سنڌ جي ياد!!

'مختلف موضوع' فورم ۾ رنجيت طرفان آندل موضوعَ ‏12 آگسٽ 2009۔

  1. رنجيت

    رنجيت
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏21 جولائي 2009
    تحريرون:
    823
    ورتل پسنديدگيون:
    158
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ٽيڪنيڪل صلاحڪار ... فلمي تڙڪا پروڊڪشنس
    ماڳ:
    لقمان خيرپور پر هاڻي ممبئي
    سائين مونکي ڪو حل ٻڌايو، اڄ الائي ڇو پنهنجي جيجل سنڌ جي ياد پئي اچي، مون صبح جو خواب به ڏٺو آهي ته مان حيدرآباد کان خيرپور طرف پاڪستان ريلوي جي ڪنهن ريل ۾ وڃين رهيو آهيان، يار منهنجي هن مسئلي جو ازالو ڪريو ڇا ڪريان؟؟؟؟؟
    ادا نثار صاحب توهان ئي ڪو حل ٻڌايو
     
  2. زاهد سومرو

    زاهد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2009
    تحريرون:
    1,608
    ورتل پسنديدگيون:
    370
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو (سنڌ)
    ادا انهي جو ازالو اهو آهي ته اوهان کي پنهنجي مٺڙي سنڌ جي زيارت ڪرڻي پوندي۔۔۔ اوهان کي ضرور به ضرور اچڻو پوندو۔۔۔

    وڌيڪ ازالي جي لاٌءِ اوهان کي گهڻن کان رايا ملندا۔۔۔۔۔

    مهرباني ادا رنجيت
     
  3. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    ادا رنجيت؛
    حق موجود
    ڀائڙا مونکي اها خبر ناهي ته اوهان ڪهڙي نثار کان حل گهريو آهي پر تنهن هوندي به ادي نثار ناز جي طرفان ۽ آءُ پنهنجي طرفان، سائين لطيف سرڪار جي زباني هي ٻه بيت ٻڌائيندس

    ڪي ويجهائي ڏور ڪي ڏور به ويجها سپرين
    ڪي چڙهن نه چت تي، ڪي وسرن به مور
    جيئن مينهن ڪڍي ڪور، تيئن دوست وراڪو دل سان

    اکڙين ۾ ٿي ويهه ته آءُ واري ڍڪيان
    توکي نه ڏسي ڏيهه، آءُ نه پسان ڪي ٻيو ...

    ڀائڙا، ادي زاهد جي صلاح مطابق يا ته هيڏانهن اچو يا وري، پين ۽ پنو کڻو ۽ پنهنجي زندگيءَ جا لطيف لمحا جي اوهان حيدرآباد کان خيرپور تائين گذاريا ۽ جي نظارا اوهان ڏٺا سي قلمبند ڪيو ۽ اسان سان ونڊ ڪريو ته اوهانجا مسئلو ڪيتري حد تائين حل ٿي ويندو ...

    يا وري ڪمري ۾ وڃو، مڌم روشني ڪري، شاه جو ڪلام عابده يا محمد يوسف جي آواز ۾ ويهي ٻڌو ته به سڪ ته وڌندي پر اوهان ڪجه گهڙين لئه روحاني طور سنڌ ضرور پهچي ويندا ...

    آزمائش شرط آهي
    shal judy hujeen
     
  4. سلطان

    سلطان
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏18 اپريل 2009
    تحريرون:
    165
    ورتل پسنديدگيون:
    79
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    مٺا رنجيت،
    توهان کي ديس جي سِڪ لڳي ۽ جذباتي پِيڙا مان گذريا۔ اهو سڀ توهان جي حساس طبيعت جي ڪري آهي، انهي جو علاج به توهان وٽ ئي آهي، وقت سان گڏ ان سان آشنا ٿي ويندا ۽ توهان جون يادون توهان کي اذيت ڏيڻ بجاءِ توهان کي محبوب ٿي وينديون۔ توهان پريشان نه ٿيو، ادا نثار جي ڳالهه تي عمل ڪريو، توهان پنهنجي اندر ۾ شڪتي محسوس ڪندئو۔
    مان پنهنجي دوست اشفاق آذر جي هي نظم توهان کي ارپيان ٿو، جيڪا توهان جي احساسن جي ترجماني ڪري پئي۔

    نظم

    اڄ ڏاڍي سڪ لڳي آهي!
    هيءَ دل جا ڌڙ ڌڙ ڌڙڪي ٿي
    ۽ اک جا ڦڙ ڦڙ ڦڙڪي ٿي!
    هر رات ڳتيل آ ڳوڙهن سان
    هر ننڊ ڀريل آ ڇرڪن سان
    پل پل جي پيڙا مان گذري
    هر ڏينهن ٿو ڏانوڻ مان اڀري
    جنهن وقت به بوندون برسن ٿيون
    تنهن وقت هي اکڙيون ترسن ٿيون
    ۽ در ڏانهن ديد گهڻي آهي
    دل تنهنجي پير پڻي آهي
    هر ساهه ۾ آهي بي ساهي
    هر ويل وڪوڙيل آ ڦاهي
    ٿي احساسن ۾ راڙ مچي
    ها ڪوته اچي، اڄ ڪوته اچي
    بي چيني رڳن ۾ برپا آ
    ۽ روح کي ڇڪ لڳي آهي
    اڄ ڏاڍي سڪ لڳي آهي!​
     
  5. زاهد سومرو

    زاهد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2009
    تحريرون:
    1,608
    ورتل پسنديدگيون:
    370
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو (سنڌ)
     
  6. رنجيت

    رنجيت
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏21 جولائي 2009
    تحريرون:
    823
    ورتل پسنديدگيون:
    158
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ٽيڪنيڪل صلاحڪار ... فلمي تڙڪا پروڊڪشنس
    ماڳ:
    لقمان خيرپور پر هاڻي ممبئي
    سائين زاهد صاحب! انڊيا جي سرڪار مونکي فلحال اجازت نه ٿي سنڌ ڏانهن اچڻ جي، چون ٿا ته 2010 جي اپريل تائين توکي هتي رهڻو پوندو، يا وري ويزا ڪينسل ڪرائي پوءِ ڀلي وڃي اتي رهه،

    باقي ادي نثار واري صلاح تي مون عمل ڪيو شاهه ۽ سچل جو راڳ به ٻڌو پر تڏهن ته ڇڪ اڳوپو وڌڻ لڳي، پوءِ بس هتي سنڌونگر ۾ هڪ پوڙهي کي پڪتو جنهن کان مان وري پراڻي سنڌ جو حال احوال وٺڻ لڳس هن پوڙهي جوان جي عمر لڳ ڀڳ 94 سال آهي، پر پوءِ به اهڙو لڳندو آهي ڄڻ 50 سالن هو هجي، هن مونکي سکر ۽ لاڙڪاڻي جو اهڙو ته احوال ڏنو جو بس، بدلي ۾ مون هن کي پنهنجي ipod ۾ عابده پروين جا ڪلام ٻڌرايا.

    اشفاق آذر جي غزل ڪمال جي آهي. هن ته اصل جيءُ ئي جهوڙي ڇڏيو
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو