نظم
اڄ ڏاڍي سڪ لڳي آهي!
هيءَ دل جا ڌڙ ڌڙ ڌڙڪي ٿي
۽ اک جا ڦڙ ڦڙ ڦڙڪي ٿي!
هر رات ڳتيل آ ڳوڙهن سان
هر ننڊ ڀريل آ ڇرڪن سان
پل پل جي پيڙا مان گذري
هر ڏينهن ٿو ڏانوڻ مان اڀري
جنهن وقت به بوندون برسن ٿيون
تنهن وقت هي اکڙيون ترسن ٿيون
۽ در ڏانهن ديد گهڻي آهي
دل تنهنجي پير پڻي آهي
هر ساهه ۾ آهي بي ساهي
هر ويل وڪوڙيل آ ڦاهي
ٿي احساسن ۾ راڙ مچي
ها ڪوته اچي، اڄ ڪوته اچي
بي چيني رڳن ۾ برپا آ
۽ روح کي ڇڪ لڳي آهي
اڄ ڏاڍي سڪ لڳي آهي!
ادا سلطان، سائين اشفاق آذر جو هي نظم پڙهيوسين واقعي دل مان اهي آهون نڪتيون جن جي سرهاڻ ماحول کي مهڪائي ڇڏيو۔۔۔
ادا رنجيت سائين نثار ابڙي ۽ ادا سلطان جي مشورن تي زور ڀريندا۔۔۔ ائين پڻ ڪندا اوهان جون ساروڻيون ٻيهر تازه دم ٿي وينديون ۽ اوهان کي راحت ۽ سڪون پڻ ملندو۔۔۔۔
دعائن ۾ ياد
shal judy hujeen