14 آگسٽ ۔۔۔تاجل بيوس

'سنڌي شاعري' فورم ۾ نثارابڙو طرفان آندل موضوعَ ‏14 آگسٽ 2009۔

  1. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    14 آگسٽ جي ڏينهن تي آءُ پنهنجي پياري سائين تاجل بيوس جو هي گيت دوستن کي ياد ڏياريندس ... اسانجي مفڪرن جو رستو هڪ ته اسانجي نوجوانن جو رستو ٻيو، ڏسجي ته ڪير ٿو صحيح ثابت ٿئي ... نوجوان نسل يا اسانجا مفڪر يا اڃان به وقت چوي آءُ بادشاهه ...

    هن ديس جي ماڻهوءَ ماڻهوءَ مان،
    گل گل جي خوشبو آئي آ،
    يا ٻاگهيءَ آ ڪو ٻار ڄڻيو،
    يا دودي ٻانهن وڍائي آ.

    اِهو سنڌ امڙ جو هاري آ،
    جنهن باهه وساڻل ٻاري آ،
    جنگ کرڙيءَ واري جاري آ،
    اسان تڏهن ته سينڍ وڄائي آ.

    جنهن ڪُن وڌا هَن ڪينجهر ۾،
    جنهن موج ڀري آ منڇر ۾،
    جنهن ڏار وڌا هن ڏونگر ۾،
    سا شاهه لطيف جي وائي آ.

    او مڪلي! تنهنجي مُرڪڻ تي،
    هِن سڇ جي سورج اُڀرڻ تي،
    ڏِس ڪيئن نه ڪراڙ جي اٿلڻ تي،
    پيو جاڳي شاهه ڀٽائي آ.

    هُو جابر آ، هي جوڌو آ،
    هو ڌاريو آ، هي دودو آ:
    اوهان ” بيوس“ جنهن کي سمجهيو
    سو سنڌڙيءَ جو شيدائي آ.
    *
     
  2. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    تمام بهترين گيت آهي سائين نثار ابڙا صاحب توهان شيئر ڪيو اسان سان سائين تاجل بيوس جو ،
    ان گيت ۾ گهڻو ڪجهه آهي
    لاجواب شيئرنگ آهي سائين ابڙا صاحب
    توهان جي اهڙي تحرير جو انتظار رهندو shal judy hujeen


    sindhsalamatsaathsal
     
  3. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    دل جا ٽڪڙا سائين ڦلپوٽا فقير ؛ مهرباني اوهانکي هي گيت پسند آيو ۽ اصل روح پڻ۔۔۔
    ٿورا
     
  4. زاهد سومرو

    زاهد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2009
    تحريرون:
    1,608
    ورتل پسنديدگيون:
    370
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو (سنڌ)
    زبردست شيئرنگ سائين نثار ابڙا صاحب۔۔۔ اصل عنايتون ڪري ڇڏيوَ
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو