• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

موهن جي دڙي تي ڪمرشل جي رڪارڊنگ

رياض حسين گلال

سينيئر رڪن
موهن جي دڙي واري آثارن سان سنڌ جي ماڻهن جي جذباتي وابستگي ان لاءِ آهي، جو اهي آثار، سندن هزارين سالن جي تاريخ جو واضح ۽ چٽو ثبوت آهن ته اسان جو ماضي ڪيئن گذريو آهي. هنن آثارن مان اصلي مورتين جي چوري، آثارن کي موٽر سائيڪل سوارن طرفان هاڃو رسائڻ ته ڪا پراڻي ڳالهه ناهي پر هاڻي هڪ موبائيل فون ڪمپنيءَ پنهنجو ڪمرشل پڻ موهن جي دري ۾ ٺاهيو آهي. دنيا ۾ اهڙن قديم آثارن جي حفاظت ڪنهن معصوم ٻار وانگر ڪئي ويندي آهي. موٽر سائيڪل سوارن جي انهن هزارين ورهين پراڻين گهٽين ۾ موٽر سائيڪل سواري ته پري جي ڳالهه آهي پر، انهن کي برسات ۽ سج توڙي تيز هوا کان به بچايو ويندو آهي، پر موهن جي دڙي جو ڪو والي وارث ناهي. ڪمرشل ٺاهڻ وارا جيئن موهن جي دڙي جي گهٽين ۾ ڊوڙون پائي ڌوڙ اڏائيندا نظر اچن ٿا ۽ پوءِ انهن آثارن کي ”ممي“ سان ڳنڍي مصر جي آثارن سان گڏ ڪري منظر پيش ڪن ٿا، ان مان سوال اهو اٿي ٿو ته، ڇا انهن، ڪنهن حڪومتي ذميوار کان اجازت وٺي اهڙي ڪمرشل جي آثارن جي گهٽين ۾ فلم بندي ڪئي؟ ۽ جي ها، ته کين آثار، ان طريقي سان لتاڙڻ جي اجازت ڪنهن ڏني؟ ڇا سنڌ جي ثقافت کاتي ان جو نوٽيس ورتو آهي؟
سهيل ميمڻ
 
Back
Top