فيس بڪ جي پراڻي تصويري لي آئوٽ تي واپسي ڪيئن ڪجي۔۔۔ ؟

'فيس بوڪ' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏26 اپريل 2011۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    تازو ڪجهه وقت اڳ ئي فيس بوڪ وارن ڪجهه اپڊيٽس ڪندي يوزر پروفائيل سان گڏو گڏ تصويرن کي ڏيکارڻ جو به هڪ نئون انداز رکيو ۔۔ جيڪو ڪاري پاپ اپ سان تصوير جو ظاهر ٿيڻ ۽ هيٺ ان تي آيل ڪمينٽس جي نظاري تي مشتمل هو۔۔۔ يعني ڪجهه هن طرح۔۔۔

    [​IMG]

    ادا سليمان جيڪو فيس بوڪ تي تصويرون اپلوڊ ڪرڻ کان پوءِ تصويرن جي جي يو آر ايل کي ڪاپي ڪري سنڌ سلامت تي لڳائڻ جو عادي ٿيل هو۔۔۔ کي فيس بوڪ جي هي اپڊيٽ اصل نه وڻي جو ان طرح تصوير جي يو آر ايل کي ڪاپي ڪرڻ ڏکيو هيو۔۔۔
    پاڻ جڏهن مون کان سوال ڪيائين ته مون کيس تصويرون جي لوڪيشن کڻڻ جو تڪڙو طريقو ٻڌايو ته صحيح پر شايد هو سمجهي نه سگهيا۔۔۔ اصل ۾ اهو نظارو مون کي به نه وڻندڙ لڳو ان ڪري ان جو ڪو تڪڙو حل جانچيم۔۔۔ ۽ ٿوري جستجو کان پوءِ مسئلو حل ٿي ويو۔۔۔

    توهان ڪنهن به تصوير تي ڪلڪ ڪريو ۔۔۔ جڏهن اها ان ڪاري پاپ اپ ۾ ظاهر ٿي وڃي ته برائوزر جي ايڊريس بار ڀرسان ريفريش بٽڻ کي دٻايو يا وري ڪيبورڊ تان f5 پريس ڪريو۔۔۔ هن دفعي جڏهن صفحو تازو ٿي ورندو ته تصوير جو لي آئوٽ اهو ئي پراڻو ڪلاسڪ هوندو۔۔۔ جيڪو پهرين کان بهتر ۽ اميج لوڪيشن ڪاپي ڪرڻ لاءِ انتهائي آسان۔۔۔

    چيڪ ڪريو۔۔۔ آزمائيش شرط آهي۔۔
     
  2. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: فيس بڪ جي پراڻي تصويري لي آئوٽ تي واپسي ڪيئن ڪجي۔۔۔ ؟

    سائين تمام بهترين ڏس آهي۔۔۔۔ ان کان علاوه دوست ان تصوير جي لنڪ تي رائٽ ڪلڪ ڪري نئين ٽيب يا نئين پيج تي کولي به پراڻي لئي آئوٽ جو مزو ماڻي سگهن ٿا۔۔۔۔​
     
  3. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: فيس بڪ جي پراڻي تصويري لي آئوٽ تي واپسي ڪيئن ڪجي۔۔۔ ؟

    بلڪل ادا ان مسئلي جي ڪري ڪافي سنگت پريشان هئي توهان هڪ آسان حل ٻڌائي اصل قرب ڪري ڇڏيا

    تمام بهترين حل آهي

    سدائين گڏ
     
  4. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: فيس بڪ جي پراڻي تصويري لي آئوٽ تي واپسي ڪيئن ڪجي۔۔۔ ؟

    هائو يار! رشيد اهو ڪم ڀلو ڪيو اٿئي ۔۔۔ بس ائين سائين سليمان کي مشڪلاتون اينديون ۽ تيئن ئي اسانجا مسئلا به حل ٿيندا رهندا ۔۔۔ هڪ ڪم ٻه ڪاج ۔۔۔ سليمان به خوش اسين به راضي ۔۔۔ واه واه
     
  5. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: فيس بڪ جي پراڻي تصويري لي آئوٽ تي واپسي ڪيئن ڪجي۔۔۔ ؟

    دوستو هي ته ڪم زبردست ٿي ويو، واقعي آءُ به ان مسئلي جو شڪار هوس، ڪاپي سورس
     
  6. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: فيس بڪ جي پراڻي تصويري لي آئوٽ تي واپسي ڪيئن ڪجي۔۔۔ ؟

    سائين طريقو بهترين آهي۔۔پر ڪنهن به تصوير کي پُراڻي حالت ۾ ڏسڻ جي لا مان ته تصوير تي رائيٽ ڪلڪ ڪري اوپن نيو پيج ڪري ڏسندو آهيان۔۔۔تنهن سان تصوير جي يو آر ايل به سهي ڪاپي ٿيندي آهي۔
     
  7. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: فيس بڪ جي پراڻي تصويري لي آئوٽ تي واپسي ڪيئن ڪجي۔۔۔ ؟

    ادا رشيد مهرباني

    واهه جو ڪم ڪري ڇڏيو اٿئي يار۔ پهريون طريق جيڪو مان اختيار ڪيو هو ان سان ڪم ته هلي ويندو هو پر ٿورو وڌيڪ وقت لڳي ويندو هو۔ خير منهنجي ڪري گهڻن دوستن جو مسئلو حل ٿي ويو۔ اوهان جي وقتائتي ۽ ڪم واري ونڊ لاء اوهان جون مهربانيون۔


    ادا عاشق مهرباني

    اوهان واري ڏسيل طريقي سان به ڪم صحيح پيو ٿئي۔ اوهان جا به ٿورا
     
  8. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    جواب: فيس بڪ جي پراڻي تصويري لي آئوٽ تي واپسي ڪيئن ڪجي۔۔۔ ؟

    سائين اوهان کي سنڌين ۽ ميمبرس جو ڪيترو اونو آهي ان جو اندازو هن ڪاوش مان ظاهر آهي۔ جڏنهن به سنڌسلامت جي ميمبرز کي ڪو مسئلو پيش آيو آهي ته اوهان ان جو حل ڪڍي ڏنو آهي۔ سليمان صاحب به مختلف وقتن تي اهڙيون ٽپس ڏيندو رهندو آهي۔
    اميد ته اهي مهربانيون جاري رهنديون۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو