تازو ڪجهه وقت اڳ ئي فيس بوڪ وارن ڪجهه اپڊيٽس ڪندي يوزر پروفائيل سان گڏو گڏ تصويرن کي ڏيکارڻ جو به هڪ نئون انداز رکيو ۔۔ جيڪو ڪاري پاپ اپ سان تصوير جو ظاهر ٿيڻ ۽ هيٺ ان تي آيل ڪمينٽس جي نظاري تي مشتمل هو۔۔۔ يعني ڪجهه هن طرح۔۔۔
ادا سليمان جيڪو فيس بوڪ تي تصويرون اپلوڊ ڪرڻ کان پوءِ تصويرن جي جي يو آر ايل کي ڪاپي ڪري سنڌ سلامت تي لڳائڻ جو عادي ٿيل هو۔۔۔ کي فيس بوڪ جي هي اپڊيٽ اصل نه وڻي جو ان طرح تصوير جي يو آر ايل کي ڪاپي ڪرڻ ڏکيو هيو۔۔۔
پاڻ جڏهن مون کان سوال ڪيائين ته مون کيس تصويرون جي لوڪيشن کڻڻ جو تڪڙو طريقو ٻڌايو ته صحيح پر شايد هو سمجهي نه سگهيا۔۔۔ اصل ۾ اهو نظارو مون کي به نه وڻندڙ لڳو ان ڪري ان جو ڪو تڪڙو حل جانچيم۔۔۔ ۽ ٿوري جستجو کان پوءِ مسئلو حل ٿي ويو۔۔۔
توهان ڪنهن به تصوير تي ڪلڪ ڪريو ۔۔۔ جڏهن اها ان ڪاري پاپ اپ ۾ ظاهر ٿي وڃي ته برائوزر جي ايڊريس بار ڀرسان ريفريش بٽڻ کي دٻايو يا وري ڪيبورڊ تان f5 پريس ڪريو۔۔۔ هن دفعي جڏهن صفحو تازو ٿي ورندو ته تصوير جو لي آئوٽ اهو ئي پراڻو ڪلاسڪ هوندو۔۔۔ جيڪو پهرين کان بهتر ۽ اميج لوڪيشن ڪاپي ڪرڻ لاءِ انتهائي آسان۔۔۔
چيڪ ڪريو۔۔۔ آزمائيش شرط آهي۔۔