• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

منهنجو جي ٿي پوي ها

جاويد نواز

سينيئر رڪن

غزل

منهنجو جي ٿي پوي ها
جيون ٺهي پوي ها

منهنجي سڄي عمر جو
ٿڪ ئي لهي پوي ها

خوشيون ۽ شادمانيون
رشتو جُڙي پوي ها

اُجڙي جو ويو دل جو
گلشن کلي پوي ها

دردن جي ڪهاڻي جو
قصو کُٽي پوي ها

مينهڙو ٿي محبت جو
مونتي وسي پوي ها

ديدون هون يڪو در ۾
جلدي اچي پوي ها

جاويد نواز

دعائن ۾ ياد
 
جواب: منهنجو جي ٿي پوي ها

پوءِ ته سائين واه واه ٿي وڃي ها ۔۔۔
جيڪڏهن هو منهنجو ٿي پوي ها ۔۔۔
اصل قرب ٿي وڃن ها ۔۔۔۔
نٽهڻ اس ۾ به نسيم پئي گهلي ها ۔۔۔
باهه جي ميدان م به گل گلزاري ٿي پوي ها

پر جي ائين ٿي پوي ها ۔۔۔


هوءَ منهنجي ٿي پئي آ، کيسي تي بار ٿي پئي آ

اڳ رهندو هيس دوستن سان گهڻو تڻو،
هاڻ سج لٿي ئي گهر پهچڻ جي ٿي پئي آ

کائيندو هيس، پيئندو هيس، سمهندو هيس،
هاڻ کائڻ، پيئڻ ۽ سمهڻ سندس جي مرضي آ۔

پائيندو هيس ڪپڙا نوان نڪور ۽ کنڀيل،
هاڻ گهر ۾ سرف جي هميشه ٿي ڪمي آ۔

فڪر نه ڪر عاشق، نه دل تي اثر وٺ،
اها ته زماني کان ئي عاشقن جي روش آ۔

ڀوڳن ۾
 
جواب: منهنجو جي ٿي پوي ها

ادا جاويد بهترين شاعري۔
دعا آهي ته اوهان گهڻي دير در ڏانهن نه واجهائيندا، هوءَ اچي ويندي، دل وڏي ڪريو۔
 
جواب: منهنجو جي ٿي پوي ها

پوءِ ته سائين واه واه ٿي وڃي ها ۔۔۔
جيڪڏهن هو منهنجو ٿي پوي ها ۔۔۔
اصل قرب ٿي وڃن ها ۔۔۔۔
نٽهڻ اس ۾ به نسيم پئي گهلي ها ۔۔۔
باهه جي ميدان م به گل گلزاري ٿي پوي ها

پر جي ائين ٿي پوي ها ۔۔۔


هوءَ منهنجي ٿي پئي آ، کيسي تي بار ٿي پئي آ

اڳ رهندو هيس دوستن سان گهڻو تڻو،
هاڻ سج لٿي ئي گهر پهچڻ جي ٿي پئي آ

کائيندو هيس، پيئندو هيس، سمهندو هيس،
هاڻ کائڻ، پيئڻ ۽ سمهڻ سندس جي مرضي آ۔

پائيندو هيس ڪپڙا نوان نڪور ۽ کنڀيل،
هاڻ گهر ۾ سرف جي هميشه ٿي ڪمي آ۔

فڪر نه ڪر عاشق، نه دل تي اثر وٺ،
اها ته زماني کان ئي عاشقن جي روش آ۔

ڀوڳن ۾

سائين !! ماشاءَ الله،، اوهان ته ڀوڳن ڀوڳن ۾ بهترين ڪوشش ڪئي آهي۔۔۔
 
جواب: منهنجو جي ٿي پوي ها

سائين نٽار صاحب اوهان ته اصل ۾ شاعر ٿي ويو واهه ڇا ته جواب آ مهرباني لک قرب
 
جواب: منهنجو جي ٿي پوي ها

ديدون هون يڪو در ۾
جلدي اچي پوي ها


ادا جاويد سٺي شاعري آهي
 
جواب: منهنجو جي ٿي پوي ها

پوءِ ته سائين واه واه ٿي وڃي ها ۔۔۔
جيڪڏهن هو منهنجو ٿي پوي ها ۔۔۔
اصل قرب ٿي وڃن ها ۔۔۔۔
نٽهڻ اس ۾ به نسيم پئي گهلي ها ۔۔۔
باهه جي ميدان م به گل گلزاري ٿي پوي ها

پر جي ائين ٿي پوي ها ۔۔۔


هوءَ منهنجي ٿي پئي آ، کيسي تي بار ٿي پئي آ

اڳ رهندو هيس دوستن سان گهڻو تڻو،
هاڻ سج لٿي ئي گهر پهچڻ جي ٿي پئي آ

کائيندو هيس، پيئندو هيس، سمهندو هيس،
هاڻ کائڻ، پيئڻ ۽ سمهڻ سندس جي مرضي آ۔

پائيندو هيس ڪپڙا نوان نڪور ۽ کنڀيل،
هاڻ گهر ۾ سرف جي هميشه ٿي ڪمي آ۔

فڪر نه ڪر عاشق، نه دل تي اثر وٺ،
اها ته زماني کان ئي عاشقن جي روش آ۔

ڀوڳن ۾

ڪمال ٿي ويو ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ صاف وارن اسان جا ته ٽپڙ ويڙهايا باقي اوهان کي سو هنن شاعر ڪري ڇڏيو ۔۔۔۔۔۔۔۔خير هڪ نئين شاعر جو اضافو ٿيو آهي۔ اوهان لاء شاعر ٿيڻ جي خوشيء ۾ ڪو نئون ٿريڊ ٺاهڻ گهرجي
 
جواب: منهنجو جي ٿي پوي ها

تمام بهترين غزل ادا جاويد
ڀوڳن ۾ سائين نثار صاحب اهڙي سٺي شاعري ڪئي آهي ته جائي ۾ ته حوش خطا ٿي ويندا
 
Back
Top