مسئلي تي غور ڪجي يا حل تي ؛

'مختصر پر سبق آموز' فورم ۾ نثارابڙو طرفان آندل موضوعَ ‏11 آگسٽ 2009۔

  1. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    مسئلي تي غور ڪجي يا حل تي ؛

    جڏهن آمريڪا جي ”ناسا NASA“ پنهنجا ماڻهون خلا ۾ موڪلڻ شروع ڪيا ته، کين احساس ٿيو ته بال پين ٻڙي ڪشش ثقل تي ڪم نٿي ڪري ... ( پين جي مس هيٺ لکڻ واري نب ڏانهن نٿي لٿي)
    حل نمبر پهريون؛
    ناسا کي انجو حل ڳولهڻ لاءِ تقريبن ڏهاڪو سال لڳي ويا ۽ لڳ ڀڳ 12 (ٻارنهن) ملين ڊالر خرچ ٿيا صرف اهڙي پين ايجاد ڪرڻ ۾ جا ٻڙي ڪشش ثقل تي به لکي سگهي ... پاڻيءَ جي اندر به لکي سگهي ... اهڙي پين جا ٻڙيءَ کان وٺي 300 ڊگري سينٽي گريڊ تائين ڪم ڪري سگهي ...
    حل نمبر ٻيون؛
    رشيا جي ماڻهن ان مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ پين جي بجاءِ پينسل استعمال ڪئي ... نه خرچ نه وقت جو گهاٽو ...
    ________________________________________
    جاپان جي هڪ صابڻ ٺاهڻ واري تمام وڏي ڪمپنيءَ کي خالي صابڻن جي ڊٻن جو مسئلو پيش آيو ... پيڪنگ دوران ڪجه ڊٻا خالي رهجي ٿي ويا ۽ صابڻ کان بغير موڪليا ٿي ويا، جنهنڪري شڪايتون وڌي ويون ...
    هڪدم اداري جي اعلا عملدارن ان مسئلي جو نوٽيس وٺندي، گڏجاڻي ڪوٺائي ... خبر پئي ته مشين جي خرابيءَ سبب ڪجه ڊٻن ۾ صابڻ نه ڀرجي سگهيا ۽ خالي هليا ويا آهن...
    اعلا عملدارن پنهنجن انجنيئرس کي حڪم ڪيو ته جلد ان مسئلي جو حل ڳولهيو وڃي ...
    حل نمبر پهريون1؛
    انجنيئرس وڏي محنت سان هڪ ايڪسري مشين ايجاد ڪئي جا خالي ڊٻن جي نشاندهي ڪري ... تمام قيمتي پردي تي هميشه ٻه ماڻهون اکيون ڄمائي ويٺا ته ڪو خالي ڊٻو نڪري نه وڃي ... بيشڪ گهڻي محنت ڪئي وئي ۽ چڱو خاصو مال خرچ ڪري ان مسئلي جو حل ڳولهيو ويو ...
    حل نمبر ٻيون؛
    هڪ ٻي ننڍي ڪمپنيءَ ۾ اهڙي ئي قسم جو مسئلو پيش آيو ته موجود اتان جي مزدورن ڇا ڪيو جو موجود هڪ وڏو بجليءَ جو پکو، پٽي جي آخر تي رکي چالو ڪري ڇڏيو ... جيئن ئي ڪو خالي ڊٻو اتان گذريو ته ان پکي جي هوا تي اڏامي ٻاهر ٿي ڪريو ...
    ________________________________________
    - هميشه آسان حل ڳولهيو
    - اهڙا موجود ۽ سادا اوزار خيال ۾ آڻجن جي ممڪن مسئلي جو حل هجن
    - حل تي ڌيان ڏيو.... نه ڪي مسئلي تي ...
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو