مان ٽٽل خوابن، وکريل تعبيرن، رُٺل بهارن ۽ آواز بنا سازن جو ليکڪ آهيان - امر جليل

'سنڌي ادب' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏25 اپريل 2011۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,882
    ورتل پسنديدگيون:
    27,213
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [JUSTIFY]آتم ڪٿا، آتم ڪهاڻي، آٽو بايو گرافي لکڻ لاءِ ڪو خاص سبب سمجھه ۾ نه آيو آهي. ڪو غير معمولي ڪارنامو سرانجام نه ڏنو اٿم. ٽيليفون ايجاد نه ڪئي اٿم. بجليءَ جو بلب نه ٺاهيو اٿم. آگبوٽ نه ٺاهيو اٿم. ريل گاڏي نه ٺاهي اٿم، ماڻهن کي مارڻ لاءِ بم ۽ بندوقون نه ٺاهيون اٿم. حياتي بچائڻ لاءِ ڪارٽيزون جھڙيون دوائون ايجاد نه ڪيون اٿم. ڪجھه به ته نه ڪيو اٿم! مان ته ٽچ بٽڻ ۽ ٽاچني به ٺاهي نه سگھيو آهيان! ريڊيو ۽ ٽيليوزن ته پري جي ڳالهه آهي، مان ته مس ۽ مس ڪُپڙي به ٺاهي نه سگھيو آهيان. نه ڪو ملڪ فتح ڪيو اٿم، نه وڻ پوکايا اٿم، ۽ نه کوهه کوٽايا اٿم، ۽ نه ئي اڻ آرين کي آريو ڪيو اٿم. ته پوءِ ڇا جي ڪري آتم ڪٿا ٻڌائڻ تي سندرو ٻڌو اٿم! ڪوشش جي باوجود سهڻيءَ جو ميهار، ۽ نه ئي سسئيءَ جو پنهون ٿي سگھيو آهيان. نه ليلى جو قيس ٿي فراق جو رڻ وڃي وسايم، ۽ نه ئي شيرين جو فرهاد ٿي تيشي سان خودڪشي ڪيم. نه ڪَوي ڪاليداس ٿيس، ۽ نه ئي گوتم جو گياني ڀڪشو آنند ٿي سگھيم. دل جي ڪينواس تي دز چڙهي ويئي. مان ڊوانچي، وان گوگ، پڪاسو، شاڪر علي، ۽ صادقين ٿي نه سگھيس. برش سڪي ويا، رنگن پنهنجو رنگ وڃائي ڇڏيو. هڪ رنگ سڀني رنگن تي حاوي ٿي ويو، ڪفن جو رنگ، سفيد رنگ!

    مان نه راڳ ملهار جو موجد ٿي سگھيس، ۽ نه ديپڪ راڳ جو راڳي. نه باهه لڳائي سگھيس، ۽ نه ئي لڳل باھه کي برسات سان وسائي سگھيس. مون ستن سرن لاءِ سين هنئين هئي. ديوتائن مون کي اٺين سُر ۾ آلاپ جو پاراتو ڏيئي ڇڏيو. مون ڪهڙي کيپ کٽي آهي جو آتم ڪٿا لکڻ ويهي رهيو آهيان! ڇا ڪيو اٿم؟ لهي ويل سج کي ڪڏهن چاڙهيو اٿم؟ چنڊ جي چهري تان داغن کي ڊاهيو اٿم؟ ايامن جي سڏ کي ورايو اٿم؟

    مان ٽٽل خوابن، وکريل تعبيرن، رُٺل بهارن ۽ آواز بنا سازن جو ليکڪ آهيان. مان لفظن ۽ جملن جو قافلو ڪاهي رڻ ۾ مفهوم جي رُڃ پٺيان تعاقب ۾ رُلندو آهيان. حاصل ۽ لاحاصل جي وچ ۾ ڀٽڪندو آهيان. مان تسڪين خاطر نه، بلڪه وجود جي مڪمل احتجاج مان اڇل کائي لکندو آهيان. لکڻ لاءِ مون کي بهارون متاثر نه ڪنديون آهن. مان سرءُ جا سڪل پن ڏسي لکندو آهيان. چانڊوڪي رات مون کي اداس، ۽ منهنجي دل کي وياڪل ڪري ڇڏيندي آهي. تنهن ڪري، چوڏهينءَ جي رات مون کي سمنڊ جي بيچيني سمجھه ۾ ايندي آهي. مون ڦٿڪندڙ لهرن تي نثر ۾ مرثيه ۽ نوحا لکي ڇڏي ڏنا آهن. جبلن سان ٽڪرائجي ٻڏي ويل جھاز جي تختن تي سفر ڪندڙ بيباڪ وارث وچ سمنڊ ۾ منهنجا نثر ۾ مرثيه ۽ نوحا پڙهندا، ۽ بي معنى لفظن ۽ جملن جي تھه مان معنى ڪڍي وٺندا.

    مان ٽئين دنيا جي هڪ اقتصادي، سماجي، ۽ سياسي طرح ڏتڙيل ملڪ جو توائي ليکڪ آهيان. سو به غير قومي زبان جو ليکڪ! ٽئين دنيا جي ڪنهن ملڪ ۾ لکڻ، خاص طرح سان اقتصادي ۽ سياسي طرح تباهه حال ملڪ ۾ لکڻ خودڪشيءَ برابر آهي. مان گذريل ٽيهن ٻٽيهن سالن کان مسلسل خودڪشي ڪري رهيو آهيان. جنهن ملڪ ۾ خفيه ايجنسين جو ڄار وڇايل هجي، ۽ قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن جي نالي ۾ سونهن، سوچ ۽ اظهار جي آزاديءَ جي ناڪه بندي ٿيل هجي، تنهن معاشري ۽ ملڪ ۾ لکڻ جک مارڻ آهي. مون کي ڪڏهن ڪڏهن ائين محسوس ٿيندو آهي، مان لکڻ بدران ڄڻ ڪنهن سرڪس ۾ موت جي کوھه ۾ موٽر سائيڪل هلائي رهيو آهيان. يا، سري لنڪا جي سپيري وانگر شيشي جي ديوارن درميان هڪ سؤ چاليھه زهريلن نانگن سان جيئرو رهڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهيان. مون کي ڪاريهر جي مٿي مان مڻ ڪڍڻي آهي.

    سچ پُڇو آتم ڪٿا لکڻ لاءِ مون کي اڃا به، ڪو سبب سمجھه ۾ نه آيو آهي. ڪجھه دوستن جو خيال آهي ته ضمير متڪلم ۾ لکيل منهنجيون ڪهاڻيون، گھڻو ڪري، منهنجي عملي تجربي ۽ مشاهدي جو عڪس آهن. هڪ لحاظ کان هر ڪهاڻي منهنجي آتم ڪٿا جو هڪ چيپٽر آهي. پر، مان سمجھان ٿو، ائين نه آهي. مان سندن رايي سان متفق نه آهيان. ڪهاڻيون تخليقي عمل آهن. هڪ ليکڪ معاشري مان ڪردارن کي چونڊي، ڇنڊي ڇاڻي، ڪجھه ڪردارن کي تخليق ڪري معاشري تي پنهنجي احتجاج جي ڇاپ ڇڏيندو آهي. هو ڊفينس آف پاڪستان رولز، ۽ سيفٽي اڪيٽ جھڙن جڙتو، ۽ هٿ ٺوڪين ۽ ساهه سڪائيندڙ قانونن خلاف بغاوت ڪرڻ لاءِ اتساهه ڏياريندڙ ڪردار خلقيندو آهي. قلم کي سڌو سنئون ڪلاشنڪوف جي منهن ۾ ڏيئي ڇڏيندو آهي. هو ناممڪن کي ممڪن ڪري ڏيکاريندو آهي. هڪ ڪهاڻي تاريخ کي بنيادي مواد وانگر استعمال ڪندي آهي. تنهنڪري منهنجيون ڪهاڻيون منهنجي آتم ڪٿا نه آهن. منهنجيون ڪهاڻيون سماجي، اقتصادي، ۽ سياسي ناهمواري، ڏڦيڙ، ۽ ويساهه گھاتين ۾ رهندڙ، جيئندڙ، ۽ مرندڙ ماڻهن جو تحريري دستاويز آهن.

    سندن احتجاجن، بغاوتن، ۽ ويڙھه جي گواهي آهن. آتم ڪٿا، آتم ڪهاڻي، آٽو بايوگرافيءَ کان مان هڪ شخص جي ذاتي، مخفي ۽ شخصي تاريخ سمجھندو آهيان.
    [/JUSTIFY]
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عبدالحڪيم راڄڙ

    عبدالحڪيم راڄڙ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    111
    ورتل پسنديدگيون:
    34
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    238
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    Sachal Goth, Karachi
    جواب: مان ٽٽل خوابن، وکريل تعبيرن، رُٺل بهارن ۽ آواز بنا سازن جو ليکڪ آهيان - امر جلي

    ادا سليمان تمام سٺي ونڊ آهي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ اميد ڪيون ٿا ته امر جليل جي ۔۔۔۔۔۔۔۔لکيل مضمون کان اسان نوجوان کي آغاه ڪندا هلندو۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔​
     
  3. نويد احمد ڪلوڙ

    نويد احمد ڪلوڙ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏6 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    468
    ورتل پسنديدگيون:
    206
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    253
    ڌنڌو:
    ڪنٽري مينيجر، سماجي ورڪر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي سنڌ
    جواب: مان ٽٽل خوابن، وکريل تعبيرن، رُٺل بهارن ۽ آواز بنا سازن جو ليکڪ آهيان - امر جلي

    ادا تمام بهترين ونڊ آهي امر جليل جو ڪو به مضمون هجي سو پنهنجو مٽ پاڻ هوندو آهي ڪهڙي ڳاله ڪجي امر جليل جي هڪ نالو سهڻو بيو شخصيت محبت ڀري۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
     
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,882
    ورتل پسنديدگيون:
    27,213
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: مان ٽٽل خوابن، وکريل تعبيرن، رُٺل بهارن ۽ آواز بنا سازن جو ليکڪ آهيان - امر جلي

    لکڻ جو انداز لاجواب آهي۔۔۔۔

    نثر لکڻ ته ڪو امر جليل کان سکي
     
  5. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,876
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: مان ٽٽل خوابن، وکريل تعبيرن، رُٺل بهارن ۽ آواز بنا سازن جو ليکڪ آهيان - امر جلي

    امر جليل لکت ۾ پاڻ ئي اقرار ڪيو آهي ته هن ڪو خاص وڏو ڪارنامو ناهي ڪيو، پر امر جليل کي ڪير ٻڌائي ته جڏهن اندوهناڪ انڌيرو هجي ته ان ۾ هڪ تيلي ٻارڻ به وڏو ڪارنامو هوندو آهي، جڏهن ظلم ايترو جو ماڻهن جا وات سبيل هجن ان وقت زبان مان هڪ حق جو ڪلمو چوڻ به ڪارنامو هوندو آهي، جڏهن انسان وحشي درندن جيئان سامهون هجن ۽ انهن جي اکين ۾ اکيون ملائڻ به ڪارنامو هوندو آهي ۔۔۔

    امر جليل پنهنجي قلم ذريعي سنڌ جي انڌير نگري ۾ ڪڏهن ڪڏهن تيليون ٻاريندو رهندو آهي، اهو ئي سندس جو اسان لا ڪارنامو اهي ۔۔۔ انڪري ئي هو امر آهي ۔۔۔

    سلام سنڌ جي ڏاهن کي ۽ سنڌ جو سور سيني ۾ سانڍي سنڌين کي سڌي راه ڏيکارڻ وارن کي

    لک ٿورا دوست سليمان
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو