جاويد نواز
سينيئر رڪن
غزل
منهنجو جي ٿي پوي ها
جيون ٺهي پوي ها
منهنجي سڄي عمر جو
ٿڪ ئي لهي پوي ها
خوشيون ۽ شادمانيون
رشتو جُڙي پوي ها
اُجڙي جو ويو دل جو
گلشن کلي پوي ها
دردن جي ڪهاڻي جو
قصو کُٽي پوي ها
مينهڙو ٿي محبت جو
مونتي وسي پوي ها
ديدون هون يڪو در ۾
جلدي اچي پوي ها
جاويد نواز
دعائن ۾ ياد