تحرير ۽ تحقيق : انجنيئر عبدالرزاق ميمڻ تازو " ساليوُوڊ پروڊڪشن، پبليڪيشن ۽ ريسرچ سينٽر نيوسعيدآباد سنڌ" ماڻهن جي ڪيفيت جي تبديلي تي هڪ سائنسي ريسرچ سروي ڪئي آهي ۽ ان سروي ڪري اسانکي ڏاڍا خطرناڪ نقطا مليا آهن جنهن کي اسان توهان سان شيئر ڪرڻ چاهيون ٿا جيئن اسان جي ڪيفيتن ۾ پئدا ٿيندڙ تبديلين جي اڀياس ڪري سوسائٽي کي ۾ هن وڌندڙ رُجهان سان جيڪو اسان کي اندران ئي اندان کاٽ هڻي اپاهج ۽ ڪينسر ۾ مُبتلا ڪري رهيو اهي اُن لا احتياطي تدبيرون وٺي سگهجن۔ ڇو جو حيرت انگيز طور هي تبديليون اسانجي ذهنيت جي نشو نما تي تيزي سان اثر انداز ٿي رهيون اهن۔ اڀياس ڪرڻ کان پو حيرت سان ڏٺو ويو آهي ته اسان جي ان ذهني پُستي ۽ ناسُور جو گهڻو ڪارڻ اڄ جي ان ڪنٽرولڊ ۽ آزاد ميڊيا، ۽ اُن تي ٿيندڙ بي لغام تبصرا، پروگرام ۽ اُن جا زور ڏئي گهڻ ڳالهائو اينڪر بڻيل آهن جيڪي زور سان ڳالهائي ۽ ڳالهارائي سائونڊ پوليوشن ڦهلائي سوسائٽي کي ذهني گندو ڪري رهيا آهن ۽ ماڻهن جي ٻُڌجڻ ۽ فيصلي ڪندڙ صلاحيتن ۽ قوتن کي ڪمزور ڪري رهيا آهن ۽ وڏي واڪ ڳالهائڻ جي صلاحيتن کي عقول، فهم، فيصلي جي قوتن جي حاوي ڪري رهيا آهن۔ جيڪي بل آخر انسان جي تباهي جو تيزي سان تباهي جو ڪارڻ بڻبي ماڻهو، دلائل ڏئي زور سان ڳالهائي پنهنجن ڪوڙن کي سچ ثابت ڪري معاشري جي نوي سيڪڙو گهٽ ۽ ڌيمي لهجي ۾ ڳالهه ڪندڙن تي حاوي ٿي ويندا ۽ سوسائٽي ۾ آواز جو پوليوشن وڌائيندا۔ ۽ جيڪڏنهن سِولائيزڊ ۽ مُهذب سوسائٽي جي ماڻهن کين يعني ان ڪنٽرولڊ ميڊيا ۽ اُنهن جي اينڪرن کي مُسلسل ائين ڪرڻ ڏنو ته ريزوننس پئدا ٿيندي ۽ زيرو فريڪُئنسي تي انهن ميڊيا ۽ اُنهن جي اينڪرن جي ڪري پورو مُعاشرو پولارائيزڊ ۽ پوليوشنڊ ٿي ويندو جيڪو پو ڪٽنبن کا وڌندو گهر گهر پُهچي ويندو ۽ اوهان جو اولاد به ان سائونڊ پوليوشن کان مُتاثر ٿي اوهانجي ڪنٽرول کان ٻاهر نڪري ويندو ۽ اوهان جو جنت ڀريو گهر به جهنم ٿي ويندو جيڪو اوهانجي ذهنن جي ڪيفت کي تبديل ڪندو، ۽ اوهان کان سُٺي ۽ خراب هُئڻ جي شناخت ڪرڻ کان ٻاهر ڌڪيلي ڇڏيندو۔ ۽ جڏنهن ميڊيا ۽ انهن انڪرن جي ذهنن ۾ پرورش پائيندڙ هي خطرناڪ احساس ڪمتري يا برتري جا تيزي سان پئدا ٿيندڙ ڪيڙا اوهان جي ذهنن تي اپروچ ڪري اُن ۾ وائرس ڀري ڇڏيندا ته سوسائٽي کي ڪنٽرول ڪرڻ جون تمام حدون اورانگهجندي ويندون ۽ هر ڪو شخس نه قانوني نقطن، ۽ نه ئي وري آپريٽنگ پروسيجرس تي عمل پيرا ٿيندو ۽ نه ئي ڪوئي جج صحيح فيصلا ڪري سگهندو ۽ نه ئي ڪو سچو ۽ صحيح انصاف سوسائٽي کي ملي سگهندو ۽ تمام سوسائٽي سائوڊ پويوشن ۾ ٽمٽار ٿي ويندي ۽ مُعاشرو گندي م گندو، نه سمجهندڙ ٿي پوندو ۽ گهڻ ڳالهائو ئي معاشري جو قانون بڻبو۔ سائونڊ پوليوشن سُپر اسپيڊ سان وڌندي ويندي ۽ مڙني هارڊ توڙي سافٽ مادن مان گُزري ماڻهن جي اندر جي ڪيمسٽري کي مُڪمل تباه ڪري ڇڏيندي ۽ ان جو ڪارڻ ان ڪنترولڊ ۽ آزاد ميڊيا ۽ اُن جا اينڪر ئي بڻبا جيڪي بل آخر پاڻ به اُن جو شڪار بڻبا يعني جنهن ٽاري کي ڪٽين پيا اُن تي پاڻ به ويٺل آهن ۽ پو اُهي صور اسرافيل عليه السلام کي جلد اچڻ جي دعوت ڏيندا۔ سائوڻڊ پوليوشن ايترو ايترو ته خطرناڪ آهي جو الله سائين کي به پوري دُنيا، جبلن وغيره کي ڪپهه ٺاهي پُرزا پرزا ڪرڻ لا حضرت اسرافيل عليه السلام کي صور اسرافيل فوڪڻ جو حُڪم ملندو۔ اها ان ڪنٽرولڊ ميڊيا ۽ ان ڪنٽرولڊ اينڪر جيڪا دانهون ڪُوڪن ۽ ڏاڍ کي بغير ڪنهن ڪنٽرول ايجاد جي يعني سائونڊ پوليوشن کي هڪ مخصوص ڪنڊ کان ڦهلائڻ ۾ رڌل آهي، مُعاشري ۾ سموڪ پوليوشن، ٽريفڪ ڪنجڪشن، ٽريفڪ نوائيز، انفليشن يعني منهنگائي جهڙا اشو ڏاڍ ۽ گوڙ سان ڪري انهن چيل پوليشن کي به وڌيڪ ڦهلائين ٿا ۽ سوسائٽي دس بيلنس ٿي پوي ٿي جنهنڪري مُعاشري ۾ ڏوهن جو ريشيو به وڌي ٿو۔ سڀني ماحول کي بهتر بنائڻ جي خواهشون رکڻ وارن کي اپيل ٿي ڪجي ته ڪنٽرولڊ انوائرنمينٽ جي صداقت کي تسليم ڪري ، انفرادي، اجتمائي ڪوششون وٺن ته وس وارا ميديا ۽ اُنهن جي اينڪرنس کي ڪنٽرول ۾ آڻين جيئن سائونڊ پوليوشن جلد پُر اثر نه ٿئي، حالانڪه اسان جو ايمان آهي ته بلا آخر ٿيندو ضرور ۽ صور اسرافيل به ڦونڪبي اهڙي طرح ،جهڙي طرح قيامت به ايندي ضرور پر وقت جي پروڙ ڪانهين پر اسان کي پو به جيترو ممڪن آهي مغاسري کي سنڀلجڻ م مدد ڏيڻ کپي۔
جواب: ماڻهن جي ڪيفيت جي تبديلي تي هڪ سائنسي ريسرچ هڪ اهم نقطي طرف ڌيان ڇڪايو آهي توهان۔۔۔ هن وقت پاڪستان جي مقابلي ۾ ٻاهرين ملڪن يا وري انڊيا کي ڏسجي ته انهن وٽ هتان جي مقابلي ۾ ڪافي سارا چينل آهن۔۔ فلمن جا چينل برايون ختم ڪرڻ بجاءِ وڌائي رهيا آهن ته وري خبرن وارا چينل هر منٽ کان ٻين چينلن کان گوءِ کٽڻ لاءِ بريڪنگ نيوز ڏيندا رهندا آهن۔۔۔ اهو سروي جي انڊيا ۾ به ڪرائجي ها ته يقينن اڃان وڌيڪ خطرناڪ نتيجا سامهون اچن ها ۔۔۔ پر هاڻي سوچجي ته عام ماڻهون ان سلسلي ۾ ڇا ٿو ڪري سگهي۔۔ شايد ان جي وس ۾ اهو به نه هجي ته هن تند تيز ماحول جي گرمي کي وسارڻ لاءِ ٿورو وقت جيڪو هو تفريح خاطر ٽي وي کي ڏئي رهيو آهي اهو به ختم ڪري۔۔۔ ۽ ائين ڪرڻ سندس لاءِ اڃان به خطرناڪ هوندو۔۔۔
جواب: ماڻهن جي ڪيفيت جي تبديلي تي هڪ سائنسي ريسرچ شايد ان ڪري لقمان عليه السلام به پنهنجي پٽ کي نصيحت ڪندي چيو: واغضض من صوتڪ ان انڪر الاصوات لصوت الحمير
جواب: ماڻهن جي ڪيفيت جي تبديلي تي هڪ سائنسي ريسرچ شايد ان ڪري لقمان عليه السلام به پنهنجي پٽ کي نصيحت ڪندي چيو: واغضض من صوتڪ ان انڪر الاصوات لصوت الحمير
جواب: ماڻهن جي ڪيفيت جي تبديلي تي هڪ سائنسي ريسرچ ادا طاهر سنڌي تمام ڀلو نقطو بيان ڪيو اٿو ليڪن بهتر ٿئي ها حضرت لقمان عليه السلام جهڙي پهتل انسان (پهتل انسان ان ڪري لکيو آهي جو تاريخ اسلام ۾ بحث ڪيو ويو آهي ته حضرت لقمان عليه السلام نبي هئو يا نه؟ بعض عالمن کيس نبي قرار ڏنو آهي بعض جو رايو آهي پاڻ نبي ته نه هئا ليڪن سندن مرتبو تمام بلند آهي) جي انهي نصيحت جو ترجمو ڪريو ها ڇو جو ڪافي اهڙا دوست فورم تي اچن ٿا جيڪي عربي زبان کان آگاه ناهن انهن لا اها نصيحت سمجهڻ ڏکي ٿي ويندي۔ اوهان جي اجازت سان آ ان جو ترجمو پيش ڪري رهيو آهيان۔ واغضض من صوتڪ ان انڪر الاصوات لصوت الحمير : ۽ پنهنجي آواز کي جهڪو ڪر ان ڪري جو بري کان برو آواز گڏه جو آواز آهي۔ يعني بلند آواز سان ڳالهائڻ سٺو نه آهي ڳالهائڻ ۾ گهڻو احتياط ڪرڻ کپي۔ انسان پنهنجي گفتار جي ذريعي سڃاتو ويندو آهي حضرت علي عليه السلام جو به هڪ نوراني جملو ملي ٿو ته صلاح الانسان في حفظ اللسان انسان جي ڀلائي سندس زبان جي حفاطت ۾ لڪل آهي۔ جيتري انسان زبان جي حفاظت ڪندو اوترو ان لا ڀلو آهي۔
جواب: ماڻهن جي ڪيفيت جي تبديلي تي هڪ سائنسي ريسرچ انسان جي سوچ جو انسان جي زندگي تي وڏو اثر ٿئي ٿو ۔ انسان جي سوچ سان ان جي جسم ۾ آٽونومڪ سسٽم متحرڪ ٿي وڃن ٿا ۔ انسان ۾ هزارين آٽونمڪ( خودڪار )سسٽم موجود آهن ۔ جن تي سوءِ ڪنهن عارف يا ولي الله جي ڪنهن جو لنٽرول ناهي هوندو جنهن لاءِ اڪثر ڪجه ماڻهن لاءِ چيو ويندو آهي ته هن تي موسمن جو ڪو اثر ڪونهي ٿيندو ۔ بحرحال اسان جي ٽي وي ڏسندا آهيون ته ان جي پٽي تي به بريڪنگ نيوز ايندي آهي ٿه سڄو توجه ان طرف چڪجي ويندو آهي ۔ ان ۾ ڪو شق ناهي ته انسان جي زندگي جي بيٽ ان جي پسگردائي جي ماحول سان جڙيل آهي ۔ جي ڪو ٻار ئي خوف و حراس ۾ وڏو ٿيندو آهي ته ان جي سوچڻ سمجهڻ جو صلاحيتون منجمند ٿي وينديو آهن ۔وس وارين اختيارِ ارباب کي ان طرف سوچڻ گهرجي ته جيئن انسان سوچ توڙي صحت کي مضر ماحول کان بچائي سگهجي ۔