي اوهان کان ڏاڍو ڏور وٺي ويو آهي، پر مان موت کي مات ڏئي ڇڏي پر توهان کي دلين جي ڌرڪن مون کي امر ڪري ڇڏيو آهي. ذوالفقار علي ڀٽو قاديانين کي غيرمسلم قرار ڏنو. شراب جوا تي پابندي، جمعي ڏينهن عام موڪل، ريلوي جي مختلف ڪلاسن کي ختم ڪري اڪانومي ڪلاس برقرار رکيائين. مارچ 1977ع ۾ عام چونڊن بعد پي اين اي جي تحريڪ هلائي سندس خلاف تحريڪ هلائي وئي. 5 جولائي 1977ع تي ان وقت جي چيف آف آرمي اسٽاف جنرل ضياء الحق سندس حڪومت جو تختو اونڌو ڪري مارشل لا لڳائي ۽ ذوالفقار علي ڀٽو خلاف نواب احمد خان قصوري جي قتل ڪيس ۾ کيس ڦاسي جي سزا ڏياري ۽ 4 اپريل 1979ع تي کيس رات جو ٻين وڳي ڌاري ڦاسي چاڙهيو ويو. اهو ذوالفقار علي ڀٽو جو ڪارنامو آهي ته هن پاڪستان کي ائٽمي طاقت ٺاهيو ۽ 28 مئي 1998ع تي پاڪستان ائٽمي ڌماڪو ڪري پهريون مسلمان ائٽمي ملڪ ٿي ويو. 30 نومبر 1967ع تي پيپلزپارٽي جو بنياد رکي عام چونڊن ۾ سيٽون حاصل ڪري 20 ڊسمبر 1971ع تي چيف مارشل ايڊمنسٽريٽر ۽ صدر پاڪستان طور حلف کنيو. 10 اپريل 1973ع تي ملڪ کي مستقل آئين ڏنو ۽ 14 آگسٽ 1973ع تي پاڪستان جي وزيراعظم جي حيثيت سان حلف کنيائين. هن 1973ع ۾ شمله ٺاهه ڪري 93 هزار جنگي قيدي ۽ ڦٻايل علائقو ڀارت کان واپس ورتو. 10 فيبروري 1972ع تي پورهيتن بابت سڌارا آندا، 14 مارچ 1972ع تي تعليمي سڌارا آندا. آڪٽوبر 1972ع ۾ خانگي ڪاليجن، اسڪولن کي سرڪاري تحويل ۾ وٺندي قومي ملڪيت ۾ ورتو. جنهن جو ثمر هن وقت استاد حاصل ڪري رهيا آهن. 17 اپريل 1972ع تي زرعي سڌارا آڻي هارين ۾ مفت زمينون ورهايون ويون. کيس اباڻي قبرستان ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ سپرد خاڪ ڪيو ويو ۽ هن موت کي مات ڏئي ڇڏي. ذوالفقار علي ڀٽو جا لکيل ڪتاب ايويڪنگ دي پيپل 69_1966ع اسپيچ اينڊ اسٽيٽمينٽ (تقريرون ۽ بيان) 30_6_1972ع سياسي حالتون ۽ پاڪستان ۾، جون 1968ع ليٽ دي پيپل جج پرڏيهي پاليسي 66_1963ع ڪشمير جو مسئلو نالي ماتر آزادي عظيم الميو دي ورلڊ نيو ڊائريڪشن، ڪيل تقريرون 1957ع کان 1968ع تقريرون ۽ بيان 1965_ 1957ع 1965ع ۾ سلامتي ڪائونسل گڏيل قومن ۾ ڪيل تقرير تقريرون ۽ بيان ڊسمبر 1972ع تقريرون ۽ بيان مارچ 1973ع مارچ ٽوورڊ ڊيموڪريسي 71_1970ع پنهنجي پياري ڌيءَ بينظير ڀٽو ڏانهن لکيل خط ڪميٽمينٽ ٽو هسٽري، نومبر 1968ع مائوٿ آف انڊپينڊنس ٿرڊ ورلڊ نيو ڊائريڪشن جيڪڏهن مون کي قتل ڪيو ويو ذلفي مائي فرينڊ (پلي مووي) ان کان علاوه نيشنل ڪميشن آف هسٽري اينڊ ڪلچر (فخرالزمان 1994ع آغا امير حسين) (حامد جلال) (خالد حسين) ۽ ٻين ڪيترن ئي ليکڪن ذوالفقار علي ڀٽو بابت اردو، سنڌي ۽ انگريزي ۾ هڪ سئو کان مٿي ڪتاب لکيا آهن. مون ڊائجسٽ لاهور ۽ ٻين ڪيترن رسالن ڀٽو صاحب بابت خاص نمبر ڪڍيا آهن. اور لائين ڪٽ گئي، اردو، ڪوثر نيازي ذوالفقار علي ڀٽو جي عروج و زوال جي ڪهاڻي، حافظ محمد موسيٰ ڀٽو ماڊريٽر، سيد غلام مصطفيٰ شاهه تحرير: نور محمد ڀٽو محترمه شهيد بينظير ڀٽو بينظير ڀٽو 21 جون 1953ع تي ذوالفقار علي ڀٽو جي گهر 70 ڪلفٽن ڪراچي ۾ جنم ورتو. هن ابتدائي تعليم ڪائونٽ اسڪول ڪراچي، پريزنشيشن اسڪول راولپنڊي ۽ ڪائونٽ اسڪول ڪوهه مري ۾ 15 سالن جي ڄمار ۾ او ليول جو امتحان پاس ڪيو. بعد ۾ هن ڪراچي گرامر اسڪول ۾ پڙهائي مڪمل ڪرڻ کان پوءِ 1969ع کان 1973ع تائين ريڊ ڪلف ڪاليج ۽ هارورڊ يونيورسٽي مان بي اي جي ڊگري حاصل ڪئي. جنهن بعد هن 1973ع کان 1977ع تائين ليڊي مارگريٽ هال آڪسفورڊ مان فلسفي، سياست ۽ معيشيت بابت تعليم حاصل ڪئي. هن آڪسفورڊ يونيورسٽي مان انٽرنيشنل لاء ڊپلوميسي جي تعليم حاصل ڪئي. هن کي 1976ع ۾ آڪسفورڊ يونيورسٽي جي شاگرد يونين جو صدر چونڊيو ويو. ذوالفقار علي ڀٽو ڀارت ۾ قيد 90 هزار پاڪستانين جي پونيئرن جي سار سنڀال جو ڪم سندس حوالي ڪيو. ڀٽو صاحب کيس پرڏيهي معاملن بابت ڄاڻ ڏيڻ جي لاءِ پرڏيهي کاتي ۾ کيس ريسرچ جي لاءِ بحيثيت انڊر سيڪريٽري طور ڪم ڪرڻ جو موقعو ڏنو. ذوالفقار علي ڀٽو جي 5 جولائي 1977ع تي اقتدار تان لهڻ جنرل ضياء الحق جي مارشل لا لڳڻ، 4 اپريل 1979ع تي سندس والد کي شهيد ڪرڻ کان پوءِ 10 اپريل 1986ع تي لاهور پهتي ته هن جو زبردست استقبال ڪيو ويو. 18 ڊسمبر 1987ع تي سندس شادي خانه آبادي آصف علي زرداري سان ڪڪري گرائونڊ ڪراچي ۾ ٿي، جنهن بعد بلاول هائوس ڪلفٽن منتقل ٿي وئي. کيس هڪ پٽ بلاول ڀٽو ٻه نياڻيون بختاور ۽ آصفه آهن. 16 نومبر 1988ع تي محترمه بينظير ڀٽو جي پيپلز پارٽي جي چونڊ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي 2 ڊسمبر 1988ع تي 35 سالن جي ڄمار ۾ پاڪستان جي پهرين خاتون وزيراعظم طور حلف کنيائين. سندس حڪومت 6 آگسٽ 1990ع تي ختم ڪري غلام مصطفيٰ جتوئي جي سرواڻي ۾ نگران حڪومت قائم ڪئي وئي، ۽ ٻيهر چونڊ ڪرائي وئي ۽ آئي جي آئي جي سربراهه نواز شريف کي حڪومت ۾ کنيو ويو. 1993ع ۾ ٻيهر چونڊ جي نتيجي ۾ کيس ٻيهر ملڪ جو وزيراعظم چونڊيو ويو پر صدر فاروق لغاري سندس حڪومت 1996ع ۾ ختم ڪري ڇڏي. جنهن بعد محترمه 9 سال جلاوطن رهڻ بعد جڏهن 18 آڪٽوبر 2007ع تي واپس ڪراچي پهتي ته مٿس آپگهاتي حملو ڪيو ويو پر اها بچي وئي ۽ سندس 136 پارٽي جا جانثار شهيد ٿي ويا ۽ 450 ڄڻا زخمي ٿي پيا. 27 ڊسمبر 2007ع تي لياقت باغ راولپنڊي ۾ جلسي بعد مٿس قاتلانه حملو ڪيو ويو جنهن ۾ 54 سالن جي ڄمار ۾ هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري وئي. انا الله وانا عليه راجعون. خدا تعاليٰ کيس جنت الفردوس ۾ جاءِ ڏئي آمين. کيس پنهنجي والد ڀرسان ڳڙهي خدابخش ڀٽو جي قبرستان ۾ مٽيءَ مان حوالي ڪيو ويو. تحرير: مفتي محمد پريل ”بيدار“ مڱريو بسم الله الرحمٰن الرحيم شهيد راڻي بينظير ڀٽو شهيد حق اي راڻي شهيد بينظير ڀٽو تنهنجو الله مانُ وڌايو تو جام شهادت جو پيتو، ساري دنيا توکي سارهايو آ سنڌ هند ۾ نالو اَمَر ُ ٿيو، آ تاج شهادت بَرسَر پيو تو تي راضي آ ربّ اڪبر ٿيو، جنهن شاهي شان بڻايو آ تو قوم کي جو پيغام ڏنو، جمهوريت جو آ پيام ڏنو ماني، ڪپڙي اجهي جو انجام ڏنو، تو موت سان پاڻ ملهايو آ رنگ خون شهيدان لائيندو، تنهنجا ڳڻ هر پيو ڳائيندو ڏني ووٽ ميار هو لاهيندو، هاڻي اهڙو عوام جو رايو آ تنهنجا قاتل ٿيندا خوار سڀئي، ٿيا نفرت جا حقدار سڀئي، رلي مرندا مَدَ گهر ٻار سڀئي، جن ناحق خون وهايو آ آ ملڪ سڄو سوڳوار ٿيو، ڪري عزم وري بيدار ٿيو ”جيئي ڀٽو“ چئي آ تيار ٿيو، سرواڻ بلاول آيو آ بينظير ڀٽو شهيد حق آ، اهو سال شهادت برحق آ 2007 عيسوي ”بيدار“ نه ان ۾ ڪو شڪ آ، هي قادر قلم وهايو آ. ”بينظير ڀٽو شهيد حق“ ان مان سال وفات 2007ع نڪري ٿو. ماده سال هجري بدرالهديٰ بينظير 1428 هه محسن زمان بينظير 1428 هه همايون قدم بينظير 1428 هه حاڪم مومنان بينظير 1428 هه تحرير: سائين جي ايم سيد سر شاهنواز خان ڀٽو سر شاهنواز خان ڀٽو 2 مارچ 1888ع تي غلام مرتضيٰ ڀٽو جي گهر ۾ ڳوٺ ڳڙهي خدا بخش ڀٽو تعلقي رتي ديري ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو. سر شاهنواز خان ڀٽو ابتدائي تعليم ڳوٺ ڳڙهي خدا بخش ڀٽو ۾ حاصل ڪئي. 1896ع ۾ پنهنجي والد جي وفات سبب پڙهائي اڌ ۾ ڇڏي پنهنجي ڳوٺ اچي لاڙڪاڻي ۽ جيڪب آباد ضلعن ۾ واقع پنهنجي آبائي زمين جي سار سنڀال ڪرڻ لڳا. جڏهن ته وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ جي لاءِ 12 نومبر 1906ع تي سنڌ مدرسته الاسلام ڪراچي ۽ سينٽ پيٽرڪ هاءِ اسڪول، ڪراچي ۾ انگريزي پڙهيا. جڏهن ته مارچ 1908ع ۾ سندس چاچو وڏيرو الاهي بخش خان ڀٽو جي قتل کان پوءِ ان جي خاندان جي سار سنڀال جو بار مٿس پيو. 22 سالن جي ننڍي عمر ۾ ملڪي معاملن ۾ دلچسپي وٺڻ سبب ضلعي لوڪل بورڊ لاڙڪاڻي جا ميمبر ٿي ويا. 1913ع ۾ پهرين گڏيل سياسي گڏجاڻي ڪوٺائي جنهن ۾ سنڌ جي برک مسلمانن شرڪت ڪئي. عام ماڻهن جي مفادن کي آڏو رکندي لائحه عمل تيار ڪيو ويو. سر شاهنواز ڀٽو جي ذهانت ۽ سماجي حيثيت کي مان مرتبو ڏنو ويو. سر شاهنواز ڀٽو 1919ع ۾ امپيريل ليجسليٽو ڪائونسل جو 31 سالن جي عمر ۾ مقابلو کٽي ڪامياب ٿيو. 1920ع ڌاري کيس بمبئي ڪائونسل جو ميمبر چونڊيو ويو. جنهن تي 1936ع تائين ڪم ڪيائون. 1920ع ڌاري لوڪل بورڊ لاڙڪاڻي جو صدر چونڊيا ويا، جنهن تي 1933ع تائين ڪم ڪيائون. 1920ع کان 1930ع تائين فرسٽ ڪلاس ميجسٽريٽ لاڙڪاڻو مقرر ٿيا. 1924ع ۾ کيس خان بهادر قصر هند طرفان خطاب عطا ڪيا ويو. 1925ع ۾ سي آءِ اي جو لقب عطا ٿيو. 1924ع ۾ بمبئي سرڪار طرفان وزير مقرر ٿيا. 1913ع ۾ پهرين گڏيل سياسي قدم کنيو. عام ماڻهن جي مفادن کي آڏو رکندي جنهن برک مسلمان سياسي اڳواڻن شرڪت ڪئي، گڏجاڻي ۾ سر شاهنواز ڀٽو سندس ذهانت، سماجي حيثيت کي مان مرتبو ڏنو ويو. سر شاهنواز ڀٽو سنڌ کي بمبئي کان ڌار ڪرڻ جي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيو. 1920ع ۾ سنڌ محمدن ايسوسيئيشن جا صدر چونڊيا ويا ۽ 1935ع تائين ان عهدي تي ڪم ڪيائون. سنڌ محمدن ايسوسيئيشن بمبئي کان سنڌ کي جدا ڪرڻ بابت ٺهراءُ پاس ڪيائون. نومبر 1930ع ۾ لنڊن ۾ گول ميز ڪانفرنس دوران حڪومت طرفان کيس سنڌ جو نمائندو مقرر ڪيو ويو. برطانيه سرڪار طرفان لارڊ رسل سنڌ جي سوال تي غور ڪرڻ جي لاءِ ڪاميٽي جا ميمبر مقرر ڪيا ويا. سنڌ مان سر شاهنواز خان ڀٽو ۽ سر غلام حسين هدايت الله ان ڪاميٽي جا ميمبر مقرر ڪيا ويا. ان ڪميٽي جي اجلاس دوران سر شاهنواز ڀٽو سنڌ جي بمبئي کان جدائي بابت پرزور تقرير ڪئي. 1930ع ۾ سنڌ جي بمبئي کان جدائي جي لاءِ سنڌ آزاد جماعت جا صدر چونڊيا ويا. هڪ سال جي لاءِ سنڌ جي گورنر جي صلاحڪار طور پڻ ڪم ڪيائون. 1933ع تائين گورنمينٽ جا بمبئي سرڪار طرفان وزير مقرر ٿيا. سر شاهنواز ڀٽو ڊسٽرڪٽ ڪوآپريٽو بينڪ لاڙڪاڻي جا پڻ چيئرمين چونڊيا ويا. بمبئي ڪائونسل ۾ سنڌ جي مسلمان ميمبرن جا پڻ اڳواڻ چونڊيا ويا. جتي هن 1935ع تائين ڪم ڪيو. 1934ع ڌاري سنڌ پيپلزپارٽي جو اڳواڻ چونڊيو ويو. خان بهادر الهه بخش سومرو، سيد ميران محمد شاهه، محمد هاشم گزدر، خان بهادر غلام نبي شاهه ۽ مخدوم غلام حيدر صديقي، سر شاهنواز ڀٽو جي ڌر سان شامل هئا. سر شاهنواز ڀٽو مرڪزي اسيمبلي تي نواب نبي بخش خان ڀٽو جي مدد ڪري کيس ووٽ ڏياريا ته هن سڀني کان وڌيڪ پهريون نمبر تي ووٽ کنيا. 31 آڪٽوبر 1936ع تي سنڌ اتحاد پارٽي جو ليڊر سر عبدالله هارون ۽ ڊپٽي ليڊر سر شاهنواز ڀٽو ۽ سر غلام حسين هدايت الله، ٽيون نمبر ليڊر سيد ميران محمد شاهه مقرر ڪيا ويا. سر غلام حسين هدايت الله جي بائيڪاٽ کان پوءِ سر شاهنواز خان ڀٽو ۽ حاجي عبدالله هارون ڊپٽي ليڊر طور ڪم ڪرڻ لڳا. سر شاهنواز خان ڀٽو 4 اپريل 1937ع تي پبلڪ سروس ڪميشن جي ميمبر طور تي 1954ع تائين ڪم ڪيو. 1945ع کان 1948ع تائين رياست جهونا ڳڙهه ۾ ديوان طور ڪم ڪيائون. پر صحت جي خرابي سبب استعيفا ڏنائون. پاڪستان ٺهڻ بعد گوشه نشيني اختيار ڪيائون. 19 نومبر 1957ع تي هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويا. کيس ڳڙهي خدا بخش ڀٽو جي قبرستان ۾ سپرد خاڪ ڪيو ويو. (سائين جي ايم سيد جي ڪتاب ”جنب گذاريم جن سين“ تان ورتل) تحرير: نور محمد ڀٽو بيگم نصرت ڀٽو بيگم نصرت ڀٽو اصفهاني ايران جي شهر اصفهان ۾ جنم ورتو. هن جي وڏن جو ڪراچي ۾ ڪاروبار هو. ذوالفقار علي ڀٽو جڏهن لنڊن کان پڙهي ڪراچي ۾ پهتو ۽ هن وڪالت شروع ڪئي ته هڪ تقريب ۾ هن جي ملاقات بيگم نصرت اصفهاني سان ٿي ۽ هن جو هن سان پيار ٿي ويو ۽ هن پنهنجي ڀيڻ منور بيگم جي ذريعي کيس شادي جي آڇ ڪئي جيڪا هن جي خاندان قبول ڪري ورتي. 5 سيپٽمبر 1951ع تي هن جي شادي ذوالفقار علي ڀٽو سان ٿي. جنهن بعد اها بيگم نصرت ڀٽو مشهور ٿي وئي. اسڪندر مرزا جي گهر ۾ بيگم نصرت ڀٽو جي ماسات ڏنل هئي، جڏهن اسڪندر مرزا پاڪستان جو پهريون صدر مقرر ٿيو ته هن ذوالفقار علي ڀٽو کي پنهنجي ڪابينا ۾ قدرتي وسيلن جو وزير مقرر ڪيو. جنهن بعد 1958ع ۾ ايوب خان مارشل لا لڳائي ته ذوالفقار علي ڀٽو وفاقي ڪابينه ۾ ٻيهر وزير کنيو ويو ۽ کيس وزير اطلاعات ۽ ٻيون وزارتون ڏنيون ويون. آخر ۾ ذوالفقار علي ڀٽو پاڪستان جو پرڏيهي وزير مقرر ڪيو ويو. بيگم نصرت ڀٽو 1952ع ۾ بينظير ڀٽو، 1953ع ۾ مير مرتضيٰ ڀٽو، 1954ع ۾ صنم ڀٽو ۽ 1957ع ۾ شاهنواز ڀٽو جونيئر جنم ورتو. ذوالفقار علي ڀٽو ايوب خان جي حڪومت کان جدا ٿيڻ بعد 1967ع ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي جو بنياد رکيو ۽ 1970ع جي عام چونڊن ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ کان پوءِ ذوالفقار علي ڀٽو اڳ ۾ صدر ۽ بعد ۾ وزيراعظم طور حلف کنيو. هن 5 سال حڪومت ڪئي. مارچ 1977ع ۾ چونڊن ۾ پيپلزپارٽي ٻيهر ڪاميابي حاصل ڪئي ته پي اين اي نظام مصطفيٰ جي لاءِ تحريڪ هلائي مٿس ڌانڌلي جا الزام لڳايا ۽ 5 جولائي 1977ع تي جنرل ضياء الحق مارشل لا لڳائي اقتدار سنڀاليو. ذوالفقار علي ڀٽو کي 4 اپريل 1979ع تي ڦاسي ڏني وئي. نصرت ڀٽو کي جيل ۾ رکيو ويو. ضياء الحق 11 سال حڪومت ڪئي ۽ 17 آگسٽ 1988 ۾ هڪ هوائي حادثي ۾ فوت ٿيڻ بعد چونڊون ڪرايون ويون ته پاڪستان پيپلز پارٽي ڪاميابي ماڻي ۽ بيگم نصرت ڀٽو پارٽي جي تاحيات چيئرمين ٿيڻ بعد سينئر وزير بڻجي وئي ۽ بينظير ڀٽو وزير اعظم بڻجي وئي. پر اها حڪومت 6 آگسٽ 1990ع تي ختم ڪري غلام مصطفيٰ جتوئي کي صدر غلام اسحاق خان نگران وزيراعظم مقرر ڪيو ۽ چونڊون ڪرايون ويون. انهن چونڊن ۾ آءِ جي آءِ ڪاميابي حاصل ڪئي ۽ محمد نواز شريف کي وزيراعظم مقرر ڪيو ويو. تحرير: نور محمد ڀٽو مير مرتضيٰ ڀٽو مير مرتضيٰ ڀٽو 18 سيمپٽمبر 1954ع تي ذوالفقار علي ڀٽو جي گهر 70 ڪلفٽن ۾ جنم ورتو. هن ابتدائي تعليم سينٽ ميري اسڪول راولپنڊي جڏهن ته انٽر اسٽريچن ڪاليج لاهور مان حاصل ڪئي. وڌيڪ تعليم لاءِ 1972ع ڌاري هارورڊ يونيورسٽي لنڊن برطانيه هليو ويو. جتي هن نيو ڪليئر ٽيڪنالاجي موڊيڪيم آف اسٽڊيز ۾ ماسٽر ڪئي. ان کان علاوه هن ڪريسنٽ چرچ ڪاليج انٽرنيشنل رليشن ۾ ۽ آڪسفورڊ يونيورسٽي مان اعليٰ تعليم حاصل ڪئي. هن ٿيسز نيوڪليئر ڊپلوميسي تي مضمون لکيو. 5 جولائي 1977ع سندس والد جي حڪومت جو تختو اونڌو ٿيڻ بعد هو 1978ع ۾ جلاوطن رهي سياسي جدوجهد ڪري پنهنجي والد کي 1979ع ۾ ڏنل موت جي سزا خلاف آواز اٿاريو. مير مرتضيٰ ڀٽو فوجي آمريت خلاف الذوالفقار جي پليٽ فارم تي افغانستان مان جدوجهد شروع ڪئي ۽ دمشق شام هليو ويو. 2 مارچ 1981ع تي ڪراچي کان پي ڪي 720 پشاور روانگي دوران ميانوالي وٽ 148 مسافرن کي الذوالفقار جي ڪارڪنن افغانستان ڪابل وٺي ويا جتي ڄام ساقي، علي حيدر شاهه، قادر بخش جتوئي ۽ 54 ٻين سياسي قيدين جي آزاديءَ جو مطالبو ڪيو ويو. سلام الله ٽيپو عرف عالمگير، ارشد علي ۽ جمال ناصر اڳوڻي ملٽري اي ڊي سي ميجر طارق رحيم کي قتل ڪري قابل ايئرپورٽ تي جهاز کان ٻاهر اڇلايو. جهاز ۾ تيل ڀرائڻ کان پوءِ اٿينس يونان، ٽريپولي لبيا کانپوءِ دمشق شام ايئرپورٽ تي پهتا. مير مرتضيٰ ڀٽو کي 5 جون 1994ع تي خاص عدالت شاهه بندر ڪيس ۾ 7 مهينا سزا ٻڌائي، جنهن بعد کيس ضمانت تي آزاد ڪيو ويو. هو نومبر 1993ع تي پاڪستان پهتو. 31 ڊسمبر 1993ع بحيثيت سنڌ اسيمبلي جي ميمبر طور حلف کنيائين. 20 سيپٽمبر 1996ع تي ڳوٺ يوسف ڪراچي ۾ جلسي عام کي خطاب ڪرڻ بعد 70 ڪلفٽن اچي رهيو هو ته رات جي انڌيري ۾ پوليس مٿس چڙهائي ڪري کيس ۽ سندس ساٿين کي قتل ڪري ڇڏيو. 17 آڪٽوبر 1996ع تي هن واقعي جي جانچ جو چيئرمين جسٽس ناصر اسلم زاهد کي مقرر ڪيو ويو، 28 آڪٽوبر 1996ع تي برطانيه جي تحقيقاتي رپورٽ 242 صفحن تي 3 مئي 1997ع تي پڌري ڪئي، پر اڃا تائين قتل جا جوابدار سزا کان بچيل آهن. تحرير: پير علي محمد شاهه راشدي وڏيرو رسول بخش خان ڀٽو وڏيرو رسول بخش خان ڀٽو قداور، منهن گول ڀورو، ڀرون جاڙيون، ڏاڙهي ڪتريل، جيڪو جواني ۾ پنهنجي طاقت جي زور تي آڱوٺي جي زور سان رپئي تان انگ اکر ميساري ڇڏيندو هو. 60 هزار ايڪڙ آباد زمين جو مالڪ سندس آمدني کان وڌيڪ خرچ هوندو هو. دل جو صاف، پسگردائي جا ماڻهو ڪيترين بيهودگين ڪرڻ جي باوجود هن وٽان نامراد ٿي ڪونه موٽندا هئا. رسول بخش خان ڀٽو جي اکين جي لڄ ۽ حضور شرمي کان ڪير به انڪاري ڪونه هو، سندس ان خاصيت ۾ ماڻهن ناجائز فائدو حاصل ڪندا هئا. رسول بخش خان ڀٽو جي رهڻي ڪرڻي، شوق شغل، رياست جي والين جهڙا هئا. ملازمن کي اولاد جيان ڀائيندو ۽ ان کي اڏي ڇڏيندو هو. رسول بخش خان جو واحد مشغلو شڪار ڪرڻ هوندو هو. ڪارتوسن جا ڍير، شڪارين جون پلٽڻون، بندوقن جا ڍير، ڪتن جون لوڌون، اٺن ۽ گهوڙن جا طنبيلا ڀريل، جنهن تي ريشم جا سنج، ۽ ڳچين ۾ پٽ جون ڳاٽيون ۽ چاندي جو سريون پائي اٺ تي پويان گهوڙيسوارن جون قطارون، خاڪي قميص ۽ ڪوٽ ان تي برجيس، جنهن تي پٽيون ٻڌل هونديون. پير ۾ لانگ بوٽ. سياري ۾ مٿي ۾ بالڪلاوا ٽوپي ۽ گرمي ۾ سول هئٽ. اڏامندي پکي کي نشانو هڻي ڪيرائڻ ۾ هن جو ڪوبه ثاني ڪونه هو. ڪڏهن ڪڏهن ٻنهي بندوقن کي ڦڙتائي سان استعمال ڪندا هئا. سنڌ جي ڪيترن ئي ٻيلن ۾ سندس مسقتل مهاڙيون رکيل هوندا هئا جن جي سار سنڀال لاءِ شڪاري مقرر ٿيل هوندا هئا. پوسٽ ڪارڊ ٻن قسمن جا هوندا هئا هڪ خانگي پوسٽ ڪارڊ جيڪو خريد ڪري استعمال ڪرڻو پوندو هو هڪ سروس پوسٽ ڪارڊ جيڪو سرڪاري لکپڙهه جي لاءِ استعمال ڪيو ويندو هو. انجنيئر کاتي جي پٽيوالي کيس سروس پوسٽ ڪارڊ آڻي ڏنو جنهن کي اسان جي ڏاڏي مرحوم تي سروس ڪارڊ استعمال ڪرڻ جي ڏوهه ۾ پوسٽل ائڪٽ ڪيس داخل ٿيو ته رسول بخش خان ڀٽو چيو ته ان ڪيس تي جيڪو خرچ ايندو مان برداشت ڪندس. اهو رسول بخش خان ڀٽو جي شرافت جو غيرفاني مثال آهي. (اهي ڏينهن اهي شينهن ڪتاب تان ورتل). تحرير: پير علي محمد شاهه راشدي سردار واحد بخش خان ڀٽو الله تعاليٰ ڪن ڪن ماڻهن ۾ اهڙيون خصوصيتون رکي ٿو، جن جو اثر صدين تائين محسوس ڪجي ٿو. مثلاً واحد بخش ڀٽو مرحوم ۾ اها خاصيت هوندي هئي جنهن به هنڌ ويهندو هو اتي ميلو لڳو پيو هوندو هو. سندس رهائش گاهه واري جاءِ تي پر ان سڄي شهر مٿان بسنت رت ڇانيل هوندي هئي. گهٽي گهٽي وٿاڻن مان خوشي پئي ظاهر ٿيندي هئي ته اڄ ڪوبه غير معمولي ماڻهو تر ۾ لٿل آهي. سندس اميراڻي طرز تي رهڻ ۽ هلڻ ڪو هن کان سکي ها! زمينداري وڏي ۽ دولت ڪافي هئس. اڌ سنڌ جي وڏيرن سان دوستي ۽ لاڳاپا هئس. دوستي گهڻو ڪري جوان مردن ۽ همت وارن سان رکندو هو. پنهنجي دوستن سان انتهائي وڏي دل سان سلوڪ ڪندو هو. ٿيل شڪار، سير تفريح، گانن جي محفل کي ڄمائڻ وارو 29 سالن جي ننڍي ڄمار ۾ وفات ڪري ويو. مرحوم سينٽرل اسيمبلي جي چونڊ زميندارن ۽ جاگيردارن واري سيٽ تي ڪامياب ٿيو. ان بعد بمبئي ڪائونسل جو بنا مقابلي ميمبر چونڊيو ويو. علائقي جي هڪ شخص ڇتي ٻرڙي جي زال فرار ٿي وئي ته هن سردار واحد بخش خان ڀٽي تي الزام مڙهيو ته سندس زال گم ڪرڻ ۾ هن جو هٿ آهي. لاڙڪاڻي جي جوشيلي نوجوان پارسي آفيسر اسسٽنٽ ڪليڪٽر گور والا کي درخواست ڏني وئي جيڪو وڏيرن خلاف هو، جنهن جانچ جي لاءِ ضلعي جي ڪپتان مسٽر جج ڏانهن درخواست ڏني جنهن سب انسپيڪٽر عبدالله خان پٺاڻ حوالي درخواست ڪئي. عبدالله خان، واحد بخش خان ڀٽو کي گرفتار ڪري ريزيڊنٽ مئجسٽريٽ وٽ وٺي آيو. ڇاڪاڻ ته مسمات خانزادي کي فوت ٿيڻ بعد دفنايو ويو پر قبر مان لاش غائب ڪيو ويو. ضمانت لاءِ درخواست عدالت ۾ پيش ڪئي وئي سردار واحد بخش خان ڀٽو جي منهن تي گهنج به نه آيو. سندس چهري تي ڪنهن به قسم جي پريشاني ڪانه هئي. رات جو 8 وڳي ڌاري سيشن ڪورٽ مان سندس ضمانت ۽ آزادي جو حڪم آيو. اها ضمانت سر شاهنواز ڀٽو ڏني ۽ اهو ڪيس آغا غلام حسين جي عدالت ۾ هليو. جڏهن ته سردار واحد بخش خان ڀٽو جو وڪيل مسٽر ٽي جي الفسٽن هو. ان وقت ديسي مئجسٽريٽ انگريز وڪيل جو گهڻو خيال رکندا هئا. ڪيس حيدرآباد جي سيشن ڪورٽ ۾ هليو، ڪيس کي ٻن حصن ۾ ورهايو ويو. انگريز جج ڪيس جو هڪ حصو هلائي جوابدارن کي آزاد ڪيو. ٻئي حصي جي ڪيس مان وڏي پيڙا کانپوءِ آزاد ڪيو ويو. سنڌ آبزرور ڪراچي جي سخت معتصب مدراسي هندو ڪي پنيا سردار واحد بخش ڀٽو جي ڪيس خلاف سخت قسم جو ايڊيٽوريل لکي جواز پيدا ڪيو جنهن بعد بمبئي ڪائونسل ۾ بحث مباحثو ٿيو، پر ڪيس اڳ ختم ٿي ويو هو. مرحوم ڪنهن به انسان اڳيان هٿ ڊگهو نه ڪيو، پس پرده ياد خدا ۽ نماز کان غافل نه رهيا. مرحوم جڏهن انڊين اسيمبلي ۾ چونڊجي دهلي ويو ته اتي ڳاڙهي رنگ جي هڪ تازي آيل شاهي موٽر ڪار پئڪارڊ ۾ اجلاس ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ ويندا هئا. ان وقت جي راجائن وٽ به اهڙي گاڏي ڪانه هئي. اها موٽر ڪار جڏهن ڪراچي ۾ هلندي هئي ته ماڻهن جا ميڙ گاڏي کي ڏسڻ جي لاءِ گڏ ٿيندا هئا. پاڻ لباس راجائن جهڙو پهريندا هئا. جيڪو راجپوت پهريندا هئا. رنگارنگي پڳ، سوٽ يا شيرواني ۽ شلوار ڪڏهن شلوار سان گڏ ريشم گلدار پهراڻ ۽ زري سان ڀريل. ڌڻيّ تعاليٰ طرفان ڏنل سهڻي صورت تي هر قسم جو ڪپڙو مٿس ٺهڪندو هو. قد وري ڊگهو چهرو موڪرو ڪتابي شهپر وڏا ڀرون جاڙيون رنگ کليل. کيس نمونيا ٿي جنهن بعد وفات ڪري ويو. مرحوم هزارين نادار، بيواهه عورتن، يتيمن جي پرورش ڪندو هو. (اهي ڏينهن اهي شينهن ڪتاب تان ورتل) تحرير: پير علي محمد شاهه راشدي نواب نبي بخش خان ڀٽو نواب نبي بخش خان ڀٽو مرحوم طبيعت جو نهايت سانتيڪو، سچو، شريف النفس انسان ڪنهن کي ڏک نه ڏنائين. صلح پسند، خاموش، فقيرانه مزاج جو انسان هو. ڪو ماڻهو کيس سخت ڏک پهچائيندو هو ته ٻڙڪ ٻاهر نه ڪڍندو نه ڪڇندو هو. سڄي عمر ڪنهن کي گهٽ وڌ هڪ اکر کتو تکو ڪونه ڳالهايائين. ڪم گوئي ۽ خاموشي جو اهو عالم هو جو ڪلاڪن جا ڪلاڪ خاموش ويٺل هوندو هو جيستائين ٻيو ڪو ساڻس نه ڳالهائي. سندس وعدو سون جو ٽڪو، سندس ڪردار بي داغ، سياست ۾ سالن جا سال رهيو. سياست کي پنهنجي غرض جي لاءِ استعمال نه ڪيائين، هميشه اصول پسند سياست ڪيائين. نواب نبي بخش خان ڀٽو ضلعي لاڙڪاڻي جي لوڪل بورڊ جو صدر چونڊيو ويو. اٺ سال ان عهدي تي برقرار رهيو، سندس ايمانداري جو مثال سڄي ضلعي ۾ ڏنو ويندو هو. چار سال بمبئي ڪائونسل جو ميمبر، ڏهه سال سينٽرل اسيمبلي دهلي جو ميمبر رهيو. ڪڏهن به پارٽي نه بدلايائين نه سرڪار جو ڇاڙتو ٿيو. نه خطاب ورتائين، نڪي وزارت حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪيائين. جنهن سان وعدو ڪندا هئا، توڙ نڀائيندا هئا. نواب نبي بخش خان ڀٽو 34_1933ع ۾ انڊين ليجسليٽو اسيمبلي جو ميمبر چونڊيو ويو، انڊين نيشنل ڪانگريس پڻ اسيمبلي ۾ پهتي ته حڪومت ۽ ڪانگريس جي وچ ۾ ٽڪراءُ شروع ٿيو. ڪيترن ئي ميمبرن سرڪار سان لاڳاپو رکيو ۽ پنهنجا ڪيترائي ڪم ڪڍرايا، پر نواب نبي بخش خان ڀٽو درويش صفت انسان هڪ پائي جو به فائدو حاصل نه ڪيو. پنهنجو ووٽ پنهنجي ضمير جي آزادي موجب استعمال ڪندو هو. ڪانگريس ۽ سرڪار جي وچ ۾ اسيمبلي جي صدارت جو مقابلو ٿيو ته سر عبدالرحيم جيڪو محمد علي جناح جي انڊپينڊنٽ پارٽيءَ جو اميدوار هو ٻئي طرف ڪانگريس جو اميدوار مسٽر شيرواني هو. نواب نبي بخش خان ڀٽو وعدي موجب ووٽ مسٽر شيرواني کي ڏنو، کٽ هار جو دارومدار هڪ ٻن ووٽن تي هو، جيتوڻيڪ سندس خلاف اليڪشن پٽيشن هندوستان سرڪار وٽ ٻڌڻي ويچار هيٺ هئي پر سرڪاري دڙڪن ۽ لالچن کي هڪ پاسي رکي نواب نبي بخش خان ڀٽو پنهنجو ووٽ ڪانگريسي اُميدوار کي ڏنو. هڪ ٻئي سنڌي ميمبر ووٽ سرڪار جي اميدوار کي ڏنو ته سر عبدالرحيم هڪ ووٽ وڌيڪ کڻي ڪامياب ٿيو ۽ ڪانگريسي اميدوار هڪ ووٽ تان هارايو. سينٽرل اسيمبلي ۾ سرڪار طرفان بل پيش ڪيو ويو ته ڪنهن به انقلابي ماڻهو کي بنا ڪيس هلائڻ جي ڪيتري عرصي جي لاءِ جيل ۾ رکي سگهي. سر بندراناٿ اسيمبلي ۾ اهو بل آندو ڪانگريس پارٽي ان بل جي مخالفت ڪئي. نواب نبي بخش خان ڀٽو تي ڪيترائي زوربار آندا ويا پر هن ووٽ ڪانگريس جي حق ۾ سرڪار جي مخالفت ۾ ڏنو. سنڌ اسيمبلي ۾ نواب نبي بخش خان ڀٽو پنهنجي ان ساڳئي اصول تي قائم دائم رهيو. ذاتي فائدو اصل نه ورتائين. جنهن سيٽ تي ويٺو ان سيٽ تي ويٺل رهيو. سرڪاري ڌر طرف جهڪائو نه رکيائين. ضمير، اصول جي پاسداري ڪندي پنهنجي ايمان تي قائم رهيو. نواب نبي بخش خان ڀٽو ضلعي لاڙڪاڻي جي لوڪل بورڊ جي صدارت جي چونڊ دوران خانبهادر محمد ايوب کهڙو کي هارائي ڪامياب ٿيو. سينٽرل اسيمبلي جي چونڊ ۾ ٻن سيٽن تي سر عبدالله هارون ۽ نواب نبي بخش خان ڀٽو ڪامياب ٿيا. جڏهن ته شيخ عبدالمجيد سنڌي هارايو. نواب نبي بخش خان ڀٽو جو ٽيون مقابلو قاضي فضل الله سان ٿيو جيڪو بعد ۾ وزير تعليم ۽ سنڌ جو وڏو وزير چونڊيو ويو. سنڌ اسيمبلي جي رتي ديري ميرو خان تعلقن تي ٻڌل ان تڪ تان نواب نبي بخش خان ڀٽو وڏي اڪثريت سان چونڊ کٽي جڏهن ته ان ساڳئي سيٽ تان سر شاهنواز ڀٽو چونڊ هارائي وڃي دهلي ۽ بمبئي هليو ويو هو. نواب نبي بخش خان ڀٽو جڏهن سينٽرل اسيمبلي جو ميمبر چونڊيو ويو ته هن خيال ڏيکاريو ته کيس هندوستان جي ريلوي ايڊوائزري ڪاميٽي ۽ سينٽرل ايڊوائزري ڪائونسل جو ميمبر چونڊيو وڃي. ان اسيمبلي ۾ سڀ کان پهرين محمد علي جناح سان ويسٽرن ڪورٽ وٽ هوٽل ۾ ملاقات ڪئيسون. محمد علي جناح سان اعليٰ پير حضرت سائين صبغت الله شاهه راشدي پير صاحب پاڳارا پهرين جي ڪيس جي سلسلي ۾ بطور وڪيل ملاقاتون رهيون. ان وقت ۾ اڃا مسلم ليگ ۾ قائداعظم شامل نه ٿيو هو ۽ هو آزاد پارٽي ۾ هو. ٻئي طرف سرڪار ۽ ڪانگريس پارٽي هئي. قائداعظم محمد علي جناح ملاقات دوران ٺپ جواب ڏنو اهو ناممڪن آهي ڇاڪاڻ ته انهن جاين جي لاءِ پارٽين طرفان اميدوار بيهندا آهن. جيئن اسان جو اميدوار مولانا شوڪت علي آهي. تنهن ڪري ٻئي ڪنهن به ٻاهرئين اُميدوار لاءِ فقط ڪابه گنجائش ڪانهي. ان بعد اسان خدا حافظ چئي ٻاهر هليا آياسين. مون جناح صاحب کي چيو ته الله تعاليٰ گهريو ته انهن سڀني ڳالهين جي هوندي به نواب نبي بخش خان ڀٽو ضرور ڪامياب ٿيندو ۽ اوهان جو ذڪر ڪيل اميدوار پٽ تي پيل نظر ايندو. مون اسيمبلي جي جونيئر ميمبرن سان تعلق وڌائي سوکڙيون، پاکڙيون، سنڌ جا ميوات، رات جي ماني جون دعوتون، قوالين جا اهتمام، بيمار ميمبرن جي عيادت ڪرڻ لڳاسين. هڪ وڏي دعوت دوران نواب صاحب بورچي کان اهڙو ڇيلو تيار ڪرايو جو سر جيمس گرگ جي شرڪت سبب سرڪار ڌر تي اثر پيو ته سر جيمس جي نواب نبي بخش خان سان وڏي دوستي آهي. سر لانسلاٽ گراهم جيڪو وڏو اثر رسوخ رکندو هو، نواب نبي بخش خان جي دعوت کان پوءِ سندس شرافت جو ذڪر ڪندو رهندو هو. هن نواب نبي بخش خان ڀٽو خلاف شيخ عبدالمجيد سنڌي جي داخل ڪيل اليڪشن پٽيشن ابتدائي قانوني اعتراض جي بنيادن تي رد ڪري ڇڏي. ڪانگريس پارٽي جي هڪ حلقي طرفان ساڻس همدردي هئي ڇاڪاڻ ته نواب نبي بخش خان ڀٽو سندس صدارتي اميدوار کي ووٽ ڏنو هو. ٻئي طرف جونيئر ميمبرن اندروني طرح سان ووٽ ڏنا. ان ڪري نواب نبي بخش خان ڀٽو پهرين يا ٻئي نمبر تي ڪامياب ٿيو ته مون قائداعظم محمد علي جناح کان پڇيو ته چونڊ جو نتيجو ڪهڙو نڪتو، چيائين ته توکي خبر آهي ڇاڪاڻ ته سندس اميدوار هارائي ويو هو. تحرير: پير علي محمد شاهه راشدي ميان نصير محمد خان ڀٽو ميان نصير محمد خان ڀٽو، نواب نبي بخش خان ڀٽو جو هڪ عزيز، سندس ڪم ڪار ۾ شامل هوندو هو. هڪ ڳوٺاڻو تعليم فقط سنڌي پڙهيل هو، پر سندس خاموشي مدبرانه سمجهه جي ڳوڙهائي ۽ تيز فهمي قابل ديد ۽ ڳالهه ٻولهه دوران سندس ڊپلوميسي ڏسڻ وٽان هوندي هئي. ڪيڏي به وڏي تقرير سندس اڳيان ڪئي وڃي پر ٻن اکرن ۾ هر ڪنهن کي منجهائي ماريندو هو. رهڻي ڪرڻي بلڪل سادي ۽ صورت مولوين جهڙي هوندي هئس. سندس نياز ۽ نوڙت ڏسي ماڻهو کي ڪهل پئي ايندي هئي پر شل نه ڪنهن ڪم جي پٺيان روانو ٿئي. اهڙا سنجيدا ۽ دينوي ڪاروبار جا هوشيار سنڌي اڄ بلڪل نظر نٿا اچن. هڪ ڀيري مون کائنس کان پڇيو ته هو ڪهڙي طرح سان پنهنجي جذبات تي ايتري قدر ضابطو رکي ٿو. جو انتهائي بدتميزي ۽ ڪاوڙ ڏياريندڙ ڳالهه ٻولهه جي ڀيٽ ۾ کيس ڪابه چڙ يا ڪاوڙ نٿي اچي. چيائين ته ماڻهو جو ڪم ڪم سان ڌيان اصلي مقصد تي هجڻ گهرجي وچ جي ڳالهين ڏانهن پنهنجو ڌيان ڇو وڃڻ ڏجي. اصول جي اونهائي غور طلب آهي. (اهي ڏينهن اهي شينهن ڪتاب تان ورتل) تحرير: نور محمد ڀٽو سردار ممتاز علي ڀٽو ممتاز علي ڀٽو 29 نومبر 1933ع تي نواب نبي بخش خان ڀٽو جي گهر ڳوٺ سردار پير بخش ڀٽو جي گهر ۾ ميرپور ڀٽو تعلقي رتيديري ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو. هن ابتدائي تعليم پنهنجي ڳوٺ مان حاصل ڪئي. گرامر اسڪول ڪوئٽا، لارنس اسڪول گهوڙا گلي، ڪوه مري ۾ اڍائي سال تعليم حاصل ڪيائين. جڏهن ته وڌيڪ تعليم سينٽ جارج ڪاليج ديردون ويجهو مسوري ۽ لارنس ڪاليج ڪرسٽوفر ڪاليج لنڊن ۾ اڍائي سال تعليم حاصل ڪئي. هن 1944ع ۾ اعليٰ تعليم جي لاءِ پرڏيهه ويو ۽ آڪسفورڊ يونيورسٽي مان ايم اي ڪئي. جڏهن ته قانون جي ڊگري بار ائٽ لا 59_1958ع ڌاري لنڪر مان حاصل ڪئي. ممتاز ڀٽو 1960ع ڌاري بينڪ آف انڊيا بلڊنگ ڪراچي ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ وڪالت شروع ڪئي. 1965ع ۾ قومي اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ويو. مسلم ليگ ڪنوينشن جو ضلعي صدر پڻ مقرر ڪيو ويو ۽ 13 نومبر 1968ع تي کيس ڊي پي آر هيٺ گرفتار ڪيو ويو. ڊسمبر 1970ع ۾ شهدادڪوٽ ميروخان مان قومي اسيمبلي جو ميمبر چونڊيو ويو. مسلم ليگ ڪنوينشنل ضلعي لاڙڪاڻي جو صدر پڻ رهيو. 24 ڊسمبر 1971ع تي کيس سنڌ جو گورنر مقرر ڪيو ويو. مئي 1972ع کان پوءِ سنڌ جو وڏو وزير چونڊيو ويو جتي 22 ڊسمبر 1973ع تائين وڏو وزير رهيو. 22 آڪٽوبر 1974ع تي کيس وفاقي وزير مواصلات مقرر ڪيو ويو، جنهن عهدي تي 4 جولائي 1977ع تائين برقرار رهيو. 5 جولائي 1977ع تي مارشل لا بعد کيس گرفتار ڪيو ويو. مارشل لا آرڊر نمبر 12 هيٺ سمورن اڳواڻن کي گرفتار ڪيو ويو هو. ان وقت جي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو جي ڦاسي بعد کين آزاد ڪيو ويو. 1983ع ۾ ايم آر ڊي جي تحريڪ ۾ حصو وٺڻ سبب کيس حيدرآباد ڀرسان گرفتار ڪيو ويو. 1985ع ۾ ممتاز علي ڀٽو لنڊن ۾ سنڌ بلوچ بختون فيڊريشن نالي سياسي جماعت ٺاهي. 7 فيبروري 1986ع تي واپس ڪراچي پهتو. 1988ع جي چونڊ ۾ بهرو ورتائين پر سيد ديدار حسين شاهه سندس مقابلي ۾ پيپلز پارٽي جو اميدوار کٽي ويو. 31 مارچ 1989ع تي هن پنهنجي نئين جماعت سنڌ نيشنل فرنٽ جي نالي سان قائم ڪئي، جنهن جو پاڻ چيئرمين آهي. 6 نومبر 1996ع ۾ کيس سنڌ جو نگران وڏو وزير ڪيو ويو. ڀٽو خاندان ۾ هڪ سياسي گهراڻو آهي، جنهن جو سربراهه سر شاهنواز ڀٽو هو. ذوالفقار علي ڀٽو جي شهيد بينظير ڀٽو سياسي وارث هئي. جڏهن ته نواب نبي بخش خان ڀٽو جو فرزند سردار ممتاز علي خان ڀٽو آهي، جيڪو هن وقت سياست ۾ آهي. جڏهن ته نواب احمد خان ڀٽو جي اولاد مان پٽ ڪونه آهن. جڏهن ته سردار واحد بخش ڀٽو جو پٽ سردار پير بخش ڀٽو هو، سردار واحد بخش ڀٽو جي باقاعده 1930ع ڌاري دستار بندي ٿي هئي. جنهن سبب سڄي ننڍي کنڊ جا ڀٽا راجستان مان پنجاب مان سنڌ مان پڳ جو ور ڏيڻ آيا هئا. سردار واحد بخش ڀٽو 1927ع ڌاري دهلي جي قانون ساز اسيمبليءَ ۾ سنڌ مان ميمبر اول هو، جڏهن ته ٻئي نمبر تي سر حاجي عبدالله هارون دهلي اسيمبليءَ جو ميمبر هو. 1935ع ڌاري سردار واحد بخش ڀٽو جي وفات بعد نواب نبي بخش خان ڀٽو دهليءَ جي قانون ساز اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ويو. جنهن سبب ڀٽو خاندان جو سياست ۾ عمل دخل وڌي ويو. ڀٽو خاندان جون زمينون ڳڙهي خيرو، ضلع جيڪب آباد، قمبر علي خان شهدادڪوٽ، رتو ديرو، نئون ديرو کان علاوه ٽي هزار ايڪڙ زمين تعلقي گهوڙا ٻاڙي ضلعي ٺٽي ۾ هئي. ڀٽو خاندان بيگلاري ڪينال جي کوٽائي ۾ حصو ورتو ته کين زمين ملي ۽ انگريزن جي دور کان زميندار بڻجي ويا. تحرير: جميل احمد خان ڀٽو مرحوم ولي محمد خان ڀٽو محترم ولي محمد خان ڀٽو يارهين آڪٽوبر 1899ع تي وڏيري شير محمد خان ڀٽو جي گهر بقام ميرپور ڀٽو، تعلقو رتوديرو ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو. سندس ابتدائي تعليم پنهنجي آبائي علائقي منجهه ٿي ۽ انهي زماني جي وڏيرڪي ماحول مطابق سنڌيءَ جي ستن درجن تائين رسمي تعليم مڪمل ڪيائون. البته پنهنجي ذوق ۽ شوق موجب جوانيءَ جي عالم ۾ فارسي، اردو، هندي، انگريزي ۽ عربي زبانن جي ادب سان واقفيت حاصل ڪيائون. پنهنجي هڪ تحرير ۾ نهايت عاجزي ۽ انڪساريءَ کان ڪم وٺندي هن ريت لکيو اٿن: ”منهنجو مطالعو موچارڙو، پورو پُنيڙو آهي. انهيءَ ۾ اضافو آڻڻ ۽ واڌ وٺائڻ واسطي مون اڀياس کي اڳتي وڌايو. ڪجهه پرائڻ لاءِ پاڻ پتوڙيو. اڪيچار اُپاءُ ورتا، اڻ ڳڻت اکر اجاگر ڪيا، ڏاڍا ڏاکڙا ڏٺا. انيڪ ڪشالا ڪڍيا، جهنگ جبل جهاڳيا، ڪيئي لڪ لتاڙيا، مسافريءَ جون منزلون ڪاٽيون، بي انتها سختيون سَٺيون، سُور پرايا، جيءَ جان جا جتن ڪيا، هزارين حيلا هلايا، تڏهن وڃي ڪنهن جي تڏي جي ڪنڊ تي ويهڻ جهڙو ٿيس. وڏن وڏن ودوانن، اديبن ۽ اڪابرن، فلاسفرن ۽ مفڪرن جون حاضريون ڀريون. اعليٰ عالمن جون جُتيون سڌيون ڪيون. ڪچي ٽهيءَ ۾ انهن جون املهه لاکيڻيون لکڻيون پڙهيون. سندن طرز تحرير ۽ تڪلم کي هنئين سان هنڊايو، گويائي جي گوهرن سان دامنِ مراد ڀريم.“ مرحوم ولي محمد خان ڀٽو (تخلص ”اسير“) سنجيده تحرير ۽ تحقيق جا قائل هئا. سندن جاري ڪيل اخبار ”عندليب“ انهيءَ انداز فڪر جي عڪاسي ڪندي رهي. ڀٽو قوم جي اصليت بابت به ڪافي تحقيق ڪندا رهيا. سندن لکيل ڊائري ۾ ڀٽو قوم جي باري ۾ هڪ واقعو هن ريت درج ٿيل آهي: ”اتفاق اهڙو ٿيو جو قاضي فضل الله وزير وٽ سڪندر علي خان ڀٽو ۽ ذوالفقار علي خان ڀٽو ٻئي ڀائر (ڀٽو برادران) رهيل هئا. منهنجو به ساڻن ملڻ ٿيو. ڳالهه ٻولهه جي وچ ۾ ذات پات جو سوال سامهون آيو. ڀُٽه ۽ آرائين جو مسئلو اٿيو. مون چيو اسان وچان ئي ٽيان آهيون. راجپوت سورج بنسي سُورهه ”تاريخ راجپوتان“ ۾ ائين ڄاڻايل آهي. ذوالفقار علي خان جي تسلي نه ٿي. اُلٽو زهريلي کِل کلڻ لڳو. ٿورن ڏينهن گذرڻ بعد سڪندر مرزا پنهنجي وزارت ۾ کيس کنيو. جلد ئي پريس وارن کي ملاقات ڏيندي پاڻ کي راجپوت چوايائين.“ ساڳي ڊائري ۾ هڪ هنڌ تي لکيو اٿن: ”ڀٽه سنڌ پنجاب ۽ بهاولپور رياست ۾ رهن ٿا. ٻين هنڌن وارن کان وڏي زمينداري وارا، سنڌي ڀٽه آهن. سندن سڪونت ٽن ڳوٺن (ميرپور ڀٽو) ڳڙهي خدا بخش ۽ نئون ديري ۾ رهندي آئي آهي. انهن ڳوٺن ۾ رهندڙ ڀٽن مان گهڻا قاسماڻي، ڪي بکراڻي ۽ ڪجهه ٻيا آهن. محمد قاسم خان جي اولاد پاڻ کي قاسماڻي ۽ بکر خان جا پويان پاڻ کي بکراڻي چوائن ٿا. سردار نبي بخش خان ۽ ذوالفقار علي خان جا پويان پاڻ کي بکراڻي چوائن ٿا. سردار پير بخش (پهريون) ۽ هن شجرع ڄاڻائيندڙ جو پڙ ڏاڏو حاجي محمد مراد خان ٻئي قاسماڻي پاڙي جي پيدائش هئا. وڏيري دوده خان پنهنجي ناٺي حاجي محمد امين خان جي نياڻيءَ سان شير محمد خان (مرحوم جو والد صاحب) جي شادي ڪرائي ڇڏيائين. انهيءَ لاڳاپي سان وڏيرو غلام مرتضيٰ خان ۽ ابو شير محمد خان هڪ ٻئي جا ”سنڍو“ ٿيا. سر شاهنواز خان ۽ آءٌ هڪ ٻئي جا ”ماسات“ ٿيون.“ سر شاهنواز خان ڀٽو سان مرحوم ولي محمد خان ڀٽو جي ياري هئي ۽ هڪ ٻئي جي دل جو حال ۽ دماغ جو خيال ونڊيندا رهندا هئا. لکن ٿا: ”وفات کان ٻه ٽي مهينا اول، ادي سر شاهنواز خان مون کان پڇيو ته ڪهڙو مذهب چڱو آهي. جنهن جو پوئلڳ ٿجي؟ مون چيو مذهب ته سڀئي سٺا آهن، مڙني جو متو حق موجود تي ٻڌل، سڀني جي سکيا سيتل سُندر، جُملا جوت پسائڻ وارا، هُو حق جا مبلغ ۽ پرچارڪ، مرڪز ۽ محور ته هڪ آهي، واٽون ويهه ٿيون. ڪُهه ڄاڻان ڪهڙيءَ وڃان؟ ڪا راهه سنئي سڌي، ڪا واٽ ورن وراڪن واري اتي رهبر و رهنما جي ضرورت آهي جو هٿ وٺي سنئين دڳ لائي، لالڻ وٽ پهچائي، ڍولڻ وٽ رسائي، پنهل ڏي پرچائي. پاڻ فرمايائون ”الحمدالله مسلمان ته منڍ کان آهيون. الله پاڪ ۽ ان جي رسول مقبول ﷺ تي ايمان رکون ٿا. الله پاڪ کي اڪيلو ۽ سندس حبيب کي پيغمبر ﷺ برحق مڃون ٿا. اسلام اسان جو دين ۽ مذهب آهي. منهنجو مطلب ۽ سوال سُني يا شيعه فرقه متعلق سمجهو. مون عرض ڪيو ”فرقه بندي پوءِ جي پيداوار آهي. حضور انور ﷺ جن جي ايامڪاريءَ ۾ اهو چڪر نه هو. البته مولانا سيد علي حائري جي منهان مون بار بار هيءَ بند ٻڌو: ”جعفري باش، گر خدا خواهي...“ سر صاحب ڌيان سان ٻڌو ۽ دلچسپي وٺڻ لڳو. مون کان ڪجهه سمجهاڻيون گهريائين. پنهنجي ڄاڻ موجب، مون انهن تي روشني وڌي. مون کي ائين معلوم ٿيو ڄڻ منهنجي مغز ماري کان گهڻو مطمئن ٿيا هجن. پوءِ جو پتو ناهي ته پڇاڙيءَ جا پساه ڪهڙي ريت پورا ڪيائين. جعفري بڻيو يا حنفي ٿي رهيو. هر حال ۾ سندس هالاڻو مون لاءِ سخت صدمه ثابت ٿيو. ٻئي مٿا ملائي ويهي ويچاريندا هئاسين.“ مرحوم ولي محمد خان ڀٽو جو هڪ ئي ڀاءُ حاجي خان محمد خان ڀٽو هيو جو عين شباب جي عالم ۾ (ٽيهن سالن جي عمر) ذيابيطس جهڙي موذي مرض ۾ مبتلا ٿي هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو. سندن مرحوم ڀاءُ جو هڪ ئي پٽ محترم آغا محمد خان ڀٽو مغربي پاڪستان جي اسيمبلي ۾ چيف رپورٽر جي حيثيت سان رٽائر ٿيو ۽ کائنس بعد سندس اڪيلو پٽ خان محمد عرف ارشاد احمد ڀٽو وارث ٿيو آهي. مرحوم ولي محمد خان ڀتو پنهنجي اولاد جي تعليم ۽ تربيت تي خاص توجهه ڏني. سندن وڏي ۾ وڏو فرزند اختر احمد خان بي اي، ايل ايل بي ڪري ميونسپل ايڊمنسٽريٽر جي حيثيت سان ملازمت ڪرڻ بعد حيدرآباد شهر جو معروف وڪيل ٿي رهيو آهي ۽ هاڻ پنهنجي ڪٽنب سان ڪراچيءَ ۾ رٽائرڊ زندگي گذاري رهيو آهي. جناب ولي محمد خان ڀٽو جي سڀ کان وڏي دختر نيڪ اختر خورشيد ڀٽو ايم اي، بي ايڊ اقتصاديات جي پروفيسر جي حيثيت سان ملازمت مڪمل ڪرڻ بعد ڪراچيءَ ۾ مقيم آهي. ٻيو نمبر فرزند ارجمند مختار احمد خان ڀٽو ڪامياب واپاري ۽ سياسي و سماجي رهبر ٿي رهيو ۽ 2005ع ۾ انتقال ڪري ويو ( سندن شخصيت جي حوالي سان هن ڪتاب اندر مضمون موجود آهي). ٽيون نمبر فرزند محترم جميل احمد خان ڀٽو (مضمون نگار) بي اي، ايل ايل بي، ايم ايس سي، ايل ايل ايم ڪري مرڪز جي اعليٰ ملازمتن (سي ايس ايس) جو امتحان پاس ڪري درجه بدرجه وفاقي حڪومت ۾ مختلف عهدن تي خدمات سرانجام ڏيڻ بعد وفاقي سيڪريٽري (گريڊ 22) جي حيثيت سان 2003ع ۾ رٽائرڊ ٿيو آهي. چوٿون نمبر پٽ اعجاز احمد خان ڀٽو يونائيٽڊ بئنڪ ڪراچي ۾ مئنيجر رهي فارغ ٿيو آهي ۽ آخري فرزند ڊاڪٽر شير محمد خان ڀٽو ايم بي بي ايس، ايم سي پي ايس ماهر امراض جلد ڪراچي شهر ۾ مقيم آهي. محترم ولي محمد خان ڀٽو پنهنجي عزيز ترين فرزند جميل احمد خان ڀٽو سان گڏ رهائش پذير رهيا. آخري رهائش سندن ذاتي بنگلي نارٿ ناظم آباد ڪراچي منجهه رهي ۽ اتي ئي 1977ع ۾ انتقال ڪيائون. کين سخي حسن ڪراچي جي قبرستان ۾ سپرد خاڪ ڪيو ويو. حق مغفرت کري عجب آزاد مرد تها تحرير: شمس الدين بلوچ عبدالمجيد خان ڀٽو ڀٽو خاندان جي بزرگ شخصيت عبدالمجيد خان ڀٽو ميان عبدالڪريم ڀٽو جي گهر ۾ 1907ع ۾ ڳوٺ ميرپور ڀٽو (سردار پير بخش ڀٽو) تعلقو رتوديرو، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو. هن ابتدائي تعليم پنهنجي ڳوٺ ۾ بعد ۾ مدرسه هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي ۾ 1916ع ڌاري بمبئي يونيورسٽي مان ميٽرڪ جو امتحان پاس ڪرڻ بعد ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ ۾ اڪائونٽس آفيسر جي حيثيت ۾ حيدرآباد ۽ دادو ۾ خدمتون سرانجام ڏنيون. حيدرآباد ۾ ٽنڊو ولي محمد ۾ رهائش اختيار ڪئي. 1930ع کان 1932ع پاڪستان ٺهڻ کان اڳ سردار واحد بخش ڀٽو جي حڪم تي سرڪاري نوڪري کي خيرآباد چئي، نواب نبي بخش خان ڀٽو جا سيڪريٽري اسٽيٽ مقرر ٿيا. سڪندر علي خان ڀٽو جي وفات کان پوءِ 1962ع کان 1966 تائين يونين ڪائونسل سيدو ديرو تعلقو رتوديرو ضلعي لاڙڪاڻي جا چيئرمين چونڊيا ويا. 1962ع کان ذوالفقار علي ڀٽو جي خواهش تي سڪندر علي ڀٽو جي زمين جي سار سنڀال ڪرڻ لڳا. 4 اپريل 1979ع تي ذوالفقار علي ڀٽو کي شهيد ڪرڻ بعد ڀٽو خاندان جي اهم شخصيات کي حڪومت طرفان منهن ڏسڻ جي اجازت ڏني وئي انهن مان نواب نبي بخش خان ڀٽو، سردار پير بخش خان ڀٽو ۽ عبدالمجيد خان ڀٽو شامل هئا. جن کي رات جي اونداهي ۾ سندن گهرن مان وٺي ان وقت جي سب ڊويزنل مئجسٽريٽ اشفاق احمد ميمڻ هڪ گاڏي ۾ ان وقت جي ڊي سي لاڙڪاڻو مسٽر اشرفي جي رهائشگاهه تي آندو ويو، عبدالمجيد خان ڀٽو تي ڀٽو جي شهادت جو وڏو اثر ٿيو. 1980ع ڌاري مٿس فالج جو حملو ٿيو. 8 آڪٽوبر 1981ع تي ڪراچي ۾ پنهنجي پٽ ڊاڪٽر غلام شبير ڀٽو جي رهائشگاهه تي وفات ڪري ويو. کيس جنت الشفاء قبرستان ڪراچي ۾ سپرد خاڪ ڪيو ويو. سندس وڏو پٽ انور علي خان ڀٽو روشن علي ڀٽو، نثار علي ڀٽو ۽ ڊاڪٽر غلام شبير ڀٽو سوڳوار تحرير: نور محمد ڀٽو علي محمد ڀٽو علي محمد ڀٽو 23 سيپٽمبر 1908ع تي ڳوٺ پير بخش ڀٽو، ميرپور ڀٽو، تعلقي رتيديرو ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ڊاڪٽر حڪيم حاجي نور محمد ڀٽو جي گهر ۾ جنم ورتو. هن ابتدائي تعليم پنهنجي ڳوٺ جي گورنمينٽ سنڌي پرائمري اسڪول ۾ بعد جيڪب آباد مدرسه هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي، مدرسه هاءِ اسڪول ۾ سنڌي فائنل ڪرڻ بعد 1929ع ڌاري آبپاشي کاتي ۾ مٺڻ ڪوٽ پنجاب ۾ نوڪري شروع ڪئي. بعد ۾ کيس سکر بئراج ۾ ٽائيم آفيس ۾ رکيو ويو ۽ بئراج ڪالوني سکر ۾ رهائش اختيار ڪيائون. مٺڻ ڪوٽ ۾ رهائش دوران خواجه غلام فريد جي گهراڻي جا مريد ٿي ويا ۽ اتي جا سيد کيس گهڻو پيار ڏيندا هئا. علي محمد ڀٽو صاحب صوم صلوات جو پابند هو. هر وقت باوضو رهندا هئا. علي محمد ڀٽو صاحب 1930ع ۾ سروسز اينڊ جنرل ايڊمنسٽريشن کاتي ۾ ٽائپسٽ مقرر ٿيا ۽ اتي اسٽينو سيڪشن جا انچارج هوندا هئا. 1931ع کان 1936ع تائين جيمس آباد ميرپور خاص ۾ ملازمت ڪيائون. 1939ع ڌاري سنڌ اسيمبلي جي وجود ۾ اچڻ کان پوءِ پهرين سنڌي آفيشل رپورٽر انگريزي ۾ بعد سنڌي شارٽ هئنڊ سکڻ بعد 1940ع ۾ سنڌي رپورٽر مقرر ٿيا. 1952ع ۾ رضاڪارانه طور تي رٽائرمينٽ حاصل ڪري انگريزي هفتيوار اخبار اسٽيٽ سرونٽ ۽ اردو ۾ پاڪستان ۽ سنڌي ۾ حمايت حق هڪئي وقت ڪراچي حيدرآباد، لاڙڪاڻو ۽ سکر مان جاري ڪيائون. حيدرآباد مان فضل پرنٽنگ پريس قاضي عبدالقيوم روڊ حيدرآباد مان اخبار جاري ڪندا هئا. کيس چونڊ دوران ووٽر لسٽن جو ٺيڪو پڻ ڏنو ويو. 1940ع کان 1951ع تائين سنڌ جي وڏن وزيرن خان بهادر محمد ايوب کهڙو، سر غلام حسين هدايت الله، يوسف هارون ۽ پير الاهي بخش جا پي اي پڻ ٿي رهيا. 48_1947ع ۾ خانبهادر محمد ايوب کهڙي سيڪريٽري مهاجر آبادڪار بورڊ مقرر ڪيو. علي محمد ڀٽو گورنر جنرل آف پاڪستان ملڪ غلام محمد طرفان برطانيه سرڪار جي نالي تي ون يونٽ آرڊر ڪڍڻ خلاف لکندي کيس ملڪ جو غدار قرار ڏيندي چيو ته هي غدار آهي، ان کي ڦاهي تي چاڙهيو وڃي. 1954ع ڌاري هن دستور ساز اسيمبلي کي معطل ڪرڻ خلاف چيف ڪورٽ ۾ اسيمبلي جي صدر مولوي تميزالدين داخل ڪيل درخواست دوران جسٽس منيرالدين آڏو مولوي تميزالدين جي حق ۾ شاهدي ڏني ۽ چيو ته ملڪ غلام محمد اسيمبليون غيرقانوني طور تي معطل ڪيون آهن. جنهن بعد چوڌري فضل الاهي کيس بهادري جو مظاهرو ڪرڻ تي مبارڪباد ڏني. علي محمد ڀٽو پنهنجي وقت جو هڪ مدبر سياستدان ۽ ان وقت جو مخالف ڌر جو اڳواڻ نوابزاده نصرالله خان هو. علي محمد ڀٽو 1953ع ۾ پير علي محمد راشدي جي خلاف قومي اسيمبلي جي چونڊ ۾ فارم ڀرايو. ميان نور محمد پنهور مرحوم جيڪو بابا سان زراعت کاتي ۾ گڏ آفيسر رهي چڪو هو. ان ٻڌايو جڏهن تنهنجي والد صاحب پير علي محمد راشدي جي خلاف اليڪشن فارم ڀرايو ته کيس اڻ سڌي طرح چيو ويو ته هٿ کڻي وڃ پر علي محمد ڀٽو چيو ته مان حق جي خاطر مقابلي ۾ بيٺو آهيان، جنهن تي ان وقت جي وزير اعظم خواجه ناظم الدين مسلم ليگي اُميدوار کي ڪامياب ڪرڻ جي لاءِ علي محمد ڀٽو جو فارم رد ڪرڻ جي لاءِ ان وقت جي ڊي سي خيرپور کي حڪم ڏنو جنهن بعد فارم رد ڪيو ويو. ان بابت ان وقت جي گورنر جنرل مولوي تميزالدين کي علي محمد ڀٽو شڪايت ڪئي ته ان چونڊ ۾ مداخلت ڪري سندس فارم رد ڪرايو آهي، جنهن تي مولوي تميزالدين ثبوت پيش ڪرڻ جي لاءِ چيو ته علي محمد ڀٽو صاحب کيس وزيراعظم ۽ ڊپٽي ڪمشنر خيرپور وچ ۾ ٿيل ڳالهه ٻولهه جي رڪارڊنگ پيش ڪئي، جنهن بعد مولوي تميزالدين کي سندس عهدي تان ڊسمس ڪري ڇڏيو، ٻئي طرف اها به ڳالهه ٻڌائي وڃي ٿي ته ان وقت جي گورنر جنرل ملڪ غلام محمد خواجه ناظم الدين کي سندس عهدي تي برطرف ڪري ڇڏيو. جنهن وقت هو راولپنڊي دوري تي ويل هو. وٽس ڀاڙي جا پئسا به کيسي ۾ ڪونه هئا. علي محمد ڀٽو هڪ خداداد صلاحيتن جو مالڪ هو. هو هڪ صحافي، قانوندان، پارلياماني معاملن جو ماهر، تاريخ جو اکين ڏٺو شاهد هو. هڪ هوميو پيٿڪ ڊاڪٽر هجڻ سان گڏ يوناني طريقه علاج کان سواءِ هڪ سٺو پامسٽ ۽ حالات حاضره تي تبصرو ڪندڙ هو. علي محمد ڀٽو صاحب فيلڊ مارشل محمد ايوب خان کي صلاح ڏني هئي ته رياست بهاولپور، رياست خيرپور، رياست قلات، رياست دير ۽ سوات کي خودمختاري 1940ع جي قرارداد موجب ڏني وڃي. جيئن ان قدم بعد راجستان جون رياستون پاڪستان سان الحاق ڪنديون ۽ پاڻ مرادو رياست جوناڳڙهه پاڪستان جو ٻيهر حصو بڻجي وينديون. علي محمد ڀٽو مرحوم جڏهن جناح ڪئپ ۽ ٻن کيسن واري قميص ۽ شلوار پائيندو هو ته ڄڻ ائين محسوس ٿيندو هو ڄڻ سنڌ جو علامه مشرقي آهي. جڏهن خيرپور ميرس ۾ رهائش پذير هئا، ان وقت ۾ خاڪسار تحريڪ ۾ شموليت اختيار ڪيائون. شام جو مارڪيٽ وٽ طوفان هوٽل وٽ مسٽر شفيع ۽ ٻين خاڪسارن سان ڪچهريون ٿينديون هيون. ڪڏهن ته مسٽر بشير گزدر به اتي ايندو هو، جيڪو ٺيڪيداري ڪندو هو. علي محمد ڀٽو صاحب جي شاعر ڊاڪٽر تنوير عباسي سان سندس گهر واري قمر، جيڪا پڻ ڊاڪٽر هئي، سندس فيملي جو علاج ڪرائيندا هئا. علي محمد ڀٽو صاحب هميشه وضو سان رهندا هئا، ان ڪري سي آءِ ڊي يا پوليس وٽن نه اچي سگهندي هئي. علي محمد ڀٽو چوندو هو مان پنهنجي خاطر نه پر ربّ پاڪ جي خاطر حق خاطر وڙهندو آهيان، ان ڪري مون سان ربّ تعاليٰ جي رحمت شامل حال آهي. ان ڪري ان وقت جي ظالم گورنر جنرل ملڪ غلام محمد جي خلاف پنهنجي اخبار ۾ تحرير ڪيائون. هن ون يونٽ جو جيڪو آرڊر جاري ڪيو آهي، اهو ملڪه برطانيه جي نالي تحرير ڪيل آهي. 1955ع ۾ ٻيهر نوڪري تي بحال ڪري اسسٽنٽ پبلسٽي آفيسر زراعت کاتو حيدرآباد خيرپور ۾ مقرر ڪيو ويو. جتان کين اولهه پاڪستان لاهور ۾ چيف رپورٽر مقرر ڪيو ويو. جتان مارچ 1956ع ۾ رٽائرمينٽ وٺي 1966ع ۾ ٽائون ٿاڻي خيرپور لڳ ٽانگا اسٽينڊ وٽ قائد ڪمرشل ڪاليج جو بنياد رکيائين. جيڪو بعد ۾ 1967ع ۾ حيدر چؤنڪ حيدرآباد هاري حقدار بلڊنگ ۾ منتقل ڪيو ويو. جيڪو 1981ع تائين حيدرآباد ۾ قائم رهڻ بعد بند ٿي ويو. علي محمد ڀٽو صاحب سنڌي شارٽ هئند جو ڪتاب تحرير ڪيو، جيڪو سنڌي لئنگئيج اٿارٽي حيدرآباد وٽ 1994ع کان ڇپائڻ جي لاءِ پيل آهي. مرحوم 1967ع کان 1974ع تائين ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي بحيثيت پرونائونسيئيشن چيڪر ڪم ڪيو. سي آءِ ڊي کاتي جي هيڊ ڪانسٽيبلن کي سنڌي شارٽ هئنڊ جي سکيا ڏني جيڪي بعد ۾ ترقي ڪري سي آءِ ڊي انسپيڪٽر مقرر ٿيا. علي محمد ڀٽو سنڌ اسيمبلي ۾ 1971ع تائين ڪانٽريڪٽ تي سنڌي رپورٽر مقرر ٿيا. عبدالله حسين هارون ۽ مظفر حسين شاهه جي دور ۾ 1986ع ۾ به ڪانٽريڪٽ تي مقرر سکيا لاءِ مقرر ٿيا. 1974ع ۾ سيد احد يوسف خلاف صوبائي اسيمبليءَ جي سيٽ تي حيدرآباد مان مقابلي ۾ بيٺو. 1977ع ۾ قومي اسيمبليءَ جي سيٽ تي لياقت علي خان جتوئيءَ جي مقابلي ۾ بيٺو. مرحوم کي سنڌ سيڪريٽريٽ جي ملازمن کي سنڌي شارٽ هئنڊ ۽ ٽائيپرائٽنگ سيکارڻ لاءِ مقرر ڪيو ويو. جتي 28 مارچ 1987ع تائين ڪم ڪيائون. کين 28 مارچ مٿن فالج جو حملو ٿيو ۽ 31 مارچ 1987ع تي هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويا. کين حيدرآباد ۾سپرد خاڪ ڪيو ويو. علي محمد ڀٽو صاحب سنڌي آواز نويسي ڀاڱو پهريون، ٻيون ٽيون ۽ ٽنهي ڀاڱن جي ڪنجي لکي سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري جي سندس وفات بابت 1994ع ۾ ان وقت جي چيئرمين ڊاڪٽر نواز علي شوق جي حوالي ڪيو ويو. جنهن ان کي ڪمپوز ڪرايو. ان کان علاوه سنڌي آواز نويسي جي لغت جيڪا اسيمبلي، ڪورٽ ۽ سيڪريٽريٽ جي ملازمن جي لاءِ 700 کان 1000 صفحن تي ٻڌل آهي. سنڌي ٻولي جي سوغات آهي. ان کان علاوه ملاوتي حرفن جا 12 جلد مرحوم تيار ڪيا. پر افسوس جهڙي ڳالهه آهي ته سنڌي ٻولي جي بااختيار اداري جي اڳوڻي چيئرمين ڊاڪٽر غلام علي الانا سنڌي ٻوليءَ کي بين الاقوامي ٻولي بنائڻ واري ان ڪم ۾دلچسپي نه ورتي ۽ ان ڪم کي اڌورو ڇڏي ڏنائين تحرير: نور محمد ڀٽو محمد اسماعيل ڀٽو محمد اسماعيل ڀٽو 07 سيپٽمبر 1908ع ۾ ڳوٺ پير بخش ڀٽو ۾ ڊاڪٽر حڪيم حاجي نور محمد ڀٽو جي گهر ۾ جنم ورتو. ابتدائي تعليم پنهنجي ڳوٺ ميرپور ڀٽو ۽ پير بخش ڀٽو، تعلقو رتوديرو، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ حاصل ڪيائون. وڌيڪ تعليم جامع اسلاميه اسڪول کڏهه مان، مڊل ۽ ميٽرڪ سنڌ مدرسته الاسلام ڪراچي مان سٺن نمبرن ۾ پاس ڪرڻ بعد فرسٽ ايئر بهاؤالدين ڪاليج جونا ڳڙهه مان پاس ڪيائون. ان وقت ۾ وڏي ويڙهه لڳڻ سبب وارويل جوناڳڙهه جي بندرگاهه تي برطانيه جي جنگي جهازن، ملٽري ٽرڪن جي آمدرفت ڪري جرمن جهاز بمباري ڪرڻ لڳا ته مهاڀاري جنگ سبب تعليم اڌ ۾ ڇڏي اسسٽنٽ ڪنٽرولر ڪراچي وٽ ملازمت اختيار ڪيائون. جتي غلام اسحاق خان اسٽيٽ ڪنٽرولر هو، جيڪو بعد ۾ پاڪستان جو صدر مقرر ٿيو. بعد ۾ ٽرانسپورٽ کاتي، انڊسٽريز کاتي، پبلڪ ورڪس کاتي ۽ سنڌ گورنمينٽ پريس ڪراچي ۾ ڪم ڪرڻ بعد کين گورنر جنرل پاڪستان محمد علي جناح جو پهريون پرسنل اسسٽنٽ پي مقرر ڪيو ويو. جتي هن محمد علي جناح سان گڏ ڪم ڪيو. بعد ۾ تعليم کاتي ۾ استاد مقرر ٿيا. بي اي، ايل ايل بي ڪيائون. 1971ع ڌاري کين وزير تعليم در محمد اوستو جو بعد ۾ سيڪريٽري تعليم سيد پناهه علي شاهه جو بعد ۾ ڊائريڪٽر تعليم ڪراچي واحد بخش جو پي اي مقرر ڪيو ويو. تعليم کاتي مان رٽائر ٿيڻ بعد هاءِ ڪورٽ ۾ وڪالت ڪرڻ لڳا ۽ محمد اسماعيل ڀٽو اڳواٽ اڳڪٿي ڪئي هئي ته ذوالفقار علي ڀٽو کي وزارت جو قلمدان ملندو. ذوالفقار علي ڀٽو وزارت جو قلمدان سنڀالڻ کانپوءِ کيس مبارڪباد ڏني هئي ته توهان جي الله تعاليٰ ڳالهه پوري ڪئي. محمد اسماعيل ڀٽو جي گهر واري آمنه بيگم ڀٽو بينظير ڀٽو کي قرآني تعليم ڏيڻ کان علاوه اردو ۽ اسلاميات پڙهائي هئي. محمد اسماعيل ڀتو جي نياڻي صفيه ڀٽو ڪلفٽن ڪراچي پ پ شعبه خواتين جي صدر رهي چڪي آهي. جڏهن ته رفعيه ڀٽو پ پ گذري شعبه خواتين جي اڳواڻ رهي چڪي آهي. محمد حنيف ڀٽو پ پ ڪراچي نرسري شاخ جو نائب صدر رهي چڪو آهي. جڏهن سندس ٻه نياڻيون عارفه ڪوثر ڀٽو ۽ طاهره ڀٽو ڊاڪٽر آهن. جڏهن ته سندس ننڍي ۾ ننڍو فرزند اطهر احمد ڀٽو هوٽل ميرٽ ۾ جنرل مئنيجر جي عهدي تي فائز آهي. محمد اسماعيل ڀٽو جي دعا هئي ته الله تعاليٰ محتاجي کان بچائي، الله تعاليٰ سنڌ ڌرتي کي امن جو خطو ٺاهي، سڀني مسلمان ڀائر مومنن جيان ڀاءُ ڀاءُ ٿي رهن. محمد اسماعيل ڀٽو صاحب 4 ڊسمبر 1998ع تي هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويا. هن وقت ميوا شاهه قبرستان ڪراچي ۾ مدفون آهن.[/justify]
     
  5. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: آفيس 2002 ۾ فائل جو مسئلو

    اميد ته سائين ابو واصف جن جو ڪم ٿي ويو هوندو ورنه فائيل مون وٽ به سڌو ٿي ويو آهي۔ رات ئي درست ٿي ويو هو ليڪن بجلي ساٿ نه ڏنو ان ڪري ريپلاء نه ڪري سگهيس۔
     
  6. ابو واصف

    ابو واصف
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جولائي 2009
    تحريرون:
    266
    ورتل پسنديدگيون:
    386
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    ڌنڌو:
    سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ ۾ ڪمپيوٽر آپريٽر
    ماڳ:
    لطيف آباد نمبر4، حيدرآباد
    جواب: آفيس 2002 ۾ فائل جو مسئلو

    مهرباني دوستو! مسئلو ته تقريبا حل ٿي چڪو آهي۔ پر حيرت ۽ تجسس ان ڳالهه جو آهي ته آخر اهو فائل رڪور ڪهڙي طريقي سان ٿيو؟ مهرباني فرمائي انهي جو طريقيڪار ضرور ٻُڌائيندا ته جيئن وقت سر اهڙي قسم جي مسئلن سان پاڻ منهن ڏئي سگهجي۔
     
  7. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: آفيس 2002 ۾ فائل جو مسئلو

    سائين جيستائين فقير آهي توهان ڇو ٿا منهن ڏيو آخر فقير ڪهڙي ڪم ايندو


    هههههههههههههههه


    اصل پرواه نه ڪريو

    اميد ته ٻيهر اهو مسئلو پيش نه ايندو مون ڦيڻو پڙهي ڇڏيو آهي

    سدائين گڏ
     
  8. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: آفيس 2002 ۾ فائل جو مسئلو

    دوستو مسئلو ڪيئن حل ٿيو ۔۔۔ آگاهه ضرور ڪجو
     
  9. ابو واصف

    ابو واصف
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جولائي 2009
    تحريرون:
    266
    ورتل پسنديدگيون:
    386
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    ڌنڌو:
    سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ ۾ ڪمپيوٽر آپريٽر
    ماڳ:
    لطيف آباد نمبر4، حيدرآباد
    جواب: آفيس 2002 ۾ فائل جو مسئلو

    ادي رحيم بخش جي تمام گهڻي مهرباني، جو پاڻ ذاتي طور تي فون تي مون کي ٻُڌايائون ته مون اوهان واري فائل جو مسئلو هن طرح حل ڪيو هو، جو ان بگڙيل فائل کي سليڪٽ آل ڪري ڪاپي ڪيو ۽ پو ان کي ورڊ پيڊ ۾ پيسٽ ڪيو۔ اتي پيسٽ ڪرڻ سان ميٽر صحيح پوزيشن ۾ اچي چڪو هو، جنهن کي وري ڪاپي ڪري، ورڊ ۾ پيسٽ ڪيم ۽ نئين فائل سان سيو ڪيم۔

    حالانڪه مون پڻ انهي قسم جي ڪوشش ڪئي هئي، پر مون وٽ الائجي ڇو مسئلو حل نه ٿيو هو۔ جڏهن ادي جي ڏنل هدايت تي ڪنهن ٻئي دوست جي ڪمپيوٽر ۾ اهو عمل ورجايو ته واقعي به مواد صحيح پوزيشن ۾ اچي ويو۔

    هڪ ڀيرو سڀني دوستن جا تمام ٿورا۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو