ڊيسڪٽاپ ريڪوري ۽ اسڪيننگ جو مسئلو

'پڇڻا نه منجهڻا' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏26 اپريل 2011۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    دوستو منهنجي ڪمپيوٽر سان هي مسئلو آهي جو اچانڪ لائيٽ وڃڻ کانپوء جڏهن ڪمپيوٽر اسٽارٽ ڪبو آهي ته هميشه اسڪيننگ هلندي آهي۔ پر منهنجو ڪمپيوٽر اسڪيننگ ڪونه ٿو ڪري ۽ ڊائريڪٽ آن ٿي وڃي ٿو۔ اهو آپشن ڪٿي هوندس ته بجلي وڃڻ جي صورت ۾ يا ڪنهن جهٽڪي جي ڪري جيڪڏهن سسٽم آف ٿئي ته ٻيهر اسٽارٽ ڪرڻ وقت اسڪيننگ هلي۔

    ٻيو ته ڊيسڪٽاپ به ڪجهه عجيب غريب پيو نظر اچي۔ اصل اڇو ئي اڇو ٿي ويو آهي۔ ري اسٽور ڊيسڪ ٽاپ تي ڪلڪ ٿو ڪيان ته به ڪو فرق ڪونه پيو اچي۔ هي ڏسو هن تصوير ۾ :

    [​IMG]

    ڪو سولو ۽ آسان حل ٻڌائيندا ته اوهان دوستن جا ٿورا
     
  2. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: ڊيسڪٽاپ ريڪوري ۽ اسڪيننگ جو مسئلو

    نو ڪري ري اسٽور ڊيسڪ ٽاپ ڪريو ان شاءَ الله حل ٿي ويندو۔
     
  3. ابو واصف

    ابو واصف
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جولائي 2009
    تحريرون:
    266
    ورتل پسنديدگيون:
    386
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    ڌنڌو:
    سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ ۾ ڪمپيوٽر آپريٽر
    ماڳ:
    لطيف آباد نمبر4، حيدرآباد
    جواب: ڊيسڪٽاپ ريڪوري ۽ اسڪيننگ جو مسئلو

    ادا! منهنجو خيال آهي ته اوهان جو انٽرنيٽ ايڪسپلورل خراب ٿي چڪو آهي، اوهان هيئن ڪريو جو ونڊوز ايڪس پي جي بوٽ ايبل سي ڊي لڳايو، جنهن کان پو اوهان کي جيڪي آپشن ڏئي، انهن مان هيٺ ڏيکاريل تصوير تي ڪلڪ ڪريو ۽ پو وري نيڪسٽ ڪندا ته ٿوري دير ۾ اوهان جو ايڪسپلورل سي ڊي مان ڪاپي ٿي ويندو۔

    [​IMG][/center][/img]

    اڃا به جيڪڏهن مسئلو حل نه ٿئي ته پو انٽرنيٽ ايڪسپلورل جو 7 يا 8 ورزن الڳ سان انسٽال ڪريو، ته اوهان جو مسئلو حل ٿي ويندو۔
     
  4. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: ڊيسڪٽاپ ريڪوري ۽ اسڪيننگ جو مسئلو

    ادا ابو واصف! بهترين معلومات ڏيڻ تي اوهان جا ٿورائتا آهيون۔۔۔
     
  5. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: ڊيسڪٽاپ ريڪوري ۽ اسڪيننگ جو مسئلو

    پاڻ کي به ادي آصف جي رهنمائي مان فائدو رسيو، اميد آهي ته ادا سليمان جن جو مسئلو ضرور حل ٿي ويندو۔
     
  6. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: ڊيسڪٽاپ ريڪوري ۽ اسڪيننگ جو مسئلو

    ڊيسڪٽآپ ريڪوري جو مسئلو ته حل ٿي ويو۔ اوهان دوستن جي ڏسيل طريقي سان نه پر پاڪستاني طريقي سان ٿيو۔ هڪڙي فوٽو تي رائيٽ ڪلڪ ڪري ان کي سيو ايز ڊيسڪٽاپ والپيپر ڪرڻ سان ڪم ٿي ويو۔ پر هڪ اهم مسئلي جو حل ڏسيو :

     
  7. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: ڊيسڪٽاپ ريڪوري ۽ اسڪيننگ جو مسئلو

    مطلب توهان چاهيو ٿا ته جڏهن ڪمپيوٽر ان پراپر شٽ ڊائون ٿئي ته اسٽارٽ اپ ۾ اسڪين ڊسڪ هلائي۔۔۔ حالانڪه اهو ونڊوز جو ڊيفالٽ آپشن اڳ ئي رکيل هوندو آهي ۽ منهنجا اڪثر دوست ان آپشن مان تنگ هوندا آهن جو جيسيتائين ڪمپيوٽر اسڪينگ ڪري تيسيتائين بجلي ٻيهر هلي ويندي آهي۔۔۔ ان ڪري هو اسڪيننگ شروع ٿيڻ سان ئي ڪيبورڊ جي ڪنهن بٽڻ کي دٻائي اسڪيننگ ختم ڪري ڇڏيندا آهن۔۔۔ حالانڪه ان کان مون کين ڪئي دفعا روڪيو به آهي جو اسڪيننگ نه ٿيڻ ڪري ڪافي سارا ايررس جن مان هڪ توهان طرفان ٻڌايل ايرر به شامل آهي ايندو آهي۔۔۔
    خير هتي آئون توهان کي اهو سيکاريندس ته اسڪين ڊسڪ کي ڊيفالٽ طور ڪيئن سيٽ ڪجي جيئن ڪمپيوٽر شروع ۾ اسڪيننگ ڪري يا وري شروع ۾ اسڪيننگ کي ڪيئن ختم ڪجي۔۔۔ سڀ کان پهريان توهان رجسٽري جي هن ڪِي تي اچو۔۔۔

    HKEY_LOCAL_MACHINE\SYSTEM\CurrentControlSet\Control\Session Manager

    لڳي ٿو توهان الجهي ويو۔۔۔ ؟ ائين نه۔۔۔
    سائين مان ڳالهه ڪري رهيو آهيان رجسٽري ايڊيٽر جي ۔۔۔ !!! معنى منڍ کان سمجهائڻو پوندو۔۔۔ ؟؟ چڱو ڀلا سکو۔۔۔۔

    سڀ کان پهريان اسٽارٽ بٽڻ تي ڪلڪ ڪري رن پروگرام کوليو جتي regedit لکي ڪيبورڊ تان انٽر بٽڻ پريس ڪريو۔۔۔

    [​IMG]

    جنهن کان پوءِ منظر ڪجهه هن طرح نظر ايندو۔۔۔

    [​IMG]

    هاڻي HKEY_LOCAL_MACHINE. جي ڀرسان پلس جي نشان يعني [+] تي ڪلڪ ڪريو ته وري منظر ڪجهه هن طرح ٿي ويندو۔۔۔۔

    [​IMG]

    اهڙي نموني هاڻي توهان SYSTEM جي ڀرسان پلس کي ڪلڪ ڪريو وري CurrentControlSet جي ڀرسان واري پلس تي ڪلڪ ڪريو جنهن کان پوءِ Control جي ڀرسان واري پلس تي ڪلڪ ڪري Session Manager فولڊر تي ڪلڪ ڪريو۔۔۔ جنهن سان تصوير ڪجهه هي بيهندي۔۔۔

    [​IMG]

    هتي سامهون واري ونڊوز مان ٽيون نمبر واري فائيل BootExecute تي ڊبل ڪلڪ ڪريو۔۔ ته توهان جي سامهون ڪجهه هي ونڊو کلندي۔۔۔

    [​IMG]

    هتان autocheck autochk * اکرن کي مٽائي autocheck autochk /p \??\C: اکر لکو۔۔ ياد رهي ته اسپيسنگ جو خيال رکندا۔۔۔ بهتر ٿيندو ته توهان اهي اکر هتان ڪاپي ڪري وٺو ۔۔۔

    [​IMG]

    هاڻي OK پريس ڪريو۔۔۔ رجسٽري ايڊيٽر بند ڪريو۔۔۔ ۽ ڪمپيوٽر کي ريسٽارٽ ڪري وٺو۔۔۔

    [​IMG]
    جنهن کان پوءِ بجلي وڃڻ جي صورت ۾ توهان جو ڪمپيوٽر جڏهن به ٻيهر کلندو ته سڀ کان پهريان اسڪين ڊسڪ هلائي ايندڙ سمورن ايررس کي فڪس ڪندو ۽ ڊيسڪٽاپ تائين پهچندي پهچندي توهان جا سمورا مسئلا سڌا ٿي ويندا۔۔۔۔
    پر جيڪڏهن ڪي دوست چاهين ته اسڪين ڊسڪ کي مڪمل طور ختم ڪجي ته اهي Session Manager فولڊر منجهان BootExecute ڊبل ڪلڪ ڪري هي ڪوڊ autocheck autochk * پيسٽ ڪري ته انهن جو مسئلو حل ٿي ويندو...
     
  8. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: ڊيسڪٽاپ ريڪوري ۽ اسڪيننگ جو مسئلو

    سائين رشيد ۔۔۔۔۔۔۔۔ الله خوش رکئي يار واهه جو ڪم ٿي ويو

    سسٽم کي ري اسٽارٽ ڪري ڏٺم برابر اسڪين ڊسڪ هلي پئي۔ اوهان جي سمجهائڻ جو طريقو به سولو ۽ آسان آهي يا ته اسان کي به سمجهي ويا آهيو ته هي همراهه ڏاڍا حوالي ۽ ڊاڙي آهن باقي ڪمپيوٽر جي معاملي ۾ ڍلا ۽ صفا زيرو آهن۔ تنهنڪري اسٽارٽ کان شروع ڪري ڀلو ڪيو اٿو۔

    اميد ته هي شيئرنگ باقي دوستن جي به ڪم ايندي
     
  9. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    جواب: ڊيسڪٽاپ ريڪوري ۽ اسڪيننگ جو مسئلو

    ادا ڊيسڪٽاپ تي رائيٽ ڪلڪ ڪري پرپرٽيز ۾ وڃو۔ پو ڪسٽمائيذ ڊسڪٽاپ تي ڪلڪ ڪري ويب واري ٽيب تي وڃي باڪس ۾ جيڪي چيڪ لڳل آهن ان کي اَن چيڪ ڪريو۔
    رهي ڳاله اڪيننگ جي ته ان جو مطلب آهي ونڊو ۾ پرابلم آهي يا هارڊ ڊسڪ ۾ بيڊ سيڪٽر۔
     
  10. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: ڊيسڪٽاپ ريڪوري ۽ اسڪيننگ جو مسئلو

    ادا اصل صفا ڳالهه ڳاٽي پئجي وڃي ته پوءِ آخر ۾ مجبور ٿي رجسٽري آپريشن ٿيٽر جو رخ ڪندو آهيان۔
    بهترين سمجهاڻي۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو