جواب: ڊيسڪٽاپ ريڪوري ۽ اسڪيننگ جو مسئلو
مطلب توهان چاهيو ٿا ته جڏهن ڪمپيوٽر ان پراپر شٽ ڊائون ٿئي ته اسٽارٽ اپ ۾ اسڪين ڊسڪ هلائي۔۔۔ حالانڪه اهو ونڊوز جو ڊيفالٽ آپشن اڳ ئي رکيل هوندو آهي ۽ منهنجا اڪثر دوست ان آپشن مان تنگ هوندا آهن جو جيسيتائين ڪمپيوٽر اسڪينگ ڪري تيسيتائين بجلي ٻيهر هلي ويندي آهي۔۔۔ ان ڪري هو اسڪيننگ شروع ٿيڻ سان ئي ڪيبورڊ جي ڪنهن بٽڻ کي دٻائي اسڪيننگ ختم ڪري ڇڏيندا آهن۔۔۔ حالانڪه ان کان مون کين ڪئي دفعا روڪيو به آهي جو اسڪيننگ نه ٿيڻ ڪري ڪافي سارا ايررس جن مان هڪ توهان طرفان ٻڌايل ايرر به شامل آهي ايندو آهي۔۔۔
خير هتي آئون توهان کي اهو سيکاريندس ته اسڪين ڊسڪ کي ڊيفالٽ طور ڪيئن سيٽ ڪجي جيئن ڪمپيوٽر شروع ۾ اسڪيننگ ڪري يا وري شروع ۾ اسڪيننگ کي ڪيئن ختم ڪجي۔۔۔ سڀ کان پهريان توهان رجسٽري جي هن ڪِي تي اچو۔۔۔
HKEY_LOCAL_MACHINE\SYSTEM\CurrentControlSet\Control\Session Manager
لڳي ٿو توهان الجهي ويو۔۔۔ ؟ ائين نه۔۔۔
سائين مان ڳالهه ڪري رهيو آهيان رجسٽري ايڊيٽر جي ۔۔۔ !!! معنى منڍ کان سمجهائڻو پوندو۔۔۔ ؟؟ چڱو ڀلا سکو۔۔۔۔
سڀ کان پهريان اسٽارٽ بٽڻ تي ڪلڪ ڪري رن پروگرام کوليو جتي
regedit لکي ڪيبورڊ تان انٽر بٽڻ پريس ڪريو۔۔۔
جنهن کان پوءِ منظر ڪجهه هن طرح نظر ايندو۔۔۔
هاڻي
HKEY_LOCAL_MACHINE. جي ڀرسان پلس جي نشان يعني
[+] تي ڪلڪ ڪريو ته وري منظر ڪجهه هن طرح ٿي ويندو۔۔۔۔
اهڙي نموني هاڻي توهان
SYSTEM جي ڀرسان پلس کي ڪلڪ ڪريو وري
CurrentControlSet جي ڀرسان واري پلس تي ڪلڪ ڪريو جنهن کان پوءِ
Control جي ڀرسان واري پلس تي ڪلڪ ڪري
Session Manager فولڊر تي ڪلڪ ڪريو۔۔۔ جنهن سان تصوير ڪجهه هي بيهندي۔۔۔
هتي سامهون واري ونڊوز مان ٽيون نمبر واري فائيل
BootExecute تي ڊبل ڪلڪ ڪريو۔۔ ته توهان جي سامهون ڪجهه هي ونڊو کلندي۔۔۔
هتان
autocheck autochk * اکرن کي مٽائي
autocheck autochk /p \??\C: اکر لکو۔۔ ياد رهي ته اسپيسنگ جو خيال رکندا۔۔۔ بهتر ٿيندو ته توهان اهي اکر هتان ڪاپي ڪري وٺو ۔۔۔
هاڻي
OK پريس ڪريو۔۔۔ رجسٽري ايڊيٽر بند ڪريو۔۔۔ ۽ ڪمپيوٽر کي ريسٽارٽ ڪري وٺو۔۔۔
جنهن کان پوءِ بجلي وڃڻ جي صورت ۾ توهان جو ڪمپيوٽر جڏهن به ٻيهر کلندو ته سڀ کان پهريان اسڪين ڊسڪ هلائي ايندڙ سمورن ايررس کي فڪس ڪندو ۽ ڊيسڪٽاپ تائين پهچندي پهچندي توهان جا سمورا مسئلا سڌا ٿي ويندا۔۔۔۔
پر جيڪڏهن ڪي دوست چاهين ته اسڪين ڊسڪ کي مڪمل طور ختم ڪجي ته اهي
Session Manager فولڊر منجهان
BootExecute ڊبل ڪلڪ ڪري هي ڪوڊ
autocheck autochk * پيسٽ ڪري ته انهن جو مسئلو حل ٿي ويندو...