نثارابڙو
نائب منتظم
14 آگسٽ جي ڏينهن تي آءُ پنهنجي پياري سائين تاجل بيوس جو هي گيت دوستن کي ياد ڏياريندس ... اسانجي مفڪرن جو رستو هڪ ته اسانجي نوجوانن جو رستو ٻيو، ڏسجي ته ڪير ٿو صحيح ثابت ٿئي ... نوجوان نسل يا اسانجا مفڪر يا اڃان به وقت چوي آءُ بادشاهه ...
هن ديس جي ماڻهوءَ ماڻهوءَ مان،
گل گل جي خوشبو آئي آ،
يا ٻاگهيءَ آ ڪو ٻار ڄڻيو،
يا دودي ٻانهن وڍائي آ.
اِهو سنڌ امڙ جو هاري آ،
جنهن باهه وساڻل ٻاري آ،
جنگ کرڙيءَ واري جاري آ،
اسان تڏهن ته سينڍ وڄائي آ.
جنهن ڪُن وڌا هَن ڪينجهر ۾،
جنهن موج ڀري آ منڇر ۾،
جنهن ڏار وڌا هن ڏونگر ۾،
سا شاهه لطيف جي وائي آ.
او مڪلي! تنهنجي مُرڪڻ تي،
هِن سڇ جي سورج اُڀرڻ تي،
ڏِس ڪيئن نه ڪراڙ جي اٿلڻ تي،
پيو جاڳي شاهه ڀٽائي آ.
هُو جابر آ، هي جوڌو آ،
هو ڌاريو آ، هي دودو آ:
اوهان ” بيوس“ جنهن کي سمجهيو
سو سنڌڙيءَ جو شيدائي آ.
*
گل گل جي خوشبو آئي آ،
يا ٻاگهيءَ آ ڪو ٻار ڄڻيو،
يا دودي ٻانهن وڍائي آ.
اِهو سنڌ امڙ جو هاري آ،
جنهن باهه وساڻل ٻاري آ،
جنگ کرڙيءَ واري جاري آ،
اسان تڏهن ته سينڍ وڄائي آ.
جنهن ڪُن وڌا هَن ڪينجهر ۾،
جنهن موج ڀري آ منڇر ۾،
جنهن ڏار وڌا هن ڏونگر ۾،
سا شاهه لطيف جي وائي آ.
او مڪلي! تنهنجي مُرڪڻ تي،
هِن سڇ جي سورج اُڀرڻ تي،
ڏِس ڪيئن نه ڪراڙ جي اٿلڻ تي،
پيو جاڳي شاهه ڀٽائي آ.
هُو جابر آ، هي جوڌو آ،
هو ڌاريو آ، هي دودو آ:
اوهان ” بيوس“ جنهن کي سمجهيو
سو سنڌڙيءَ جو شيدائي آ.
*