ڇا توهان کان ونڊوز 8 جي اچڻ جو انتظار نه ٿو ڪيو وڃي۔۔۔ ؟

رشيد سمون

Founder
انتظامي رڪن
منتظمِ اعلى
جي اها ڳالهه آهي ۽ توهان کان به مون وانگر ونڊوز 8 جو وڌيڪ انتظار نه ٿو ڪٽجي ته ائين ڪيو جو پنهنجي ونڊوز 7 کي ونڊوز 8 جو لباس پارائي ڇڏيو۔۔۔ جيئن مون ڪيو آهي ۔۔۔ ان جو سبب اهو آهي ته مائڪروسافٽ وارن اڃان تائين ونڊوز 8 کي لانچ ڪرڻ جو فيصلو نه ڪيو آهي ان ڪري اندازو ڪري سگهجي ٿو ته ونڊوز 8 هاڻي 2012 ۾ رليز ٿيندي۔۔

پنهنجي ونڊز 7 کي نئون نظارو ڏيندي ونڊوز 8 جو ڪجهه مزو وٺي سگهجي ٿو ان لاءِ هيٺ ڏنل لنڪ تي ڪلڪ ڪريو۔۔ جتي موجود windows 8 transformation Pack توهان جي ونڊوز 7 ۾ هيٺ ڏنل تصويرن جيتري تبديلي ته ضرور ڪندو۔۔۔

windows8.jpg

ڊائونلوڊ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو۔۔۔

نوٽ: هي پيڪيج صرف ونڊوز 7 تي انسٽال ڪري سگهبو ۔۔۔ پر اوريجنل ونڊوز 7 تي انسٽال نه ڪرڻ جي صلاح ڏجي ٿي۔۔۔
 
جواب: ڇا توهان کان ونڊوز 8 جي اچڻ جو انتظار نه ٿو ڪيو وڃي۔۔۔ ؟

ادا رشيد تمام سٺو ڪم آهي ۔

پر يار اسان ته اڃان ايڪس پي ۾ ڦاٿا پيا آهيون۔ اوهان جهڙا دوست ونڊوز 7 ۽ 8 جا مزا وٺندا رهندا جيڪا به خوشيء واري ڳالهه آهي۔
 
جواب: ڇا توهان کان ونڊوز 8 جي اچڻ جو انتظار نه ٿو ڪيو وڃي۔۔۔ ؟

ادا اهڙو ڪو سافٽ ويئر ايڪس پي کي ونڊوز 8 يا سيون ۾ ڪنورٽ ڪري؟؟
 
جواب: ڇا توهان کان ونڊوز 8 جي اچڻ جو انتظار نه ٿو ڪيو وڃي۔۔۔ ؟

وڏي ڳالهه آهي ادا رشيد ۔۔۔ ادا اسانجي ليپ ٽاپ ۾ ايترو دم ناهي بس ويچارو ايڪس پي کي ئي مشڪل سان هلائي ٿو۔۔۔۔
 
جواب: ڇا توهان کان ونڊوز 8 جي اچڻ جو انتظار نه ٿو ڪيو وڃي۔۔۔ ؟

ادا بهترين آهي
پر اسان ايڪس پي يوزر آهيون ء ها ايڪس پي کي توهان وندو 7 جو لڪ ڏئي سگهو ٿا
 
Back
Top