
سنڌ جي تاريخ ۾ سائين جي ايم سيد کانسواء شايد ئي ڪنهن اهڙي شخصيت جنم ورتو هجي جنهن پنهنجي سموري عمر سنڌ کي ارپي ڇڏي هجي۔ عالم ، اديب ، ليکڪ ، تنقيد نگار، محقق ۽ مزاحمتي لکڻين کانسواء سنڌ جي علحدگيء جي تحريڪ لاء پاڻ ارپيندڙ سائين جي ايم سيد جي اڄ سورهين ورسي آهي۔ سنڌ سلامت جو سمورو سٿ هن موقعي تي سائين جي ايم سيد کي سلام پيش ٿو ڪري۔
سندس زندگي ۾ ڪجهه غلط فيصلن وارو پهلو به شامل آهي پر انهي کان هٽي ڪري سائين جي زندگي جي ٻين رخن تي نظر وجهبي ته عظيم فڪري درسگاهه سميت ڪيتريون ئي بهترين واٽون نظر اچي وينديون، جن تي هلڻ ۽ عمل ڪرڻ سان سنڌ کي خوشحالي جي طرف وٺي وڃي سگهجي ٿو۔ سنڌ جي درسگاهه سن مان ماڻهن کي گهڻيون اميدون وابسته هيون پر سيد جي موت سان هيء تحريڪ به ماٺآر جو شڪار ٿي وئي۔ سائين 60 کان وڌيڪ ڪتابن جو ليکڪ هجڻ سان گڏ صوفي ازم جو وڏو عالم پڻ هو۔
سائين جي شخصيت تي لکڻ لاء ان پائي جو ڪو اديب ئي لکي سگهي ٿو ڇو ته قلم مونسان ساٿ ڪونه ٿو ڏي ، سيد تي لکڻ سج سان اکيون ملائڻ جي برابر آهي۔ اهو سيد جنهن جي رڳ رڳ ۾ سنڌ ۽ سنڌ سان پيار سمايل هو۔ سائين جي ايم سيد جي فڪر ۾ سنڌ سميت پوري دنيا لاءِ امن ۽ اخوت سمايل آهي ۽ سندس لکڻيون عالم کي جهيڙا جهٽا ڇڏي، قرب ۽ محبت سان رهڻ جو درس ڏين ٿيون. اسان کي اميد آهي ته سنڌ جو نوجوان نسل سائين جي ايم سيد جي فڪر تي عمل ڪندي سنڌ سميت پوري دنيا ۾ امن جي قيام لاءِ جاکوڙ ڪندو!
سائين جي ايم سيد جو هر ڪتاب فڪر سان ڀريل آهي پر هتي مان سندس ڪجهه قول ونڊ ڪري رهيو آهيان۔
سائين جي ايم سيد جا قول
قومون، عقيدن ۽ نظرين تي جنم ناهن وٺنديون، پر وطن، زبان، تهذيب، جاگرافي حدن ۽ اقتصادي بنيادن تي ٺهنديون آهن.
بلاشڪ اهڙن ماڻهن کي اصل معاف نه ڪرڻ گهرجي، جيڪي غلط ڪم ڪري پوءِ به پڇتائين ڪونه ٿا.
ڪمزور، بزدل، بيوقوف ۽ غدار ۾ تميز هئڻ ضروري آهي.
جيڪا ڳالهه زوري مڙهي ويندي آهي اها پائيدار نه هوندي آهي.
جيسين اسان جي ڪارڪنن جو اخلاق درست نه ٿيندو تيسين هو ڪجهه به ڪري نه سگهندا.
مون وٽ ته ڇا پر ڪنهن وٽ به ڪا ”نئين شيءِ“ ڪو نه آهي، اهي سڀ پراڻيون شڪليون آهن جن کي نئين نموني ۽ نئين انداز سان ورجايون ٿا.
هر اها ڳالهه ڪريو جيڪا ڪري سگهو اوهان ”غلام“ آهيو. اوهان جو حڪومت تي ڪو به ”دٻاءَ“ يا ”اثر“ نه پوندو.
اقتصاديات کي درست ڪرڻ سان ئي انصاف درست ٿيندو.
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: